هڪڙي نيڪ صلاح

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ عبدالقيوم سڪندري طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. عبدالقيوم سڪندري

    عبدالقيوم سڪندري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ننگرپارڪر
    سائين السلام عليڪم
    اسان جي سونهاري سنڌ صوفين ۽ درويش جي ڌرتي آهي ، جنهن ۾ قلندر شهباز، شاه صدرالدين لڪياري، مخدوم محمد اسماعيل پريالوي، شاه عبداللطيف ڀٿائي، پير سائين پٽ ڌڻي ، پير سائين روضي ڌڻي ، پير سائين تجر ڌڻي ، پير سائين بنگلي ڌڻي ، پير سائين محافي ڌڻي ،پير سائين ڪوٽ ڌڻي، پير سائين تخت ڌڻي ،پير سائين سورهيه بادشاه، مخدوم سرور نوح، مخدوم محمد زمان، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، خليفو محمود فقير ، سچل سرمست، شاه عنايت ، سعدي موساڻي، مخدوم بلاول ، حاجي فقير الله علوي ، ٻڍل فقير، حمل فقير، جيئي شاه سکروارو، خليفو نبي بخش، غازي غلام حيدر ، عبدالله فقير ڪاتيار، مصري شاه ، وتايو فقير، ملا ڪاتياري، مٺا سائين، اڏيرو لعل ، غلام شاه لڪياري، راضي شاه لڪياري، صوفي فقير، منٺار فقير راڄڙ، عبدالله شاه غازي ، راڻي پور ، گمبٽ ، گهوٽڪي ، نورائي ، ڪامارو جا جيلاني سادات، مڪلي ، مٽياري، روهڙي جا بزرگ ، سرهندي پير، ٻيا کوڙ سارا قادري ۽ نقشبندي سلسلن جا نالا آهن ، جن پنهنجي زندگي خالق ۽ مخلوق جي حوالي ڪئي ، سنڌ سلامت ۾ هڪڙو مخصوص فورم انهن لاءِ رکجي ته واسطيدار ماڻهو انهن بزرگن جي معلومات پڙهندڙن تائين پهچائن. ان سان گڏ سنڌ ۾ ۽ سنڌي ماڻهن طرفان هلايل تحريڪن جو به اسپيس ڇڏجي ته بهتر رهندو. منهنجو مشورو آهي ، توهان راز جا راڻا آهيو.
    عبدالقيوم مهر
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪڙي نيڪ صلاح

    توهان جي صلاح تمام بهترين ۽ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي۔۔۔ ان سلسلي ۾ باقي دوستن جا مشورن جو پڻ انتظار ڪبو ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته هتي هر مڪتبه فڪر ۽ سوچ ۽ عقيدت رکندڙ رڪن ڀيرو ڀريندو آهي ۔۔۔ لکڻيون جيڪڏهن حوالي سان موڪلجن ته ڪو هرج نه آهي ۔۔۔
    محترم سائين ان سلسلي کي مچائڻ به توهان جهڙن مهربانن جو ڪم آهي۔۔۔ ان ڪري في الحال توهان پنهنجا موضوع اسلامي شخصيتن ۾ موڪليو ۔۔۔ جيڪڏهن موضوعن ۾ اضافو ۽ دوستن جي دلچسپي شامل رهي ته هن سيڪشن کي عليحده ڪيو ويندو۔۔۔
    توهان جا مشورا ئي اسان جي رهنمائي آهن۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم ڀاءُ ذيشان رشيد جن کي گذارش آهي ته مٿي ڄاڻايل بزرگن جي مختصر سوانح سندن نثر ، بيتن ۽ وائين سان گڏ هن ناچيز ۽ ڪجھ ٻين دوستن پاران سنڌي ۽ اسلامي شخصيتون ۾ جمع ڪئي وئي آهي ، هاڻي انھ ڳالھ جي ضرورت آهي انهي معلومات کي سهيڙي هڪ سب فورم تصوف نالي جوڙيو وڃي جيئن لاڳاپيل دوست لاڀ حاصل ڪري سگهن ۽ تصوف تي مبني مواد پڻ هڪ ئي جاءِ تي جمع ڪري سگهن وڌيڪ جيئن سنگت جي صلاح
    عبدالقيوم سڪندري عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم سليمان وساڻ رحيم بخش نثارابڙو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سٺي ڳالهه اهي سائين ان سيڪشن جو اضافو ٿيڻ گهرجي

    الڳ سيڪشن سان دوستن کي موضوع ڳولهڻ م سهولت ملندي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ان متعلق سائين ذيشان رشيد ۽ سليمان وساڻ جي جواب جو انتظار آهي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٿي ذڪر ڪيل سڀ شخصيتون اسان جي سونهاري سنڌ جون شخصيتون آهن ۽ ان حوالي سان سنڌي شخصيتن جي ڪيٽيگري موجود آهي. ان ۾ اهي ليک موڪليا وڃن.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    حمايت م ووٽ ڏجي ٿو، تصوف جو هڪ سيڪشن هئڻ گهرجي، ته جيئن نفس جي پاڪائي جي راه ملي، پر وري به جادوگر واري ڳاله ته قرآن ۽ حديث کان باهر جي ڪا ڳاله يا بغير حوالي جي نه هجي. تمام سهڻي صلاح..
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو