سنڌجوتاريخي ورثوچوکنڊي قبر ستان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2009۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ جو تاريخي ورثو چوکنڊي قبرستان ۽ اختيار ڌڻي
    جاويدجوکيو درساڻو ڇنو ڪراچي
    ڪراچيءَ ۾ موجود ٻين تاريخي ماڳن سان گڏ چوکنڊي قبرستان اڄ به ھتي آڳاٽن اصلوڪن سنڌين جي خوشحالي ۽ شاھوڪاريءَ جي خوبصورت اُھڃاڻ طور موجود آھي جيڪو ھتي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي موجودگيءَ بابت يا ٻاھرين آيل ڌارين ماڻھن پاران اُٿندڙ کوڙ سارن سوالن جو جواب ڪيترين ئي غلط گُمانين جي دُرستگي ۽ بي بنياد دعوائن جو رد به آھي مثال طور ڪراچيءَ جي اُردو ڳالھائيندڙن يا پنجاب ۽ ٻين صوبن کان آيل ماڻھن پاران ھن قبرستان کي محمد بن قاسم جي لشڪر جي انھن ماڻھن جو قبرستان سمجھيو يا خيال ڪيو ويندو آھي جيڪي سنڌ جي خود مختيار بادشاھ راجا ڏاھر ۽ سندس فوج سان وڙھندي مارجي ويا جڏھن ته حقيقت ائين آھي ئي ڪونه ! ان ۾ھنن ماڻھن جو ڏوھ به ڪونھي اصل ۾ بي حسي ته اسان جي آھي جو اسان پنھنجي تاريخ ۽ اھڙن ماڳن مڪانن کي اھميت کان بي خبر ۽ لا پرواھ رھندا پيا اچون ۽ انھن کي اُھا تشھير ناھيون ڏئي سگھيا جيڪا گھٽ ۾ گھٽ ھن ملڪ ( پاڪستان ) جي قيام کانپوءِ ضروري ھئي ، اچو ته اسان ھن تاريخيءَ ماڳ چوکنڊيءَ کي ڏاھن پاران ڪيل کوج جي روشنيءَ ۾ ڏسون ۽ پنھنجو پاڻ سان اھو عھد ڪريون ته سنڌ جي سمورن اھڙن ماڳن مڪانن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي سندن اھميت ۽ تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجي . توھان جي ڄاڻ لاءِ ٿورو واضح ڪجي ته ھتي ملير ۾ چوکنڊي نالي ٻه قبرستان آھن ھڪڙو چوکنڊي قبرستان ميمڻ ڳوٺ جي پٺيان آھي جيڪو سنڌ جي قديم بلوچ قبيلي ڪرمتين / ڪلمتين جو قبرستان سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو چوکنڊي قبرستان بن قاسم ٽاوُن ۽ نيشنل ھاءِ وي تي رزاق آباد ھاڻي ( شھيد بينظير ڀٽو پوليس ٽريننگ سينٽر ) لڳ ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندي کاٻي طرف ھٿ تي آھي اُتر طرف ھڪ ٽڪريءَ تي پري کان پڌرو نظر ايندڙ آھي .جنھن کي محققن ” جوکيا چوکنڊيءَ ‟ جي نالي سان منسوب ڪيوآھي پاڻ اڄوڪي ھن موقعي تي ” جوکيا چوکنڊي تي روشني وجھڻ جي ننڊڙي ڪوشش ڪريون ٿا .
    چوکنڊي لفظ ڇا آھي :
    (1)آثار قديم وارن جو چوڻ آھي ته قبرستان ۾ چئن ڪُنڊن تي مشتمل پٿر جون قبرون جوڙايل آھن تنھنڪري مٿس چوکنڊي نالو پيو آھي (2) ھڪ قبر ڪنھن کنڊي نالي عورت جي ھتي موجود آھي ان ڏس تحت به چوکنڊي گُمان ڪيو وڃي ٿو (3) انگريز راڄ جي عملدار مسٽر فرئير چوکنڊي لکندي ھنن کنڊين کي جوکيا لفظ سان مشاھبت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي . اھڙيءَ طرح مختلف محققن جا جدا جدا رايا آھن .پر آثار قديمه جي آفيسر ۽ محقق محمد اشتياق جي ھيءَ راءِ وڌيڪ صحتمند آھي ته چوکنڊي فن تعمير جي ھڪ اصطلاح آھي .اھو خيال انھيءَ ڪري به وزنائتو آھي جو سنڌ جي ڏاھي ۽ تاريخ جي پانڌئيڙي پير حسام الدين راشدي ( مدفون مڪلي . ڀر ۾ ميان محمد ھاشم ٺٽوي ) مير معصوم بکريءَ پاران سندس بزرگن لاءِ اڏايل پٿر جي اھڙين قبرن کي به چوکنڊي لکيو آھي ساڳي نموني علي احمد بروھي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، به اھڙين گھاڙين کي چوکنڊي لکيو آھي تنھن ڪري ڀائنجي ائين ٿو چوکنڊي فن تعمير جي ھڪ اصطلاح آھي .
    چوکنڊي قبرستان جو بڻياد ۽ جوکيا قبيلو:
    مير علي شير قانح ، يوسف ميرڪ، سر چارلس نيپئير، مرزا قليج بيگ، علي احمد بروھي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ماسٽر محمد حسن جوکيو، سيٺ نائومل ھوتچند، خورشيد حسن، مير طاھر سياني، ناظر حسين، مولائي شيدائي، غلام رسول مھر، علي محمد جوکيو، پروفيسر ايس پي ڇاٻلاڻي، ڪليم الله لاشاري ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ، غلام محمد لاکو ، پير علي محمد راشدي، عبدالواحد آريسر ، الله رکيو ٻُٽ ، حميد ناظر ، سرجون وليم ، ايچ ٽي لئمبرڪ ، مسٽر فريئر ۽ ڪيپٽن پريڊي وغيره سميت ويھن کان مٿي ملڪي ۽ غير ملڪي محققن جوکيا چوکنڊي جي باري ۾ تحقيق ڪئي آھي يا ھنئين چوڻ سھي رھندو ته انھن قلمدانن جو قلم چوکنڊين جي باري ۾ ضرور سرجھيو آھي 1413 ع کان 1428 ع تائين سنڌ ۾ سمان خاندان حاڪم ڄام فتح خان جي حڪومت ھئي گاڌيءَ جو ھنڌ ٺٽو ھُيو ، چيو وڃي ٿو اُن دور ۾ ميرڻ پٽ حاجي جوکيو کي سرڪاري طور ڄام جولقب ڏيئي جوکيا قبيلي جو سردار مقرر ڪيو ويو ھو ٿوري عرصي کانپوءِ ڄام ميرڻ وفات ڪري ويو جنھن کي وڏي اھتمام سان موجوده چوکنڊي قبرستان ۾ دفنايو ويو آھي . اھڙي طرح جوکين پنھنجي پھرين سردار ڄام ميرڻ بن حاجي جي دفنائڻ سان ھن قبرستان جو بڻياد وڌو اھا جھوني قبر اڃا به آھي . جنھن تي ميرڻ بن حاجي جوکيو جا لفظ اُڪريل آھن تنھن کانپوءِ مختلف مقامي سنڌي ۽ بلوچ ماڻھن به ھن قبرستان کي پنھنجي موتين جي مدفن گاھ طور تي ڪم آندو ھن قبرستان جي خاص ڳالھه ھيءَ به آھي ته مقبرن تي پٿر جي تمام سھڻي چٽسالي ٿيل آھي عورتن جي قبرن تي عورتاڻا زيور ۽ مردن جي قبرن تي گھوڙا ۽ پراڻي وقت ۾ ڪم ايندڙ جنگي ھٿيار اُڪريل آھن جن کي ڏسندي ئي لطيف جون ھي سٽون بي اختيار زبان تي اچي پينديون آھن ته
    گھوڙن ۽ گھوٽن ،جئيڻ ٿورا ڏينھڙا
    ڪڏھن قابو منجھه ڪوٽن ڪڏھن راھي رڻ جا
    ھڪ اُردو دان محقق حميد ناظر ڪافي وقت چوکنڊين ۽ جوکين جي متعلق کوجنا ڪندو رھيو ، ھن جوکيا قبيلي جي سردار ڄام مُراد علي خان جوکيو صاحب وٽ موجود شجرو گھرائي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ ۽ پنھنجي ھڪ ڪتاب ”اڌي ملير ‟ لکيو ته مسٽر جوکيو 560 ھجري ڌاري سخي ڄام ڏاتار نواب شاھ جوجه عرف جرار جي گھر ۾ جنم ورتو .جوکيا بنيادي طور ” سمان خاندان ‟ جي شاخ آھن مسٽر جوکئيي کان اٺ 8 نسل پيڙھيون پوئتي ھي مسٽر پليءَ جو اولاد آھن واضح رھي ته اُھو ئي پلي آھي جنھن سمن ڄامن 1351 ع کان 1520 ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي اھو ئي سبب آھي جو ھميشه سمان ڄامن جي ويجھو رھيا انھن جي ويجھڙائپ جو ڏس ڏيندي محقق محمد حسن جوکيو لکيو آھي ته سمان ڄامن جي آخري حڪمران شھزادن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز ۾اقتدار تان اختلاف جڏھن جنگي صورت اختيار ڪري ويا تڏھن ڄام فيروز جي فوج جو سپھه سالار دولھه دريا خان ۽ ڄام صلاح الدين جي فوج جو اڳواڻ حاجي جوکيو ھُيو دولھه دريا خان جي مربوط جنگي حڪمت عملي سبب ڄام صلاح الدين ۽ حاجي جوکيو واري لشڪر کي شڪست ڏسڻي پئي ۽ حڪومت بدستور ڄام فيروز جي رھي .ساڳي ڪشمڪش واري صورتحال جي باري ۾ غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز پاڻ ۾ ٺھي وڃن ھا پر بد قسمتي سان ” حاجي ‟ اُن ٺاھ ۾ رنڊڪ پيدا ڪري ڇڏي ھئي ، لاکي صاحب حاجي کي جوکيو ناھي لکيو پر حاجي جي ڪابه ذات ناھي لکي تنھن ڪري ھتي تاريخ جي ماهرن کي حاجيءَ جي ذات جي متعلق روشني وجھڻ جي پڻ درخواست آھي ته جئين حقيقت عيان ٿي سگھي ماضيءَ ۾ ھن قبيلي جي وطن دوستي ۽ بھادري بابت مختلف ھنڌن تي جيڪو ذڪر اچي ٿو ، آئون اھو ورائي لکان ته ھن ئي قبيلي جو فرد ھئڻ ناتي اھو پاڻ ٻڌائڻ واري زمري ۾ ايندو تنھن ڪري عرض آھي ته سنڌ جي سرتاج ليکڪ ۽ قومي دانشور سائين عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ” سر ۾ سانجھيءَ وير ‟ جو مطالعو ڪيو جنھن ۾ ھن ٻين سنڌ جي سورمن سان گڏ ھن قبيلي ۽ ان جي اڳواڻ حاجي جوکيو جي مٽيءَ سان محبت جي جيڪا جھلڪ پسائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آھي سا منھنجي لکڻ کان وڌيڪ ويساھ جوڳي پڻ رھندي ھن ليک کي ڊگھو ڪرڻ کان پاسو ڪندي مختصر عرض اھو آھي ته چوکنڊي قبرستان ماضيءَ ۾ ھتي ڪراچي ۾ اسان سنڌين جي شاھڪاري ۽ شاھوڪاريءَ سان گڏ ڇھه سئو سالن تائين زمين ۾ پاڙون ھڻي بيٺل سھڻي تاريخ آھي جنھن ۾ ڪيترائي سنڌ جا سپوت به آرامي آھن ، مثال چوکنڊيءَ جي مرڪزي چبوتري ۾ ٻين سھڻين قبرن سان گڏ ھڪ قبر اُن ڄام مريد جوکيو جي آھي جنھن اورنگزيب عالمگير جي سنڌ تي تسلط خلاف بغاوت ڪئي کيس 1649 ع ڌاري درساڻي ڇني مان مغل فوجن گرفتار ڪري دھليءَ ۾ قيد ڪيو سو اھو تاريخي قومي ورثو تيزيءَ سان تباھ ٿي رھيو آھي اُن جو ھڪ اھم سبب سرڪار جي بي ڌياني آھي جو ھن تاريخي ورثي جا قيمتي ۽ خوبصورت اُڪرن وارا پٿر ماڻھون کڻي وڃي چُڪا آھن انھي کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالھه ھيءَ آھي ته ھن تاريخي ورثي کي مورڳو صفحه ھستيءَ تان مٽائڻ جون ڪوششون به ٿي چُڪيون آھن مثال اڳوڻي وزير اعلا ارباب غلام رحيم چوکنڊيءَ جي سون جي واپاري ڪامران ٽسوريءَ کي وڪڻي ڏني جيڪا الاٽمنيٽ موجوده حڪومت شايد ڪينسل ڪئي آھي . پر حڪومت ھن جي واڌ ويجھه لاءِ اڃا ڪو قدم ناھي کنيو
    خراج تحسين ۽ ميار
    ارباب دوُر ۾ چوکنڊي قبرستان ۽ ان جي زمين بچائڻ لاءِ ھلايل تحريڪ ۾ سائين خدا ڏنو شاھ ، حاجي شفيح محمد ڄاموٽ ، اڳوڻي صوبائي وزير حڪيم بلوچ ، بن قاسم ٽاوُن جي ناظم جان عالم ڄاموٽ اختر عارفاڻي ، مجاھد جوکيو ، ۽ ٻين ملير جي معززن جيڪا عملي جدوجھد ڪئي سا واقعي ساراه جوڳي آھي اھو سندن جدوجھد جو ثمر ئي سمجھڻ گُھرجي جو جھڙي تھڙي حال ۾ ھي قومي ورثو بگھڙن جي وات مان بچي اڃان پنھنجي جاءِ تي موجود آھي اسين ملير واسي خراج تحسين پيش ٿا ڪريون ساڳي وقت اسان جي نزديڪ سنڌ جي ھن قومي تاريخي ورثي کي بچائڻ واري معاملي سرد کھڙي ۽ لائق عمل تي جوکيا قبيلي جو سردار ڄام بجار خان ، ڪلمت قبيلي جي سردار ملڪ لقمان خان ملڪاڻي ھن قومي ميار کان آجا ناھن جن ڪڏھن به ھن معاملي کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي ٻُڙڪ به ٻاھر نه ڪڍي
    سنڌ جي اختيار ڌڻين کي عرض :
    موجوده سنڌ حڪومت جي ٻن صوبائي وزيرن ساجد جوکيو صاحب ۽ محترم سسئي پليجو صاحبه اليڪشن دوُران پيپليز پارٽيءَ جي منشور سان گڏ ھن قومي ورثي جي بچاءُ سونھن سوڀيا ۽ سياحتي مرڪز بنائڻ کي ھتي ملير ۽ ٺٽي ۾ اليڪشن مھم جي حصي طور عوام اڳيان رکيو ھو ووٽ وٺڻ لاءِ سندن تقريرون اسان کان وسريون ناھن ۽ سندن اخباري اشتھار اڄ به رڪارڊ طور محفوظ آھن جنھن ۾ چوکنڊين جو نقطو به سر فھرست آھي
    ادي سسئيءَ پليجو طرفان سنڌ جي سياحت ثقافت جي واڌ ويجھه لاءِ جدوجھد اعطمنان جوڳي آھي پر ھيڏانھن چوکنڊي معاملي تي سندن عزم توجه قابل تشويش ڳالھه آھي ھن اخبار جي توسط سان اسان ساجد جوکيو ، سسئيءَ پليجو ۽ وڏي وزير سائين قائم علي شاھ صاحب جو ڌيان ڇڪائيندي پر زور درخواست ٿا ڪريون ته جلد کان جلد ” چوکنڊي ڊفينس ۽ ڊيولپمنٽ ‟ ادارو قائم ھن تاريخي ورثي جي بچاءُ ۽ سياحتي مرڪز بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ ھن تاريخي ورثي جي ھر تحقق طلب پھلوءَ تي ڪم جي شروعات ٿيڻ کپي ھن ذمينداريءَ جو بار ساجد جوکيو صاحب تي انھي ڪري به وڌي ٿو وڃي جو ھڪ ته ھي تاريخي ورثو سندس بزرگن جو آھي ۽ ٻيو سندس چونڊ حلقي ۾ پي ايس 130 ۾ واقع آھي ھونئين به اقتدار ھميشه مُٺ مان واريءَ جيان وھي ويندو آھي سڀاڻي توھان وٽ اھو جواز ئي نه رھندو ته اسان جي حڪومت نه ھئي اسان وٽ اختيار نه ھُيو ھن محل توھان اقتدار۽ اختيار جا مالڪ آھيو ۽ ھيءَ ئي محل ڪم جي آھي
    جو قوم جياري اُھو جئيندو رھندو
    جو عام اُڃاري اُھو جئيندو رھندو
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ
    جو سنڌ سنواري اُھو جئيندو رھندو

    شيخ اياز
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين معلوماتي مضمون آهي ادا توهان جو جاويد جوکيو صاحب
    توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو .
    ۽ هڪ ٻيو عرض ادا جاويد جوکيو صاحب ته توهان پنهنجو تعارف ، تعارف واري سيڪشن ۾ ڪرائيندا .
    مهرباني ادا جاويد
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا جاويد جوکيا صاحب پنهنجو تعارف، تعارف واري سيڪشن ضرور ڪرائجو نه تي ادا فقير کي ننڊ ڪونه ايندي۔۔۔۔

    اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔۔shal judy hujeen
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم جاويد جوکيا صاحب .... توهان کي پنهنجي ساٿ ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي... يقين ڪريو مون کي توهان جي طرفان ايترو جلد فورم جوائين ڪرڻ جي توقع نه هئي .... توهان جا لک لائق جو توهان سنڌ سلامت سان ناتو ڳنڍيو...
    پنهنجي پهرين ئي لاجواب لکڻي کڻي پنهنجي سڃاثپ سٺي انداز سان ڪرايوَ...
    دوستن جي فرمائش کي نظر ۾ رکي پنهنجو مڪمل تعارف ضرور ڪرائجو... مون کي يقين آهي ته توهان جون هتي گهاريل گهڙيون انتهائي شاندار ۽ يادگار هونديون...
    توهان جي وڌيڪ شيئرنگ جو انتظار رهندو....
    مهرباني ڪري آخري شعر بابت ٻڌائيندا منهنجو خيال آ اهو استاد بخاري جو آ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم ادي جوکئي صاحب جو ليک انتهائي معلوماتي ۽ ڪم جو آهي ... اسين سنڌ سلامت جي اڱڻ تان وقت جي حڪمرانن کان پرزور مطالبو ڪريونٿا ته سنڌ جي ثقافتي ورثي سان هٿ چراند بند ڪري انکي محفوظ ڪرڻ جا اپاءَ ورتا وڃن ... ۽ سنڌ جي سڄڻ تنظيمن کي پڻ گذارش ڪنداسون ته هو پڻ اڳتي اچن ۽ پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪرڻ جا جتن ڪن ...
    هڪ چوڻيءَ جيئان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    محترم جناب ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري به هڪ ڪتاب چوڪنڊي اور قبائلي قبرين لکيو آهي
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني جاويد اقبال صاحب تمام معلوماتي مضمون پڙهڻ لا ڏنو. شيئر ڪيو.
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين هي سٽون شيخ اياز رح جون نه پر استاد بخاري جون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا شفيح توهان جي حوصلا افزائي جي لا وڏي مهرباني
    ادا دعا ۾ ياد رکجو توهان جي دعا جو طلبگار
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Lutif Jokhio

    Lutif Jokhio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2014
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪانسل ٽيبل سنڌ پوليس
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو
    اداجاويدتمام خوشي ثي
     
  12. ذوالفقار علي انڍڙ

    ذوالفقار علي انڍڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2011
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    فيڊرل گورنمنٽ ملازم
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو