گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت

'سورنهن سينگار' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت تمام ضروري آهي، خاص طور تي ان وقت جڏهن تمام گهڻي اُس چهري تي پوي ته ان سان چهري جو رنگ سانورو ٿي ويندو آهي، گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، چمڙي جي حفاظت لاءِ ماسڪ جو استعمال به فائديمند رهندو آهي، اڄ اسين توهان کي چمڙي جي حفاظت لاءِ مختلف قسم جي ماسڪ جا طريقا ٻڌائي رهيا آهيون ٿي سگهي ٿو اهي توهان لاءِ به ڪارآمد هجن.

    گجر جو ماسڪ: سڻڀي چمڙي تي گجر جو رس ڪپهه جي مدد سان لڳايو، ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا اهو عمل ڪرڻ سان رنگ نکرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

    ماکي جو ماسڪ: اهو ماسڪ بنيادي طور تي چمڙي ۽ جهرين لاءِ هوندو آهي ان ماسڪ لاءِ ماکي ۾ ڪجهه قطرا ليمي جو رس ملائي چڱي طرح چهري تي لڳايو، ويهه منٽن کانپوءِ ڪپهه جي ٻڙي تي اسڪن ٽانڪ هڻي چهرو صاف ڪريو. ٽماٽي جو ماسڪ: ٽماٽر جو ڳِر ڪڍي ٽماٽي کي چلهي پوءِ ان ۾ هڪ چمچو ماکي مڪس ڪري چهري تي لڳايو، پندرنهن منٽن کانپوءِ ڌوئي وٺو، چمڙي لاءِ ان کان تيز رفتار ٻي ڪا شيءِ ناهي. خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ: ماش جي دال پيهي ۽ ان جي برابر بيسڻ مڪس ڪري ان ۾ ٿورو پاڻي ملائي ڳوهي وٺو، ڪجهه ڏينهن هٿن ۽ پيرن تي لڳائڻ سان خشڪي ختم ٿي ويندي. چهري جا نشان ختم ڪرڻ لاءِ: مسور جي دال ۽ لڪس صابڻ ٻنهي ۾ ٿورو پاڻي ملائي باهه تي جوش ڏيو، لئي ٺهي وڃي ته ان کي لاهي وٺو ۽ روز چهري تي لڳايو ڪجهه ڏينهن ۾ نشان ختم ٿي ويندا. چهري جو رنگ صاف ڪرڻ لاءِ: بيسڻ، بادام ۽ کير اهي ٽئي شيون (بادام پيهي وٺو) مڪس ڪري لئي تيار ڪريو ۽ چهري تي لڳايو، ڪجهه ڏينهن ۾ چهري جو رنگ صاف ٿي ويندو. سڻڀي چمڙي جي حفاظت لاءِ: هلڪي گرم پاڻي ۽ ڪنهن سٺي فيس واش جي مدد سان پنهنجو چهرو صاف ڪريو، ان کانپوءِ جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿئي ته ڪو آئل فري موئسچرائيزر لڳايو، سڻڀي چمڙي کي صاف رکڻ لاءِ بيسڻ جو استعمال به ڪري سگهجي ٿو، ان جو طريقو اهو آهي ته ٻه چمچا بيسڻ ۽ ان ۾ ڪجهه قطرا ليمي جو رس ۽ هئيڊ شامل ڪريو ۽ چهري تي لڳايو، سڻڀ ختم ڪرڻ ۽ چهري کي صاف رکڻ جو اهو آزمايل ٽوٽڪو آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت

    مهرباني ادي

    تمام ڪارائتو ۽ وقتائتو ونڊ آهي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت

    واقعي ادا سليمان!
    جلد اوهان جي ڪم اچڻ واري شيئرنگ آهي۔۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت

    واقعي ادا سليمان!
    جلد اوهان جي ڪم اچڻ واري شيئرنگ آهي۔۔۔۔
     
  5. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت

    انهي قسم جاٽوٽڪا اسڪن لاء فائديمند هوندا آهن ۔مهرباني توهانجي هن بهترين ونڊ لاء
     
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گرمي جي موسم ۾ چمڙي جي حفاظت

    تمام سٺي ونڊ آهي ادي
    اسان کي پنهنجي حفاظت ڪرڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو