پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    مون پنهنجي مصروفيتن سبب شاعري جي ڊزائن وارو ڪم تقريبن ختم ڪري ڇڏيو هو۔ ان جو هڪ سبب سائين نثار ابڙو جي دل به هئي۔ اسان جي چونڊ شاعريء تي سائين جي دل جي رفتار ڪجھ گهڻو وڌي ويندي آهي تنهنڪري اهو خيال ٿيندو آهي ته ڪٿي وري نه سائين وڃي اسپتالن جا چڪر هڻندو رهي۔ ٻيو سبب هو گهڻن ئي دوستن جي خوبصورت ڊزائن۔ جڏهن مان هي ڪم شروع ڪيو هو ته سنڌي شاعري جي ڊزائننگ ڪرڻ وارا گهٽ هئا پر هاڻي ماشاء الله گهڻا ئي دوست بهترين ڪم پيا ڪن جيئن اسان وارو عاشق سولنگي به لاجواب ڪم پيو ڪري جيڪا وڏي خوشيء جي ڳاله آهي۔

    شاعريء جي عالمي ڏينهن تي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ تي سائين هدايت بلوچ لفظ پيار تي هڪ بهترين شاعري ونڊ ڪئي هئي ۽ فرمائش به ڪئي هئي ته ان جي ڊزائن ڪو دوست ڪري ونڊ ڪري ته واھ واھ۔ ان پيار جي شاعري کي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪا خاص سهڻي ڊزائن نه ٺاهي سگهيو آهيان۔ پر خوبصورت شاعري دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]


     
    پيار ڪر پيار ڪر
     سوچ ويچار ڪر
     ڪين انڪار ڪر
    پيار ڪر پيار ڪر
     
     پيار ماکين مٺو
    پيار مصرين ڳڙيون
     وير ِوھ جون وٽيون
     پيار موتين لڙيون
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر
    پيار ڪر پيار ڪر
     
     پيار مسلم سان ڪر
     پيار هندو سان ڪر
     پيار ڀنگي سان ڪر
    پيار چُهڙي سان ڪر
    ڇو ته سڀ جي رڳن ۾ آ رت ساڳيو
    ڇو ته سڀني جي سيني ۾ ساڳي آ دل
    رت جا رشتا اهي
     دل جي ڌڙڪن اها
     دل اندر حسرتون ساڳيون ساڳيون
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
     
     هن ڌرتي جي سيني تي ڪاٿي به جي
    ڪنهن ڏکايل جي نيڻن مان ڳوڙها اڙهيا
     پوءِ تونگر هجي يا گداگر هجي
     تن جي ڳوڙهن ۾ ساڳي ئي ڳنڀيرتا
     تن ۾ ڏک ساڳيو تن ۾ پيڙا اها
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
     
     پيار گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ آ
     پيار پرڀات جو ڪوئي آلاپ آ
     پيار سسئي ۽ سهڻي جو ورلاپ آ
     پيار کي ڏيڻ پٺي هڪ وڏو پاپ آ
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر
     
     پيار قدرت اٿئي
    پيار فطرت اٿئي
     پيار امرت اٿئي. پيار راحت اٿئي
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر . پيار ڪر پيار ڪر

     
  2. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    پيار ماکين مٺو
    پيار مصرين ڳڙيون
    وير ِوھ جون وٽيون
    پيار موتين لڙيون
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر
    پيار ڪر پيار ڪر
    تمام خوبصورت شاعري سائين هدايت بلوچ جي ۽ تمام بهترين ڊزائين اوهانجي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    مهرباني ادا

    واقعي بهترين شاعري آهي سائين هدايت بلوچ صاحب جي
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر


    پيار ڪر پيار ڪر
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر
    پيار ڪر پيار ڪر

    خوبصورت شاعري ۽ بھترين ڊزائين ادا سليمان اوھان جي
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    محترم سليمان وساڻ صاحب۔۔۔تمام بهترين اسان ته بس اڃان سکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا اهيون۔
    مان جڏهن کان سنڌسلامت جوائن ڪئي آهي۔۔۔اهو شاعري ڊزائين جو ڀوت مٿي تي سوار ٿي ويو آهي۔۔باقي سنڌ ۽ حسن واري شاعري ته مان ننڍي هوندي کان پڙهندو هيس۔
    هي ڊزائين به اوهان جي من آهي سائين۔​
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    هن ڌرتي جي سيني تي ڪاٿي به جي
    ڪنهن ڏکايل جي نيڻن مان ڳوڙها اڙهيا
    پوءِ تونگر هجي يا گداگر هجي
    تن جي ڳوڙهن ۾ ساڳي ئي ڳنڀيرتا
    تن ۾ ڏک ساڳيو تن ۾ پيڙا اها
    سوچ ويچار ڪر
    ڪين انڪار ڪر، پيار ڪر پيار ڪر


    ادا سليمان سائين هدايت بلوچ جي بامعنئ ۽ سٺي شاعري کي ڊيزائن ڪري هن اوطاق تي اجاگر ڪرڻ جو توهان جو عمل ڏاڍو سٺو آهي۔مٿين لائينن ۾ وڏي رمز لڪل آهي۔ان کي جنهن سمجهو ته هو پيار جي دنيا جو پائندڙي ٿي پوندو۔
     
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    زبردست شاعري سان گڏ بهترين ڊيزائن به
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    ادا مهرباني

    سائين هدايت جي شاعري بلڪل پنهنجو مَٽ پاڻ آهي
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    ادا عاشق مهرباني

    سچ پڇين ته يار تمام بهترين ڪم پيو ڪرين جنهن جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي آهي۔ اها سٺي ڳالھ آهي جو اوهان سنڌ ۽ سنڌي شاعرن کي پيا سجايو۔ باقي نيٽ تي انڊ شنڊ ڳالهيون يا ابتي سبتي چيٽ ۽ ڪوڙيون آئي ڊي ٺاهي چيٽ ڪرڻ اها سڀ بڪواس ٿي لڳي ۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    سائين ميمڻ صاحب لک ٿورا

    هدايت بلوچ سنڌ جو سهڻو شاعر هئڻ سان گڏ شفيق انسان پڻ آهي۔ سندس رڳ رڳ ۾ پيار سمايل آهي، ڳالهائڻ جو انداز پيارو ۽ وڻندڙ ۽ سندس شاعري به نفيس۔

    واقعي مٿين شاعري ۾ هڪ رمز ۽ هڪ پيغام سمايل آهي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    مهرباني پيارا
     
  12. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    سائين ڪوڙيون ڳالهيون ۽ ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهڻ صرف ٽائيم جو زيان آهي،،،پاڻ‌انهن ڪمن کان ڪجھ پاسيرا آهيون۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    يار عاشق باقي هڪ ڳالھ ضرور آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي هڪ اڌ جملو لکي ميلو مچائي ڇڏڻ به ڪو اوهان کان سکي ۔۔۔۔۔
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    سائين تمام بهترين خوبصورت ونڊ .
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    ادا گلال مهرباني
     
  16. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    لڳي وئي دل جي بيماري ڏسي رهجي ته ڇا ٿو ٿئي

    واه سائين لاجواب ۔
    بهترين شاعريء کي تمام سٺي ڊزائين ڪئي اٿو

    ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا قرب ڪندا ڪريو سائين نثار کي آهي ئي دل جي بيماري اها ته صرف اهڙي شاعريء سان ئي ٺيڪ ٿيندي آهي ان ڪري اهڙ ا ونڊجاري رکو۔۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    ڀاء عرس خوش هجو شال

    اوهان جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار بلڪل ٺيڪ آهي ۽ هن کي ڪنهن قسم جي ڪا بيماري ڪانهي پر اهڙا شعر پڙهي سندس ڪيفيت اهڙي ٿيندي آهي جو واپس سچل ڳوٺ اچي پهچي ۔۔۔۔۔۔۔ جيئن اوهان ادا طاهر کي هر دفعي ڳوٺ ٿا ڀڄايو۔

    انشاء الله ڪوشش ڪبي ته دوستن سان اهڙي شيئرنگ ڪجي پر يار وقت صفا گهٽ پيو ملي ۽ سنڌ سلامت تي به کوڙ ليک ٿا اچن جن کي پڙهڻ ۽ جواب ڏيڻ به هڪ ذميواري آهي۔
     
  18. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    تمام بهترين ونڊ سائين۔۔۔
    مهربانيون
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ڪر پيار ڪر، سوچ ويچار ڪر

    تمام گهڻي مهرباني پسند ڪرڻ جي

    ڪجھ ڏينهن کان اوهان جي شيئرنگ ڪونه آئي آهي يا مان مصروف آهيان ۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو