ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

'سچل سارو سچ' فورم ۾ باري ڀٽي طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2011۔

  1. باري ڀٽي

    باري ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2011
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي
    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي
    ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو پنٿُ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي
    ڪو ميراثي ڪَلونَتُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو مُلان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
    ڪو روزيدار نمازي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو رَدِ چوي ڪو بَدِ چوي، ڪو بيديني بيحد چوي
    ڪو مُشرڪ ڀي مُلحِدُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شِرُ ڀريو شيطان چوي
    ڪو بزرگ ڪومستان چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو سُستُ ڪو چست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي
    ڪو عاشق روزِالست چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رهنماءُ رفيق چوي
    ڪو غرقيءَ منجهه عميق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو رنگ ڪوئي بيرنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي
    ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي
    ڪو ازلي مست موالي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اها برحق چوي
    مون کي مرشد عبدالحق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ڪو خاص چوي ڪو عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي
    ڪو ”سچو“ سچو نام چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    سچل سرمست
     
    توقير حيدر، شيرين ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان



    سائين باري ڀٽي صاحب

    لک قرب اوهان سچل جي ڪلام مان وڻندڙ چونڊ اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔ سچل جي هن ڪلام کي موٽڻ شاهه ۽ بابو غلام حسين فقير پنهنجي وجداني ڪيفيت ۾ ڳايو آهي۔ هن ڪلام جي وڊيو هيٺ پيش ڪجي ٿي:


     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    زبردست سائين، ڀٽي صاحب ۽ وسان صاحب ڄڻ ته ايمان تازو ڪري ڇڏيو آهي، صوفين جا اهي روحاني رمز اصل دل ۾ گهر ڪري ٿا وڃن
     
  4. باري ڀٽي

    باري ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2011
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ادا سلمان وساڻ صاحب ،
    توھان جا لک قُرب ادا پسند ڪري توھان مون فقير جي حوصلا افضائي ڪئي ۔۔۔ لک ٿورا ادا مھرباني
     
  5. باري ڀٽي

    باري ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2011
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    ادا يونس ملڪاڻي صاحب بلڪل دل جي ڳالھ ڪئي اٿئو واقعي ايمان تازو ٿي ويو ۔۔۔ توھان جا لک قُرب ادا
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    سائين سٺي ونڊ آهي ۔
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    واه سائين لاجواب ونڊڪيو اٿو سچل سارو سچ ٻيا پنڌ مڙئي اجايا۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين
     
  8. عبدالباسط

    عبدالباسط
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آڪٽوبر 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    حق مرشد سچا سرمست
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

    سچل سارو سچ

    لاجواب ونڊ آهي ادا

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو