گهر شماريءَ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ تماشو!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]نوٽ؛ سنڌ سلامت جي رڪن دوست سائين رسول بخش دائود پوٽه صاحب جن پنهنجي فيسبڪ تي هي هڪ مضمون ونڊ ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ گهر شماري دوران سنڌ ۽ وفق جي انتظامي مشينري ڪيتري نااهل ۽ ناڪاره آهي ۔۔۔ جنهن جا مثال ملڻ مشڪل ئي نه ناممڪن آهن؛ پاڻ پڙهو ؛
    **************************
    گهر شماريءَ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ تماشو!
    اختيار کوکر

    سنڌ ۾ نئين آدمشماريءَ لاءِ هلندڙ گهر شماريءَ واري پهرين مرحلي کي خير سان ست ڏينهن پورا ٿيا آهن. اهو مرحلو اڃا 19 اپريل تائين هلڻو آهي. گهر شماري نئين آدمشماري واري عمارت جي پيڙهه آهي، جنهن تي سڄي عمارت جي اڏاوت ٿيڻي آهي، جيڪڏهن هن مرحلي ۾ ڪوتاهيون، بي قاعدگيون ۽ بدانتظاميون ٿيون ۽ گهر ۽ ٻيون اڏاوتون ڳڻپ کان رهجي ويون ته آدم ڳڻپ واري ٻئي ۽ اصل مرحلي ۾ انهن گهرن ۽ اڏاوتن ۾ رهندڙ ماڻهو پڻ ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جا امڪان وڌي ويندا. گهر شماريءَ واري پهرين مرحلي دوران ئي بدانتظامين، بي قاعدگين ۽ ڪوتاهين جا انبار لڳي ويا آهن. ٻيو ته ڇڏيو پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ پيپلز پارٽيءَ جي آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جي انچارج تاج حيدر گذريل ڏينهن هڪ پريس بيان جاري ڪري آدمشماري ۽ گهر شماري ڪندڙ سرڪاري ادارن جي ناڪاميءَ تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي. هن چيو آهي ته هر ضلعي ۾ آدمشماريءَ جي نگراني لاڳاپيل ڊي ڊي او روينيو کي ڪرڻي آهي پر ڪراچيءَ ۾ اهو ڪم ڊي ڊي او روينيو جي دفترن بدران هڪ مخصوص سياسي پارٽيءَ جي سيڪٽر ۽ يونٽ آفيسن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ گهر ڳڻپ ڪندڙ عملي سان گڏ ان ۾ سياسي ڌر جا ڪارڪن ۽ يونٽ انچارج پڻ ميدان ۾ لٿل آهن. جيڪي ڳڻپ ڪندڙ سرڪاري عملي کي هدايتون ۽ حڪم ڏئي رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ سان همدردي رکندڙ ماڻهن جي آبادين ۾ ڪيترين ئي گهڻ ماڙ عمارتن کي صرف هڪ شمار نمبر ڏنو پيو وڃي ته وري آدمشماري عملي مٿان حڪم هلائيندڙ مخصوص پارٽيءَ سان همدردي رکندڙن جي علائقن ۾ هڪ گهر واري اڏاوت کي به هڪ کان وڌيڪ نمبر ڏنا پيا وڃن. ساڳي طرح مخصوص پارٽي جي علائقن ۾ خالي پلاٽن کي به شمار نمبر ڏنا پيا وڃن ته ٻئي پاسي وري حڪمران جماعت سان همدردي رکندڙن جي وسندين ۽ ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين ۾ ڪيترائي آباد گهر ڳڻپ هيٺ ئي نٿا آندا وڃن. جڏهن ته انهن وسندين ۽ ڳوٺن سان ئي لڳ ٻي آباديءَ وارن گهرن کي هڪ کان وڌيڪ نمبر ڏنا پيا وڃن.

    پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽريءَ وڌيڪ چيو آهي ته هن صوبائي سينسس ڪمشنر کي لکت ۾ چيو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ هڪ مخصوص سياسي ڌر جي هٿياربندن جي دٻاءُ هيٺ آدمشماريءَ واري عمل ۾ ٿيندڙ انهن بي قاعدگين جو نوٽيس وٺي، نه ته آدمشماريءَ جو پهريون مرحلو بي معنيٰ رهجي ويندو. هن اهو پڻ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن گهر شماري ۽ آدمشماريءَ ۾ ٿيندڙ اها هٿ چراند بند نه ٿي ته عوام وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچندو ته آدمشماريءَ واري سڄي عمل کي رد ڪري ڇڏين.

    هونئن ته سڄي سنڌ مان اهي دانهون پيون اچن ته گهر ڳڻپ لاءِ عملو ناهي پهتو. گهڻن گهرن وارن ويڙهن ۽ ڪوٽن ۽ گهڻ ماڙ عمارتن کي به هڪ شمار نمبر ڏنو پيو وڃي. هڪ ئي ڳوٺ ۽ پاڙي جي هڪڙن گهرن کي ڳڻيو پيو وڃي ته ٻين کي ڇڏيو پيو وڃي. ڌاڙيلن جي قهري ڪارروائي ۽ قبائلي جهيڙن سبب صوبي جي اترين علائقن جي تقريبن سڀني ضلعن جا هزارين ڳوٺ ۽ وسنديون آدمشماري عملي لاءِ نو گو ايريا بنيل آهن. عملي وٽ ڪيئي سال پراڻا ٺهيل نقشا ۽ چارٽ آهن، جن مان ڪيترائي ڳوٺ ۽ پاڙا غائب آهن، وغيره وغيره. پر جڏهن حڪمران جماعت جو صوبائي جنرل سيڪريٽري، ترجمان ۽ صوبي ۾ آدمشماريءَ جي سرگرمين کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو سربراهه پاڻ آن دي رڪارڊ اعتراف ڪري وٺي ته صوبي جي گاديءَ واري شهر ۾ گهر شماريءَ ۽ آدمشماري کي مخصوص ڌر جي هٿياربندن، سيڪٽر ۽ يونٽ انچارجن يرغمال بڻائي ورتو آهي ۽ سڄي عملي کي ناڪام قرار ڏيندي رد ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏي ته پوءِ ان کي حڪومت جي ناڪامي قرار نه ڏجي ته ڇا چئجي؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا آدمشماري کي صاف ۽ شفاف بنائڻ ۽ انتظامي حوالي سان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ان سڄي عمل ۾ حڪومت ۽ خاص ڪري صوبائي حڪومت کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا قانون موجب صوبائي حڪومت وٽ ان سڄي معاملي کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ لاءِ ڪي به اختيار حاصل ڪونهن، جو اهي اختيار استعمال ڪرڻ ۽ آدمشماريءَ کي ڪنهن مخصوص ڌر هٿان يرغمال بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ بدران احتجاج ۽ آدمشماري رد ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو پيو وڃي؟

    هاڻي اچو ته ڏسون ته آدمشماريءَ وارو قانون ڇا پيو چوي ۽ سنڌ ۾ ان تي ڪيترو عمل ٿي رهيو آهي. سينسس آرڊيننس 1959ع جي باب ٽين جي شق نمبر 3.3 جو عنوان آهي ”صوبائي حڪومت جو ڪردار“. ان شق ۾ چيو ويو آهي ته The role of Provincial Governments in census taking process is extremely important as the census is conducted and supervised through their staff. The field staffs are mainly drawn from the provincial Governments Employees such as Teachers, Revenue Staff and other employees of local Government Departments. These Provincial Government employees shall be deployed as supervisors and enumerators in the areas to which they belong and where they are well accepted by the community and have no communication problem. The respondents will also feel free in giving information pertaining to their families to these local enumerators.

    ان شق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پاران جوڙيل آدمشماري پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ صوبائي چيف سيڪريٽري اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ان ڏس ۾ ڊي سي اوز، ڊي اوز روينيو ۽ آدمشماريءَ سان لاڳاپيل ٻين ادارن کي سموريون ضروري هدايتون صوبائي چيف سيڪريٽريءَ جي دفتر مان جاري ٿينديون. صوبي اندر آدمشماريءَ واري سڄي عمل کي هلائڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ هڪ صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ويندي، صوبائي حڪومت جي سڀني لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا ۽ صوبائي سينسز ڪمشنر پڻ ان ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سيڪريٽري هوندو. قانون ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت جي مڪاني ادارن واري کاتي يا سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سيڪريٽريءَ کي صوبائي آدمشماري ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويندو، جيڪو آدمشماري کاتي ۽ چيف سيڪريٽريءَ پاران وقت بوقت جاري ٿيندڙ هدايتن تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار هوندو. قانون ۾ صاف چيو ويو آهي ته آدمشماري عملي جي مقرريءَ کان وٺي ان آپريشن جي مڪمل ٿيڻ تائين ٿيندڙ سمورين سرگرمين سنڀالڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. صوبائي حڪومت جي ذميواري صرف گهر شماري ۽ آدمشماريءَ لاءِ عملو فراهم ڪرڻ نه، پر ان کي به يقيني بنائڻو آهي ته ڳڻپ عملو اهڙو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو علائقي جي مقامي ماڻهن لاءِ قابل قبول هجي، جيئن ماڻهو پاڻ ڳڻائڻ دوران ان عملي جي پنهنجي گهر، خاندان ۽ ڪاروبار بابت ڪا ڄاڻ ڏيڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪن. صوبائي حڪومت کي اها سڄي سرگرمي چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ ذريعي ٿيڻي آهي.

    سنڌ حڪومت ٽي سال اڳ 9 اپريل 2008ع تي هڪ نوٽيفڪيشن نمبر SO (C-IV) SGA and (D)/4-16/08 جاري ڪري چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ صوبائي آدمشماري ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي. انهيءَ ڪميٽيءَ ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ترقيات، مڪاني ادارن، تعليم ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتن جا سيڪريٽري، صوبائي پوليس سربراهه (آءِ جي)، ڊائريڪٽر ملٽري لينڊس اينڊ ڪينٽونمينٽ، ڊي سي او ڪراچي، صوبائي سينسز ڪمشنر ۽ هڪ غير سرڪاري خاتون ميمبر شامل آهن. سينسز ڪمشنر ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها ڪميٽي ايندڙ آدمشماري جا اعتبار جوڳا نتيجا ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي پئي وڃي. نوٽيفيڪشن موجب آدمشماري عملي جي مقرري، تربيت، ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ۽ ويجيلنس ٽيمون جوڙڻ، ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ، سينسز فارم ۽ ٻيو سامان محفوظ طور هيٺ تائين پهچائڻ، آدمشماري کاتي جي اسلام آباد واري هيڊ آفيس مان ايندڙ هدايتن تي صوبي اندر عمل ڪرائڻ ڪميٽي جي ذميوارين ۾ شامل آهن.

    پر آدمشماريءَ ۾ حڪومت جي دلچسپيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر گهر شماريءَ جو عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ صوبي ۾ آدمشماريءَ جي نگرانيءَ ۽ انتظامي ڪنٽرول لاءِ چيف سيڪريٽريءَ جي سربراهيءَ ۾ قائم ٿيل صوبائي ڪوآرڊينينشن ڪميٽيءَ جي هڪ به گڏجاڻي ناهي ٿي سگهي. اهو سوال مون سنڌ جي چيف سيڪريٽري عبدالسبحان ميمڻ کان پڻ ڪيو. هن جواب ڏنو هو ته، صوبي اندر آدمشماري واري سڄي سرگرمي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. ان لاءِ هن ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊي سي اوز ۽ ڊي پي اوز جون گڏجاڻيون ڪري کين ضروري هدايتون پڻ ڏنيون آهن. ان کانسواءِ گهر شماريءَ جي سرگرمين کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ مانيٽرنگ سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. هن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان صوبائي سينسز ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ڇو نه ڪوٺائي آهي؟ هن چيو ته ان ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي پڻ جلد ڪوٺائي ويندي. هن کان سوال ڪيو ويو ته صوبائي سينسس ڪوآرڊينيٽر ڪير آهي؟ هن ٻڌايو ته، مڪاني ادارن واري کاتي جو سيڪريٽري سنڌ حڪومت پاران فوڪل پرسن ۽ ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيل آهي. حڪومت پاران نوٽيفاءِ ڪيل صوبائي سينسز ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي اهم ميمبر ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ترقيات محمد اسحاق لاشاريءَ کان جڏهن ڪميٽيءَ جي سرگرميءَ بابت پڇيو ته هن وراڻيو ته سرگرمي وري ڪهڙي اڃا تائين ڪميٽيءَ جي ڪا گڏجاڻي ئي ڪو نه ٿي آهي. ٻئي طرف حالت اها آهي جو مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري جو عهدو گذريل ٻن هفتن کان خالي آهي. حڪومت ان عهدي جي اڃا ڪنهن کي چارج به ناهي ڏني.

    هاڻي ٻڌايو ته جڏهن صورتحال اهڙي هجي جو آدمشماريءَ ۽ گهر شماريءَ واري سڄي آپريشن کي هلائڻ ۽ انتظامي ڪنٽرول لاءِ قائم ڪيل صوبائي سطح جي اعليٰ ترين ڪميٽيءَ جي ڪابه گڏجاڻيءَ نه ٿئي ۽ آدمشماري کاتي ۽ سنڌ حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار قرار ڏنل صوبائي ڪوآرڊينيٽر جو ڪو به اتو پتوئي نه هجي ته پوءِ ڪهڙو ڪم ٿيندو ۽ ڪهڙو انتظامي ڪنٽرول رهندو. گهر شماريءَ ۽ آدمشماريءَ کي يرغمال بڻائي وٺڻ وارن کان ڪير پڇاڻو ڪندو. ڳڻپ عملي لاءِ صوبي جي اترين ضلعن ۾ ڳڻپ عملي لاءِ نوگو ايريا بڻيل علائقن ۾ عملي کي پهچائڻ جو بندوبست ڪير ڪندو؟ آدمشماري عملي خلاف عوام جي شڪايتن جي لڳل انبار جو ازالو ڪير ڪندو؟ ڇا ان سڄي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ اڪيلي صوبائي سينسز ڪمشنر جي ذميواري آهي؟ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته نور محمد لغاري شوگر ۽ بلڊ پريشر جو مريض هجڻ جي باوجود شڪايتن جي ازالي لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيو آهي. پر سياسي، سماجي پيچيدگين ۽ بدامنيءَ جي ور چڙهيل سنڌ جهڙي صوبي ۾ آدمشماريءَ واري وڏي ٽاسڪ کي ڪامياب بنائڻ ڪنهن هڪ ماڻهو اڪيلي آدمشماريءَ کاتي جي انتظاميا جي وس جي ڳالهه ئي ناهي. آدمشماريءَ کاتي جي انتظاميا جيڪا تياري ڪئي ۽ گهر شماريءَ وارو پهريون مرحلو صوبي اندر شروع ڪرائي ڏنو، اهو به سڀني جي سامهون آهي. حالت اها آهي جو سال 2007ع ۾ تيار ٿيل نقشا ۽ چارٽ 2011ع واري گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. ڳڻپ ۽ سپروايئزنگ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڏنل عملي کي هنن تربيت ڏني ۽ فيلڊ ۾ مقرر ڪري ڇڏيو. پر جڏهن ڪم شروع ٿيو ته خبر پئي ته خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ سڄو معاملو هڪ لساني تنظيم جي ڪارڪنن جي هٿ ۾ هليو ويو آهي ۽ صوبي جي ٻين علائقن لاءِ مقرر ڪيل عملي جي تربيت جي حالت اها آهي، جو جنهن ويڙهي ۽ ڪوٽ ۾ 50 گهر اڏيل آهن ته اتي به هو هڪ نمبر ڏئي هليا ٿا وڃن. عملي لاءِ نو گو ايريا بڻيل علائقن ۾ عملي کي پهچائڻ جو ڪو به بندوبست ناهي ٿي سگهيو. جيڪڏهن قانون موجب جڙيل اعليٰ ادارا پنهنجون ذميواريون ادا نه ڪندا ۽ سڄي آپريشن جو بار هيٺين آفيسرن جي سر تي وڌو ويندو ته پوءِ انڌير نگري ۽ بدانتظامي وارو اهڙو ئي ماحول پيدا ٿيندو، جهڙو هن وقت سنڌ ۾ موجود آهي، جو حڪمران پارٽي جي قيادت پڻ هن سموري عمل ۾ ٿيندڙ غير قانوني هٿ چراند خلاف دانهڻ شروع ڪيو آهي. ڇا سنڌ حڪومت کي اها ڄاڻ ڪونه هئي ته 5 اپريل کان صوبي ۾ گهر شماريءَ وارو عمل شروع ٿي رهيو آهي ته پوءِ اڳواٽ ئي صوبائي حڪومت ان جو نوٽيس ڇو نه ورتو ۽ صوبي جي مالي ۽ سياسي مفادن سان لاڳاپيل هن وڏي ٽاسڪ کي ڪامياب ڪرڻ جي تياري ڇو نه ڪئي وئي؟ حڪومت جون سڀ لاڳاپيل اختياريون ڇو ستل رهيون؟

    آدمشماريءَ جي قانون جي شق نمبر 5.7 ۾ ڳڻپ عملي (اينيومريٽرن) جي ڀرتيءَ جو طريقو ۽ ضابطا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڳڻپ عملو ساڳي علائقي جو هوندو. اهي سٺي ساک ۽ ان ڪم لاءِ ارپيل جذبو رکندڙ هوندا. اهي صاف ڪردار وارا پڙهيل لکيل سمجهدار ماڻهو هوندا، جيڪي قانون موجب ڪم لاءِ ڏنل هدايتن کي سمجهي ان تي عمل ڪري سگهندا هجن. هاڻي ٻڌايو ته جڏهن ڪراچي ۾ شهري حڪومت جي ادارن جا 15 سئو ماڻهو گهر ڳڻپ لاءِ مقرر ڪيا ويا، ان جي منظوري صوبائي حڪومت جي ڪهڙي اختياري ڏني؟ ڇا اهو ڏٺو ويو ته انهن ماڻهن مان ڪيترا ڪنهن ڌر جا ڪارڪن آهن يا جن علائقن لاءِ انهن کي مقرر ڪيو پيو وڃي، انهن علائقن جا رهواسي انهن تي اعتبار ۽ اعتماد ڪندا؟

    جيڪڏهن واڳ ڌڻي پاڻ واڳون نه سنڀاليندا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو ته جنهن کي جيڪو وڻندو، اهو سو ڪندو. جيڪڏهن ان آپريشن جي تياري کي صوبائي حڪومت جون لاڳاپيل اختياريون قانون موجب پاڻ ڪنٽرول ڪن ها ته شايد ائين نه ٿئي ته ڪراچي جي سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ علائقن ۾ گهر ڳڻپ لاءِ اهڙو عملو مقرر ٿي وڃي ها، جنهن تي مقامي ماڻهن جو اعتبار ڪونهي. ڪراچي جهڙي شهر جتي رتوڇاڻ هلندڙ آهي ۽ هتي رهندڙ مختلف ڌرين ۾ اعتبار ۽ اعتماد جي شديد کوٽ آهي، اتي گهر ۽ آدم ڳڻپ لاءِ ويندڙ ڪنهن اوپري عملي کي ماڻهو پنهنجي گهر ۽ ڪاروبار جا سمورا تفصيل ڪيئن ٻڌائي سگهندا يا ڪنهن مخالف سياسي ڌر جي پٺڀرائي رکندڙ اوپرن ماڻهن کي هو پنهنجي وسندين ۽ پاڙن ۾ داخل ڇو ڏيڻ ڏيندا، جنهن ڌر سان تڪرار هلندڙ آهن؟

    ان ڪري ڪراچيءَ ۾ آدمشماري ۽ گهر شماريءَ جي حوالي سان صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جهڙي بڻجي وئي ۽ تاج حيدر جو خدشو درست آهي ته ماڻهو ان گهر شماري کي رد ڪري سگهن ٿا. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن هن ڀيري به آدمشماري نه ٿي سگهي ته ڪنهن جو نقصان ٿيندو. آدمشماري نه ٿيڻ يا ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ پڻ سڀ کان وڏو نقصان سنڌ جو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ملڪ اندر ٿيل سڀني آدمشمارين جي انگن اکرن موجب سنڌ جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ اچي رهي آهي ۽ سنڌ لڏي ايندڙ ۽ ٻين علائقن، صوبن جي ماڻهن جو بار مسلسل صوبو برداشت ڪري رهيو آهي. آدمشماري جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت کان صوبن وچ ۾ آباديءَ جي بنياد تي مالي وسيلن جي ٿيندڙ ورڇ ۾ صوبن کي وڏو فائدو رسي سگهي ٿو. ان ڪري سمورين سنڌ مخالف ڌرين جي وري ڪوشش رهي آهي ته نئين آدمشماري نه ٿئي ۽ جيڪڏهن آدمشماري ملتوي ٿي وئي ته انهن ڌرين جي هڪ ڀيرو ٻيهر خواهش پوري ٿي ويندي، جنهن جي ذميوار صوبي اندر صوبي اندر شفاف آدمشماري ڪرائڻ جا انتظام ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ صوبائي حڪومت جون اعليٰ اختياريون هونديون
    [/JUSTIFY]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گهر شماريءَ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ تماشو!

    سائين ائين اڪثر ٿيندو آهي آهي ته اسان پهنجي ذاتي مفاد خاطر عمومي مصلحت ۽ عمومي فايدي کي وساري ويهندا آهيون اهو سوچي ته اسان جو فايدو ٿي باقي ٻيا وڃي پون کڏ ۾ سو هتي به اهو ئي چڪر آهي سنڌ جي لاء ڪوبه نٿو سوچي ۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو