ڪاوش ۽ سنڌي ٻولي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪاوش ۽ سنڌي ٻولي!​

    عبدالقادر جوڻيجو​

    ڪني چئو يا سٺي، پر پاڻ جي سائيڪي اها آهي ته جڏهن به ڪو ٺيڪ ٺاڪ قسم جو موضوع اڳيان ايندو آهي ته لکڻ وقت انهيءَ موضوع جا ڪيئي اهڙا پهلو سامهون ايندا آهن، جو انهيءَ ڳالهه ۾ منجهي بيهي رهندا آهيون ته ڪهڙي پهلوءَ کي ڇڏيون ۽ ڪهڙي پهلوءَ کي کڻي اڳتي وڌون. اهو مسئلو تهائين وڌي وڃي ٿو جڏهن ڪاوش جي ڪاوش سامهون اچي ٿي. ٺيڪ آهي پاڻ اها حام ڪونه ٿا هڻون ته ڪو ڪاوش جي ڪاوش ۾ شروع کان وٺي شريڪ رهيا آهيون، پر رت ۾ آڱر ٻوڙي شهيدن ۾ نالو لکائي سگهون ٿا ته پنهنجي خوش مزاج، گهڻ پڙهئي ۽ يار باش قسم جي دوست اسلم اڪبر قاضيءَ سان گاڏي کاتي واري آفيس ۾ وڃي ”سنڌ نيوز“ اخبار کان پاڻ مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي، يا ائين کڻي چئو ته صحافت سکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو وقت اهو هو جڏهن سنڌ نيوز پوئين پساهن ۾ هئي. نيٺ اسلم اڪبر قاضيءَ جي تخليقي ذهانت ڪم ڏيکاريو ۽ سنڌ نيوز جي ڪک مان ڪاوش اخبار جنم ورتو. اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن پاڻ اڃا تائين ڪاوش سان ڳنڍيا اچون ۽ ڪاوش جي ڪاوش اکين سان ڏسندا اچون. هاڻي توهان ئي پاڻ ٻڌايو ته ڪاوش جي ڪهڙي پهلوءَ کي ڇڏيون ۽ ڪهڙي پهلوءَ کي لفظن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪريون. بهرحال جيڪو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.
    ڪاوش اڃا ڪک ۾ ئي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن ۾ هڪ قسم جي مايوسي پيدا ٿي چڪي هئي ته شايد سنڌي ٻولي هاڻي ايترو جالي نه سگهي. ڪي ڪي مون پارا اميد پرست ماڻهو انهيءَ خيال جا به هئا ته سنڌي ٻولي ختم ٿيڻ ته ڇا پر اڃا وڌيڪ ترقي ڪندي، پر اها ترقي ڪيئن ٿيندي، انهيءَ ڳالهه جو ڪنهن وٽ به جواب نه هو، ڇاڪاڻ ته اها بحثا بحثي رڳو سنڌي ادب تائين هئي ۽ اهو خيال پئي پاتو ويو ته سنڌي ٻولي صرف ادبي رسالن تائين محدود آهي. انهيءَ وقت ڪنهن جو به ڌيان سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائيندڙ ٻين وسيلن ڏانهن نه پئي ويو، ڪنهن جو به ڌيان ميڊيا ڏانهن نه هو. اهو ئي وقت هو جڏهن ڪاوش اخبار پڙ تي لٿي، پر پوءِ به گهڻن يارن جا منهن لٿل هئا ۽ کين اندازو نه هو ته ڪو اڳتي هلي ڪري اها اخبار سنڌي ٻولي جي ترقي ۾ اهم ترين رول ادا ڪندي ۽ سڄيءَ سنڌ مٿان ڇانئجي ويندي. اها ڪاوش جي پهرين ڪاوش ئي هئي، تنهن ڪري ئي شايد مايوسي پنهنجي جاءِ تي موجود هئي پر اخبار ڪاوش جي ٿنڪ ٽئنڪ اسلم اڪبر قاضي، اخبار کي عملي روپ ڏيڻ واري علي قاضي ۽ سندس ساٿاري ڀاءُ ايوب قاضيءَ کي پڪ هئي ته ڪاوش اخبار اڳتي هلي ڪري رنگ لائيندي. اخبار ۾ ويهي ڪم ڪرڻ وارن ۽ پري کان اخبار جو جائزو وٺڻ وارن جي سوچ ۾ اهو فرق موجود هو، پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”جيڪي ڄڻي، سا نپائي“ سو نپائڻ وارن کي خبر هئي ته ڪاوش ڪهڙو رنگ اختيار ڪندي. تنهن هوندي به ڪاوش جڏهن پهريون مرحلو پار ڪري ٻئي مرحلي ۾ پهتي ته اخبار تي آڱريون اٿڻ لڳيون ته ڪاوش ۾ سنڌي ٻوليءَ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. ڌر ڌڻين کي ڪنهن چيو يا نه چيو، اها ته انهن کي خبر هوندي پر هن بندي کي اندر جو ماڻهو سمجهي اهڙيون ڳالهيون ڪيون. ظاهر آهي ته جڏهن ڪنهن جي باري ۾ مختلف حلقن ۾ اهڙيون ڳالهيون هلڻ شروع ڪنديون آهن ته ڌر ڌڻين جي ڪنن تائين پهچنديون آهن. اخبار تي ٻيو جيڪو اعتراض اٿيو، اهو اهو هو ته ڪاوش سنجيده اخبار ناهي. اهو اعتراض به ڌڻين تائين پهتو. اهڙن اعتراضن تي ڪاوڙجڻ جي بدران مضبوط ارادي جي مالڪ علي قاضي بنا ڪنهن گوڙ ڪرڻ جي انهن اعتراضن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ اخبار ۾ جيڪي ڪميون پيشيون هيون، اهي آهستي آهستي دور ڪندو ويو، ائين جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آهي. ائين ڪاوش جي ڪاوش ٽئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي. هن وقت ڪاوش پاڪستان جي ڪنهن به اخبار کان وڌيڪ سنجيده آهي. اها سنجيدگي ايستائين پهچي چڪي آهي جو هڪ ته ڪاوش مختصر لفظن ۾ وڏي خبر سمائي پڙهندڙ جي اڳيان ٿي رکي ۽ اجائي ڊيگهه کان پاسو ٿي ڪري. خبرن واري ٻئي حصي ۾ ٻئي خوبي اها به پاتي وڃي ٿي ته جي ڪا خبر ٻين اخبارن ۾ ڇپجي ٿي ۽ ڪاوش ۾ نٿي ڇپجي ته پڙهڻ وارا اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ٿا وڃن ته ”جيستائين اها خبر ڪاوش ۾ نٿي اچي، تيستائين اعتبار ڪونه ڪبو.“ ائين ڪاوش پنهنجي ساک قائم ڪري ورتي آهي. اها ساک اڃا به تڏهن وڌي وڃي ٿي جڏهن ڪا خبر ڪاوش ۾ ته ڇپجي ٿي پر اها ساڳئي خبر ٻين اخبارن ۾ دير سان ڇپجي ٿي. ائين ڪاوش جي خبر جي تصديق به ٿئي ٿي. اهڙيون ڪيتريون ئي خبرون آهن، جيڪي پهرئين ڪاوش اخبار ۾ ڦاٽ کائينديون آهن ۽ پوءِ سچيون ثابت ٿينديون آهن. انهيءَ حساب سان ڪاوش اخبار غير معمولي قسم جي اخبار آهي. گڏو گڏ ٻوليءَ جي درست استعمال تي به ڌيان ڏنو. هاڻي ڪيترين ئي خبرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ ۽ جملا استعمال ٿيندا آهن، جيڪي ٻهراڙين ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. آئون پاڻ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪندو آهيان، پر ڪاوش جي خبرن ۾ ته اهڙا به لفظ ۽ جملا اچن ٿا، جيڪي منهنجي پهچ کان به ٻاهر آهن. ائين ڪافي خبرون ڳالهائي ويندڙ ٻولي (Spoken language) جي ذمري ۾ اچي وڃن ٿيون. ائين ڪاوش ۾ نه رڳو خالص سنڌي ٻولي استعمال ٿيڻ لڳي آهي، جيڪا گهڻو ڪري ڪاوش جا نمائندا استعمال ڪن ٿا، پر سنڌي ٻوليءَ جو اهو درست استعمال ايترو وڌيل آهي جيڪو پڙهندڙ لاءِ سکيا جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو. ائين اهو اعتراض پنهنجي موت مري چڪو آهي، البته ترجمو ڪندي ڪنهن کان ٻوليءَ جي نظر چڪ (Error) ٿي وڃي ٿي ته ڪنهن به نظر چڪ (Error) کي ٻولي جي چڪ (Mistake) نٿو چئي سگهجي.
    اچو سائين مضمونن ۽ ڪالمن واري حصي تي ته ڪاوش سڄي ملڪ جي واحد اخبار آهي، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي وڌ ۾ وڌ اڪيڊمڪ مضمون ڇپجن ٿا ۽ آسمان جي هيٺان هر موضوع تي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، نه ته هونئن ته اخبارون رڳو سياسي ڪالم ڏينديون آهن. موضوعن جي اها رنگارنگي ۽ معيار ٻيءَ ڪنهن اخبار ۾ پاتو نٿو وڃي. اها پڙهندڙن جي خوشنصيبي آهي جو کين سياست کان علاوه ٻين مامرن جي به معلومات ملي ٿي. انهيءَ کان وڌيڪ پڙهندڙ کي ٻيو ڇا کپي جو سندس معلومات ۾ اضافو ٿو ٿئي. اڄڪلهه محسن ٻٻر، اختيار کوکر، اشفاق آذر ۽ منظور ميراڻي جا مضمون پڙهي انهن مضمونن جي گهرائي، پرک وارو انداز ۽ Exploration جو رنگ ڍنگ ڏسي ڪير چوندو ته اخبار ۾ سنجيدگي ناهي. ڪاوش جي انهيءَ ڪاوش کان منهن موڙڻ اجايو آهي. جڏهن سنڌين جي هٿ ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڇپجندڙ سنجيده اخبار اچي وڃي جيڪا غير سنڌي به پڙهندا هجن ته انهيءَ کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي ترقي ٿي کپي. جيڪا ٻولي خطري ۾ هئي ۽ ڪن ۾ ڦاٿل هئي، انهيءَ ٻوليءَ کي ڪن مان ڪڍڻ وارو وسيلو ڪاوش بڻجي چڪي آهي. ڪاوش جي سرڪيوليشن ئي ٻڌائي ٿي ته هاڻي سنڌي زبان کي ڪو خطرو ناهي. پر ادب کي ڇڏي ڪري جيڪي به زندگيءَ جا ٻيا شعبا آهن، انهن جي باري ۾ ڪاوش سنڌي زبان کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ڪاوش اخبار سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ بڻجي وئي آهي. خود بين الاقوامي ادب تي به ڪاوش ۾ ڪيترائي مضمون ڇپجي چڪا آهن، سو بابا پاڻ جي نظر ۾ ته ڪاوش سنڌي زبان جي Savior (بچاءُ ڪندڙ) بڻجي چڪي آهي.
    باقي اها هڪ حقيقت به آهي ۽ ڪنهن حد تائين فطري عمل آهي ته توهان جيترو سٺو ڪم ڪندئو، جيترو اعليٰ معيار جو مظاهرو ڪندئو اوترو ئي حسد جو شڪار به بڻبئو. جيترو گهڻو حسد، اوترو ئي وڏو ڪم. ڪن حاسدن جي نظر ۾ جيڪڏهن ڪاوش اخبار سٺي ناهي ته اها ڪاوش جي ڪاميابيءَ جي نشاني آهي. جيڪڏهن ڪي حاسد چون ٿا ته ڪاوش ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ ٿو پاتو وڃي، ڪي ته ائين به چون ٿا ڪاوش سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ته اها ڪاوش جي ڪاميابي آهي، جنهن صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو تاريو آهي. ڪاوش جي موجودگيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هاڻي ڪوبه خطرو نه رهيو آهي، پاڻ جي نظر ۾ ڪاوش جو اهو پهلو سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو، ڳڻڻ جوڳو ۽ ساراهڻ جوڳو آهي.

    (روزاني ڪاوش تان ورتل)
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ونڊ آهي سائين

    توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني سٺو ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو