عورت جي محنت کي سلام

'سنڌياڻي' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    اڄ هڪ اهڙي پيءُ سان ملاقات ٿئي جيڪو پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ڪمپني ۾ ڪم ڪرائڻ جي لاءِ روز اسٽاپ تي ڇڏي ايندو ۽ روز اسٽاو تان وٺي ايندو هيو.

    مان ان ئي سوچ ۾ هيم ته آخر ان جهوني پيءُ سان ڪيئن ملاقات ڪريان،

    ۽ ڪيئن ان کان احوال وٺان....اڄ ساڳيء ريت هو پنهنجي ڌيئرن کي اسٽاپ تان وٺڻ آيو هيو پر ڪمپني جي گاڏيءَ دير ڪئي هُئي ۽ هي جهونو مڙس پريشان اُداس اسٽاپ تي بيٺو هيو.

    مان به اڄ هڪ دوست سان ملڻ جي لاءِ گهران نڪتس ۽ مونکي به ان اسٽاپ تان ئي گاڏي ملڻي هُئي.

    منهنجي نظر ان ڪُراڙي تي پئي...دل ۾ خيال آيو ۽ نظرون گهڙيءَ طرح ڏسڻ لڳيون مان سوچيس ته ڪُراڙو ته ڇوڪرين کي هن وقت کان اڳ ۾ ئي گهر وٺي ويندو آهي..اڄ هيئر تائين ڪُراڙو اسٽاپ تي ڪيئن.؟

    مان آخر دل ٻڌي ان ڪراڙي جي قريب ويس ۽ ڪُراڙي کان پڇس نهايت ئي ادب سان جهوني سان مخاطب ٿيس دل ۾ ڊپ به هڪ عجيب محسوس ڪيم.

    نوٽ چاچو اردو ڳالهائيدڙ هيو..مان تفصيلي احوال سنڌي ۾ ٿو لکان.


    عاشق؛ توهان هيئر اسٽاپ تي ايڏا پريشان ڇو بيٺا اهيون.
    چاچو؛ منهنجي ڌيئرن اڄ الائي ڇو دير ڪئي آهي.
    عاشق؛ اوهان جو ڌيئرون ڪهڙي ڪمپني ۾ ڪم ڪنديون آهن..؟

    چاچو؛ ڪينڊي لينڊ ۾.
    عاشق؛ هڪ ڳالھ پڇان ناراض ته نه ٿيندا.؟

    چاچو؛ پُڇو.؟

    عاشق؛ اوهان پنهنجي نياڻين کي ڇو ٿا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرايو..ڪهڙي سبب جي ڪري..؟

    چاچو؛ مونکي ڪو شوق نه آهي پنهنجي ڌيئرن کي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرائڻ جو...پر مجبوري آهي...منهنجون نياڻيون ڪمائي هڪ پوڙهو پيءُ ۽ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن کي پڙهائين ٿيون.

    ۽ مونکي فخر آهي پنهنجي نياڻين تي.


    عاشق؛ اوهانکي فخر ڪهڙي ڳالھ جو آهي پنهنجي ڌيئرن تي.؟

    چاچو؛ ڇا هيڏي پهاڙن جيڏي مسئلن سان منهنجو نياڻيون منهن ڏين ٿيون اهو ڪنهن فخر کان گهٽ آهي ڇا.؟

    ايتري ۾ ڪمپني جي گاڏي اچي ٿي چاچو پنهنجي ڌيئرن کي گهر طرف وٺي ٿو وڃي....۽ منهنجي ذهن تي هڪ گهري سوچ ڪجھ رهيل سوال رهجي وڃن ٿا....هن سماج ۾ واقعي ۾ عورت اُها بهادر آهي جيڪا هزارين مسئلن سان منهن ڏئي ٻاهر ڪم ڪرڻ جي لاء نڪري ٿي...ڪا عورت پنهنجي ٻاهر جو پيٽ گذر ڪرڻ جي لاء ته ڪا عورت پنهنجي پوڙي پيءُ ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ ته ڪا عورت پنهنجي بد افعال مڙس جي بد فعل جي ڪارڻ پنهنجي ٻارن جو مستقبل سواري جي لاءِ دل وجان سان محنت ڪري ٿي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عورت جي محنت کي سلام

    ادا عاشق، اسانجو به سلام آهي عورت کي، بيشڪ عورت پنهنجي ڪمزور جسم ۽ خاص ڪري اسانجي سماج ۾ مرداڻي راڄ هجڻ سبب گهڻين مشڪلاتن مان گذري ٿي ۽ ڪئي معرڪا طع ڪري ٿي ۔۔۔ پر جيئن ته لطيف جو بيت آهي؛

    مــاڻهــــــون سڀ نه سهڻــــــا، پکـــــي سڀ نه هنـــــج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بو بهار جي

    بلڪل ساڳيءَ طرح ۽ لطيف جي ان فڪر جي هوبهو، اسانجي سماج ۾ ڪي عورتون ۽ ڪي مرد ته اهڙا آهن جن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ چئبي ۽ وري ڪي اهڙا ته شيطان آهي جو انهن جي پاڇي کان توبهه ڪجي ٿي ۔۔۔

    عورت، انسانذات جو بنياد آهي، جيئن زمين کان بغير ڪنهن فصل جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي بلڪل ساڳيءَ طرح مرد جو تصور عورت کان بغير ٿي ئي نٿو سگهي ۔۔۔ جيئن گل کان بغير خوشبوءَ جو تصور ممڪن ناهي تيئن ئي عورت کان بغير سماج جو، جيئن سج کان بغير روشنيءَ جو تصور اڌورو آهي، تئين ئي عورت کان بغير اسانجي سماج جو مڪمل ٿيڻ ممڪن ٿيندو۔

    باقي عورت محنت ڪري ٿي، مرد محنت ڪري ٿو ۔۔۔ اها ٻنهي جي ذميواري به آهي ته فرض به ۔۔۔ هاڻ ڪي ماڻهون جڏهن ذميواريون يا فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪنٿا ته اسين انهن کي تعريف جي نظرن سان ڏسون ٿا۔ بيشڪ انهن کي ساراهڻ گهرجي ۔۔۔

    باقي هڪ ڳالهه گوش گذار ته شروعات دور کان جڏهن انسان شڪار ڪري کائيندو هو ۽ جهنگلي زندگي گذاريندو هو ان وقت ۾ عورت زراعت جو بنياد وڌو هو ۽ سو ائين کڻي چئجي ته اهو سلسلو ابد کان آهي ازل تائين هلندو ۔۔۔

    باقي اوهانجي حساس طبيعت عورتن جي باري ۾ ساراهڻ جوڳي آهي ۔۔۔ آخر عاشق جو آهين!!!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عورت جي محنت کي سلام

    ادا عاشق سلام

    عورت جي عظمت کي سلام آهي۔ خبر ناهي ڇو اسان جي معاشري ۾ عورت لاء ڪم ڪرڻ ڏکيو ته ڇا ڪٺن ٿي پيو آهي۔ زندگيء جي هر ضرورت مرد سان گڏ عورت کي به پوري ڪرڻي پوي ٿي۔

    سلام آهي انهن عورتن کي جيڪي پنهنجي والدين ۽ پنهنجي ننڍن ڀائرن يا ڀينرن جي ڀلي لاء محنت ڪري زندگيء جون ضرورتون پوريون ٿيون ڪن۔

    عورت جي عظمت ۽ سندس جفاڪشيء کي لطيف سرڪار ته گهڻو ساراهيو آهي، ڪڏهن مارئي ته ڪڏهن سهڻيء ته ڪڏهن سسئي جي روپ ۾، ڪڏهن مومل ته ڪڏهن موکيء جي روپ ۾۔ پر پوء به هي معاشرو خبر ناهي ڇو عورت کي عجيب نظرن سان ٿو ڏسي۔

    لک قرب اهڙي بهترين شيئرنگ تي عاشق کي سلام
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: عورت جي محنت کي سلام

    ادا مون کي خبر آهي ادو سليمان هجي يا سائين نثار ناز هجي (جيڪو پڻ ڇڙڻ جي لسٽ ۾ آهي ) يا عاشق مجبور هجي عورت جي عظمت کي سلام ته ڪندا جي سلام نه ڪندا ته گهر ۾ ماني ڪيئن ملندن هههههههههه
    ادا تمام بهترين ونڊ آهي ادا عاشق مهنجي خيال ۾ ته مرد عورت بنا اڌرورو آهي ان ڪري ئي ئي سياڻن چيو آهي ته هر مرد جي ڪاميابي ۾ عورت جو هٿ هوندو آهي ۔۔۔۔
    باقي ادا وري ان اسٽاپ تي نه وڃجان ڪٿي ڪراڙو ۔۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ جهونا خطرناڪ هوندا ٿي هههه
     
  5. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: عورت جي محنت کي سلام

    واقعي ادا عاشق
    عورت جي عظمت کي سلام آ
    پر يار توکي به سلام آ جو دل ٻڌي وڄي ڪراڙي کان
    حقيقت جو احوال ورتئي مهرباني ادا ونڊ ڪرڻ جي
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: عورت جي محنت کي سلام

    اري علي علي پهريان ٻڌو هيون سين ته جهونو مڙس آهي علي ظفر پر يار هاڻي ته اکين سان ٿا ڏسو.
    سائين نثار ناز کي مون کان به وڏا پُٽ آهن...ڪجھ آهستي ڳالهاءِ با.​
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت جي محنت کي سلام

    ادا عاشق بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو