سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    هڪ اڻ اعلانيل وارننگ!

    جبلن تي پيل برف پگهرجڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ٻوڏ جا عذاب ڀوڳيندڙ ماڻهن وري خوف ۾ مبتلا ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ ۾ طوفاني برسات پوندي. ان سان گڏ ستلج، راوي ۽ بياس دريائن ۾ ٻوڏ اچڻ بابت وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. ان سان ئي لاڳاپيل اها خبر به آهي ته پريالوءِ ڀرسان سنڌوءَ جي کاڌ تيز ٿي وئي آهي. ان سان گڏ روهڙي ڪينال کي نوشهرو فيروز ڀرسان روڻيون پوڻ جي ڪري ڪيترائي فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. هي اهي خبرون آهن، جيڪي آبڪلاڻيءَ جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ اچڻ لڳيون آهن. جيڪڏهن اسان جي سرڪار باضابطه ڪا وارننگ جاري نه به ڪري ٿي، تڏهن به هن قسم جون خبرون پڙهي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال اڀرڻ فطري آهي ته، ڇا هنن خبرن کي وارننگ نه سمجهجي؟
    اهو سوال فطري آهي، ۽ انهن ماڻهن جي ڳڻتين ۾ اضافي لاءِ ڪافي آهي، جيڪي پاڻيءَ جي وهڪرن مان اڪري شڪارپور کان ڪراچي ۽ جيڪب آباد کان ڀٽ شاهه تائين پهتا. ڪيترن وٽ ته ايترو حوصلو به نه هو، جو هو واپس وڃي پنهنجي ورهين جي محنت سان جوڙيل گهرن جي تباهي اکين سان ڏسن ها. هنن کي اندازو ٿي ويو هو ته پاڻيءَ ۾ جيڪو جوش هو، ان سندن پناهه گاهن کي لوڙهي ڇڏيو هوندو، خالي پٽن تي پهچي هو پنهنجن ارمانن جي تڙپڻ وارو منظر ڏسي نه پيا سگهن، ان ڪري جيڪي ڪراچي پهتا، انهن مان گهڻن جي ٻارن روڊن رستن تي پنڻ شروع ڪيو، پر واپسيءَ جو حوصلو ساري نه سگهيا، ۽ جيڪي ڀٽ شاهه پهتا، انهن اتي درگاهه جي رٻ تي پيٽ ڀرڻ تي پاڻ کي هيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اندازو ڪيو ته اڳئين سال آيل پاڻي وهڪرن ڪيترا انساني الميه تخليق ڪيا، ۽ اسان جي ڪامورا شاهي انهن المين جي بنيادن تي پنهنجون ماڙيون جوڙائيندي رهي. اهڙي ڪامورا شاهيءَ لاءِ سرڪار وٽ سواءِ انهن جي بدليءَ کان سواءِ ٻي ڪهڙي سزا آهي، ۽ بدلي به وري ڪن سڻڀين پوسٽن تي!! جيڪڏهن اها سزا آهي ته پوءِ اهڙي سزا هر ماڻهو چاهيندو! هڪڙي پاسي لکين ماڻهن جي دربدري آهي، ۽ ٻئي پاسي هن قسم جي بي حسي آهي. جيڪڏهن آبپاشي جي ڪامورڪي ڪلچر کي ڏسجي ته بيراج انهن لاءِ پئسن ٺاهڻ جي مشين هجن ٿيون، هو پئسن تي پاڻي ته کپائيندا رهن ٿا، پر پاڻي کپائيندي کپائيندي اندر جو انسان به کپائي ٿا ڇڏين، ۽ پوءِ انهن لاءِ ڪو فرق نٿو پئي، کڻي لکين ماڻهو ٻڏن يا ڪروڙين خلق دربدر ٿئي. هن قسم جي انساني المين کان پوءِ جڏهن اسان ڪامورڪي ڪلچر تي ڳالهايون ٿا، تڏهن اهو وسارڻ نه گهرجي ته اسان وٽ وڏين رقمن تي مقررين جي جنهن ڪلچر هاڻوڪي دور ۾ فروغ حاصل ڪيو آهي، ان ڪلچر کي بنهه بي ڏوهي نٿو ڪوٺي سگهجي. هن وقت فلڊ ڪميشن جي رپورٽ بلڪل درست ته هن سموري خرابيءَ جا ذميوار ڪامورا آهن، پر ڪامورن جي اهڙين خرابين جا پيرا ضرور کڻجن ته انهن خرابين جي ابتدا ڪٿان ٿئي ٿي؟ اوهان ڪنهن به کاتي کي کڻي ڏسو، اوهان کي اڪثر کاتن سمورين سڻڀين پوسٽن تي جيڪي ماڻهو مقرر ملندا، سي ميرٽ بدران ”چمڪ“ جي زور تي مقرر ٿيل ملندا. اوهان پاڻ ئي سوچيو ته جيڪي ماڻهو ڪجهه ڏئي وٺي ڪنهن پوسٽ تي آيا هوندا، سي ڪيترا پروفيشنل هوندا؟ انهن جون سموريون پروفيشنل صلاحيتون ان ڳالهه تي مرڪوز هونديون ته هنن جيڪا ”سيڙپ“ ڪئي آهي، سا نفعي سميت ڪيئن ڪڍن. ان صورتحال ۾ اهڙيون تباهيون نه ٿينديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ”ڪمائو ڪامورا“ سڀني کي پيارا هجن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو جيڪڏهن هڪ هنڌان انهن تي ڪي آڱريون کڄن ٿيون ته انهن کي ٻي ڪنهن پوسٽ جي کاري هيٺان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته جيئن اهي محفوظ رهن.
    ماڻهن گهڻو وقت اڳ ”واپڊا“ کي اڇو هاٿي ڪوٺيو هو، جو ان جا ڪامورا ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه هئا، پوءِ اوهان ڏسو پيا ته ان اداري جو حشر ڇا ٿيو آهي، ڪامورن ته کڻي ڪمائي کيسا ڀريا، پر ادارتي طور ان جي ڪارڪردگي اهڙي آهي، جو ماڻهو هن جديد دور ۾ به بجلي کان محروم ٿي پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ايئن ئي آبپاشي جا ڪامورا آهن، جن جو سمورو ڌيان آبپاشي سسٽم کي برباد ڪرڻ وارين سرگرمين تي رهيو آهي. شايد ان جو نتيجو به اهو نڪري، جو هو هاڻوڪي سنڌ کي انگريزن کان اڳ واري سنڌ ۾ تبديل ڪري ڇڏين، جڏهن ڪو به اريگيشن سسٽم نه هو.
    اهي سموريون ڳالهيون ٻوڏ کان وڏي ڪنهن وارننگ وانگر محسوس ٿين ٿيون، جنهن صورتحال کان بچڻ لاءِ رڳو ڪنهن ذميوار جي بدلي ڪافي ڪونهي، انساني تباهيءَ جي ذميوارن کي ته پاڻ ئي مستعفي ٿيڻ گهرجي، پر اهڙو ڪلچر اسان وٽ ڪٿي؟ ان ڪري اسان جي حڪومتي ادارن توڙي عدالتن کي سڌارا آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ڄامشوري ضلعي ۾ وطن ڪارڊ ڪير ڏيندو؟

    گذريل سال سنڌ مهاٻوڏ کي منهن ڏنو، مارو ماڻهو دربدر ٿي اڄ تائين ڪئمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انهن جا فصل مال متاع ٻڏي ويو، تڏهن وزير اعظم پوري پاڪستان جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ وطن ڪارڊ جي صورت ۾ مالي مدد ڪرڻ جي صوبن کي تلقين ڪئي. جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن ته اتي جي ٻوڏ متاثرن کي فوري امداد ڏئي وطن ڪارڊ جي پهرين قسط ڏئي ڇڏي پر سنڌ حڪومت اڄ تائين وطن ڪارڊ جي پهرين قسط به نه ورهائي سگهي آهي ۽ ٻي قسط جي ته ڪابه خبر نه آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي وري ڄامشوري ضلعي جي انتظاميا حقيقي ٻوڏ متاثرين کي وطن ڪارڊ ڏيڻ جي بدران سفارشي ماڻهن کي وطن ڪارڊ ڏيئي رهي آهي، ۽ اتي جي مقامي ۽ ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي ماڻهن کي رلائي رهي آهي. جڏهن ته اڃا تائين ڄامشوري ضلعي جي ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن کي پهرين قسط جا پئسا به نه ملي سگهيا آهن. اسان وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته حقدار متاثرين کي جلد از جلد وطن ڪارڊ ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، ڇو ته اڃا تائين ضلعي انتظاميا سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

    محمد اشرف راڄڙ/ڳوٺ رمضان راڄڙ (ڄامشورو)
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    مهينن کان ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر سڀني کان وسري ويا

    رپورٽ: حسن ٽڳر

    گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ٽوڙي واري علائقي سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان دربدر ٿيل ٻوڏ متاثر اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا هئا، جن کي حڪومت شروعاتي ڏهاڙن ۾ ته راشن، پاڻي ۽ صحت جون سهولتون ميسر ڪيون هيون، ۽ کين گهر ڏيڻ جو واعدو به ڪيو هو پر پوءِ آهستي آهستي انهن کان سڀ سهولتون کسڻ جو شروع ٿي ويو ۽ هينئر صورتحال اها آهي ته گذريل ڏهن مهينن کان بي گهر ٿي ڪئمپن ۾ زندگي گذاريندڙ ٻوڏ متاثر ملير جي رزاق آباد، سپر هاءِ وي ۽ گلشن معمار ۾ شديد گرمي ۽ نٽهڻ اّس ۾ ڪئمپن ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن ۽ اهي جڏهن ڪو احتجاج ڪن ٿا ته انهن تي پوليس اهڙا ته ڏنڊا وسائي ٿي ۽ شيلنگ ڪري ٿي جو اهي وري واپس چپ ڪري بک ۽ ڏک تي ڪئمپن ۾ ويهي رهن ٿا، ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۾ بغير بجلي جي عذاب واري زندگي ۾ مبتلا آهيون، شروعاتي ڏهاڙن ۾ حڪومت پاران ڪئمپن جي دوري دوران مختلف وزيرن اعلان ڪيو هو ته ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول کوليا ويندا، عورتن جي سکيا لاءِ ووڪيشنل ٽرينگ سينٽر کوليا ويندا پر ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، انهن اعلانن تي عمل ناهي ٿيو، ايتري قدر جو کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي جيڪا مليل سهولت مليل هئي، اها به ختم ڪئي وئي آهي ، رزاق آباد ٻوڏ متاثر ڪئمپ جي انچارج رستم ٻرڙو ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪئمپ جو دورو ڪيو هو ۽ عورتن جي سکيا لاءِ سلائي ۽ ڪڙهائي جي اسڪول جو افتتاح به ڪيو پر هڪ مهيني بعد سکيا مرڪز کي تالا هنيا ويا ۽ سڄو ڪم ئي ٺپ ڪيو ويو، ڪئمپن ترسيل ماڻهن چيو ته ٻاهرين ملڪن توڙي مختلف اين جي اوز پاران مليل امدادي سامان ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران روينيو جو عملو پنهنجي گهر کڻي وڃي ٿو، هينئر صورتحال اها آهي ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪولر به نه آهي، جنهن ۾ پاڻي ڀري اسين پي سگهون، رڌ پچاءُ لاءِ به سامان نه آهي هڪ ڪئمپ وارا رڌ پچاءُ ڪندا آهن ته ٻيا ويهي انتظار ڪندا آهن .جڏهن ته سپر هاءِ وي تي ويٺل لڳ ڀڳ 900 گهرن تي مشتمل 10 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر پڻ کاڌ خوراڪ ، تعليم ، صحت سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن . ان ڏس ۾ سپر هاءِ وي ڪئمپ جي انچارج پير فرخ جان سرهندي ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته سپر هاءِ وي ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ٺل، شڪارپور، روجهاڻ جمالي، دادو، ميهڙ ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٺٽي جا 10 هزار ٻوڏ متاثر ترسيل آهن، جيڪي بي يارومددگار ويٺا آهن، حڪومت پاران سندن ڪا به مدد نه ٿي ڪئي وڃي، ٻار به تعليم کان محروم آهن، بيمار مريض صحت جي سهولت نه هجڻ سبب مختلف بيمارين جي ور چڙهيل آهن، حڪومت جا ماڻهو سهولتون ڏيڻ بدران ڪئمپون پٽي واپس وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ به نه مليا آهن ۽ نه ئي حڪومت پاران ڪا امداد ڪئي وئي آهي، سپرهاءِ وي ٻوڏ متاثر ڪئمپ ۾ موجود ٻوڏ متاثرن چيو ته اسان قيدين واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان کي ڪابه سهولت مليل ناهي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ 10 کان 15 ڪلوميٽر پري کان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهيون، اسين بي يارومددگار پنهنجي مدد پاڻ زندگي جو گذر سفر ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پويان گهر به ڊهي ويا آهن، هاڻي اسان وڃون ته ڪيڏانهن وڃون، سڀ ماڻهو آهستي آهستي پوئتي هٽي ويا آهن، هوڏانهن گلشن معمار ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته شروعاتي ڏهاڙن ۾ حڪومت ۽ سياسي سماجي ماڻهن مدد ڪئي، ان کانپوءِ ڪير به اسان ڏانهن لڙي نه آيو آهي، هنن چيو ته انتظاميا جا آفيسر اسان کي ڌمڪائي ۽ ڊيڄاري واپس پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، هو چون ٿا ته آئنده لاءِ ڪابه کاڌ خوراڪ ناهي، پنهنجي مدد پاڻ تحت گذر سفر ڪري سگهو ٿا ته ڪريو، نه ته واپس هليا وڃو، هنن چيو ته ڪيمپ ۾ کليل آسمان هيٺ شديد گرمي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    نارا ڪئنال کي پيل گهاري جا پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟
    اسلم ميمڻ
    چئن ضلعن کي آباد ڪندڙ نارا ڪئنال کي پيل گهاري جي نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ هن وقت جڏهن ڦٽين جي پوکي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف هزارين ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، سوين شاخون وارا بندي تحت بند آهن، ان دوران نارا ڪئنال کي گهارو پوڻ مان ظاهر آهي ته گهارو آبپاشي کاتي جي لاپرواهي سبب پيو آهي، چوٽياريون ڊئم جي مکي ريگيوليٽر مان نڪرندڙ لوڻه تان ڪئنال جيڪو سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعن کي آباد ڪري ٿو، ان کي گذريل ڏينهن رات جو 2 وڳي آر ڊي نمبر 312 وٽان گهارو پئجي ويو، جيڪو وڌي 60 فوٽ ٿي ويو، گهاري سبب علائقي جا 10 ڳوٺ جن ۾ ڳوٺ ڪمال فقير راڄڙ، عالم آباد، دودو راڄڙ، سانوڻ انڙ، معروف راڄڙ، لياري، مورهڏي، رضا محمد درس، عثمان جوڻيجو، عبدالستار درس پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته 4 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ تي بيٺل فصل جنهن ۾ وونئڻن، ڪمند، ڪيلو، ساريون شامل آهن، مڪمل طور ٻڏي تباهه ٿي ويو، جنهن جي نقصان جو اندازو ڪروڙين رپيا لڳايو وڃي ٿو، ڇو ته صرف هڪ ايڪڙ وونئڻن جي ۽ ڪمند جي پوکي تي 20 هزار رپيا في ايڪڙ کان وڌيڪ خرچ اچي ٿو، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان هارين کي ٿيو آهي، هاري ان پوکي ۾ زميندارن جا قرضي ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته زمين جي هر ۽ کيڙي جو سمورو خرچ هاري جو هوندو آهي، ان کان وڏو نقصان انهن چئن ضلعن جي هزارين آبادگارن ۽ هارين جو ٿيندو جن کي چئن ڏينهن تائين گهاري سبب پاڻي جي نقصان جو اندازو هر آبادگار سولائي سان لڳائي سگهي ٿو. آبپاشي کاتي وارن جي لاپرواهي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته رات جو 2 وڳي ڌاري پيل نارا ڪئنال جي گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ نارا ڪئنال جو چوٽياريون ڊئم مان پاڻي گهٽ ڪرايو ويو پر چوٽياريون ريگيوليٽر وٽان نڪرندڙ شاخون جيڪي وارابندي تحت بند هيون، اهي نه کوليون ويون، اهي ٻئي شاخون کوليون وڃن ها ته نارا ڪئنال جو پاڻي تيزي سان گهٽجي وڃي ها ۽ گهاري کي بند ڪرڻ ۾ ايتري دير نه ٿئي ها، گهاري واري هنڌ گهارو ٻڌڻ لاءِ ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ ۽ ٻين زميندارن پاران موڪليل هاري سفيدي جي وڻن سان گهاري ۾ ڄار ٻڏي رهيا هئا. ان موقعي تي ساڳيا هاري جن جا ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويا هئا، اهي آيل مهمانن جي خدمتن ۾ پورا هئا، انهن کي پاڻي پيارڻ آڌر ڀاءُ ڪرڻ سندن سنڌ جي مهمان نوازي جو چٽو ثبوت هو ته پنهنجي ايڏي وڏي نقصان جي باوجود ان نقصان جي ڀاڱي ڀائيوارن جي خدمت سندن سادگي جو، محبت جو ۽ سنڌي هئڻ جو ثبوت آهي، ڪيترن هارين چيو ته ڇا ڪريون ڇا ٿيندو؟ اسان کي حڪومت جي خبر آهي ته اها اسان جي ڪابه مدد نه ڪندي، جيڪو الله کي منظور هو اهو ٿيو، اسان کي رب پاڪ ڏيندو، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ٻڏي جا ٻيڻا“ اسان کي خبر آهي ته اهو گهارو آبپاشي کاتي وارن هٿ سان وجهرايو آهي. آبپاشي کاتي وارن تي اسان مسڪينن جي دانهن جو ڪهڙو اثر ٿيندو، ڪير انهن خلاف ڪارروائي ڪندو؟ جمڙائو ڪئنال کي گهارو پيو، جنهن سان صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري جون زمينون پاڻي هيٺ آيون ته انجنيئر کان داروغي تائين سڀني کي معطل ڪيو ويو پر هتي هر آفيسر خاموش آهي. گهارو پيو، زمينون ۽ ڳوٺ به اسان جا ٻڏا، خرچ به اسان ڪيا، گهارو به اسان ٻڌو، آفيسر هاڻ ان تي به ٻيڻا ٽيڻا بل ڪڍي پنهنجا ڀڀ ڀريندا. ان موقعي تي زميندارن پير بخش راڄڙ، ڀورو فقير انڙ، محمد ملوڪ، عثمان ۽ ٻين ٻڌايو ته اهو گهارو آبپاشي کاتي وارن هٿ سان وجهرايو آهي، اسان ٻن مهينن کان دانهون ڪندا اچون ته ٽنڊو مٺا خان کان هيٺ نارا ڪئنال جا بند ڪمزور آهن، 20 ڏينهن اندر ان ٽڪري ۾ 17 ننڍا ننڍا گهارا ناري ڪئنال کي پئجي چڪا آهن، جنهن لاءِ مڙئي انجنيئرن آفيسرن کي اطلاع ڪيا پر ڪوبه لڙي نه آيو ته معائنو ڪري ڏسن ته گهارا ڇو ٿا پون، هي گهارو ان ڪري وجهرايو ويو آهي ته هن وقت پاڻي جي کوٽ گهٽ آهي، گهارو وجهرائي آبادگارن کان واٽر ڪورسن تي ٻيڻا پئسا وصول ڪري سگهن، ٻيو ڪوبه سبب ناهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ان گهاري جي ڊسٽرڪٽ سيشن جج کان عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    گهوٽڪي جو شينڪ بند ٽٽڻ کان پوءِ...!!
    الهورايو بوزدار
    گذريل ٻوڏ دوران گهوٽڪي ويجهو شينڪ بند کي لڳل گهارن بعد مسلسل اتان جي رهواسين طرفان اهي دانهون هيون ته ”شينڪ بند جي گهارن کي ٻڌيو وڃي، ٻي صورت ۾ وڏي تباهي ايندي“پر اتان جي مسڪين ماروئڙن جي درد جي دانهن ڪنهن نه ٻڌي ۽ مجبور ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت شينڪ بند جي گهارن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بابت ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هنن 7 لک رپيا خرچ ڪيا، پر درياءَ جي اڳيان ويچارن مقامي ماڻهن جي ڪيل اها محنت ڪم نه آئي ۽ درياءَ ۾ هڪ لک ڪيوسڪس تائين وهڪرو پهتو ته اهي عارضي بند ڀڄي ڀري پيا ۽ سڄو درياءَ ڪاري ڍنڍ ۾ اٿلي پيو، جنهن جو منهن سڌو قادرپور لوپ بند ڏانهن آهي، ٽي ڏينهن اڳ جڏهن شينڪ بند ڀڄي پيو ته سيڊا گهوٽڪي جا عملدار اهو مڃڻ لاءِ به “تيار نه ٿيا ته ڪو ان هنڌ پراڻو بند هو“سندن موقف اهو اڳيان پئي آيو ته “اهو ڳوٺاڻن جو پنهنجو بند هيو”ڪجهه وقت بعد وري اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته “اهو مدي خارج بند هيو ان سان اسان جو ڪو واسطو ناهي”اهڙي ريت سيڊا جي گهٽ مهارت وارا جونئير آفيسر جيڪي اڪثر هن حڪومت جي باصلاحيتن وزيرن جي پسند موجب رکيل آهن، انهن هرحالت ۾ شينڪ بند جي ٽٽڻ واري مامري کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تمام جلد حقيقتون دنيا جي اڳيان اچي ويون ته شينڪ بند نه ته مدي خارج بند هو ۽ نه ئي ان کي اختيارين درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو پر اهو بند 73ع کان وٺي 2010ع تائين به ايريگيشن جي نگراني هيٺ هو، 2010 دوران به جڏهن بند کي گهارا لڳا تڏهن نيامڻ لانڍي کان ڳوٺ يوسف چاچڙ تائين آبپاشي کاتي طرفان هن بند جي نگرانيءَ لاءِ بيلدار مقرر ٿيل هئا، هن بند تي به قادرپور لوپ بند وانگر آبڪلاڻي جي مند ۾ لانڍيون ٺهنديون هيون ۽ ان جي لاءِ بجيٽ رکي ۽ کپائي ويندي هئي، اهڙي ريت شينڪ بند جي ڀرواري سڄي تر ۾ سيڊا طرفان واهن جو نظام هيو نيامڻ لانڍي کان قادرپور مائينر (1)نڪتل هو، جنهن ذريعي هنن ٻنهي ديهن جي ايراضي آباد ٿيندي هئي ۽ ان واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورسز تي سيڊا طرفان فارمرز آرگنائيزيشن جوڙيون ويون هيون ۽ آبادگارن کان پڪي جي آبادگارن وانگر ڍل ۽ آبيانو ورتو ويندو هو، اهڙي ريت هن تر ڊسٽرڪٽ ۽ سنڌ گورنمينٽ طرفان روڊ رستا پڻ تعمير ڪرايا ويا هئا، ڳوٺن کي بجلي مليل هئي ۽ تر ۾ پنج کان وڌيڪ اسڪول پڻ هئا، جنهن ڪري اهو چوڻ ته اهو علائقو ڪچي جو هو ۽ هو اتي پنهنجي رسڪ تي رهيل هئا ته اهو غلط هو، جنهن بعد جڏهن 2010 ۾ شينڪ بند کي گهارا پيا ته درياءَ جو سڌو دٻاءُ اچي قادرپور لوپ بند مٿان پيو ۽ خيري ڳوٺ کان ڪچوٻنڊي تائين تقريبن ڇهن ڪلوميٽرن تائين درياءَ بند سان لڳي ڪري وهڻ لڳو هو، جنهن ڪري بند 10لک کان وڌيڪ پاڻي جي سخت دٻاءَ سبب صفا لڏي ويو، هنڌ هنڌ بند کي روڻيون پوڻ لڳيون ۽ بند جي مٿان پڻ پاڻي وهڻ لڳو ۽ مقامي هزارين ماڻهن ڏينهن رات بند مٿان جاڳي پهرا ڏيئي مٽي جون ڀريل ٻوريون رکي بند کي بچايو ،ٻوڏ کان پوءِ خود سيڊا طرفان گهوٽڪي مان بندن جي مرمت جا جيڪي پروپوزل موڪليا ويا انهن ۾ شينڪ بند کي ترجيحي بنيادن تي رکيو ويو ، هتي اها ڳالهه به واضح ڪندا هلون ته عام طور تي اهو چيو پيو وڃي ته شينڪ بند واري مرمتي يا بند جي بحالي واري منصوبي کي فيڊرل فلڊ ڪميشن رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اهو منصوبو سنڌ رور ڪميشن (آءِ آر سي)مان منظور ٿيڻ کان پوءِ فيڊرل فلڊ ڪميشن کي موڪليو ئي نه ويو هيو ڇوته ارسا ۾ جڏهن شينڪ بند جي منصوبي کي رکيو ويو ته اتي ان تي وڌيڪ اڀياس جي لاءِ سيڊا جي ايم ڊي جي نگراني ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي ويئي جنهن ۾ چيف انجنئير فڊو بئراج ظفر الله مهر سيڊا گهوٽڪي جو ان وقت جو ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ شامل هئا جن شينڪ بند جي ٽٽل حصن جو معائنو ڪري ان جي بحالي بابت رپورٽ ڏيندي ان کي درياءَ جي حساس بندن جي مرمت ۽ بحالي واري ترجيحي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي پر ان کان اڳ تڪڙ ۾ سنڌ حڪومت طرفان گهوٽڪي جي ٻارنهن بند جا پروپوزل وفاق ڏانهن موڪليا ويا ۽ شينڪ بند منصوبو ارسا مان منظوري باوجود ڪامورن جي تڪڙ ۽ ڪوتاهي سبب رهجي ويو، جنهن بعد جيئن جيئن درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه وڌڻ لڳو ته مقامي ماڻهن جي ڳڻتي وڌڻ لڳي جنهن بعد ٻيهر ڪامورن کي اهو احساس ٿيو ته شينڪ بند کي پيل گهارا بند ڪرڻ جي لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي،جنهن بعد سنڌ حڪومت جي پاڻي مامرن بابت ڪنسلٽنٽ ادريس راجپوت سميت ڪيترن ئي ماهرن بند جو معائنو ڪيو ۽ ٻيهر ان بابت پروپوزل جوڙڻ جي لاءِ اختيارين سان لکپڙهه جو فيصلو ڪيو ويو پر ان کان اڳ شينڪ بند ٽٽي پيو،هن وقت صورتحال اها آهي ته شينڪ بند جي گهارن اڳيان ٻڌل ڳوٺاڻن جي ٻنڊن جي ٽٽڻ بعد درياءَ تيزي سان ڪاري ڍنڍ ۾ پلٽجي پوڻ بعد قادرپور لوپ بند ڏانهن ڦهلجندو پيو وڃي ۽ ڪچوٻندي وٽ پاڻي جي سطح هن وقت ان هنڌ بيٺل آهي جتي عام طور تي چار لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي هجڻ دوران هوندو هو، جڏهن ته ان دوران تر جا ٽيهارو ڳوٺ پڪي کان ڪٽجي ويا آهن، ڳوٺن جي چوڌاري درياءَ ڦري آيو آهي۽ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، ان دوران تازو ئي هنن سٽن لکڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي، پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو، سيڊا جي ڊائريڪٽر انورسيال سان گڏجي شينڪ بند جو معائنو ڪيو پر سندن آمد مهل ڳوٺاڻن سخت مايوسي جو اظهار ڪندي کين چيو ته هاڻ اوهان جو اچڻ اسان جي ڪم جو ناهي ڇوته هاڻ شينڪ بند ٽٽي چڪو آهي ۽ هاڻ هيڏي ساري درياءَ کي ٻڌڻ اوهان جي وس جي ڳالهه ناهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    بندن جي ڪمزور حالت عوام کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو
    غلام نبي ڪيريو

    سنڌ صوبي ۾ گذريل ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي نقصان جو 9 مهينا گذرڻ باوجود اڃان تائين مڪمل پورائو ٿي نه سگھيو آهي. ٻوڏ متاثر آباد نه ٿي سگهيا آهن ۽ عارضي پناهگاهن ۾ ويٺا آهن، ٻوڏ سبب متاثر ٿيل لکين ماڻهو اڃان به پنهجي گھرن ۾ مٿان وري سنڌ ۾ ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي خطري سنڌ جي درياءَ وارن علائقن جي عوام جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ ۾ هاڻي جيڪا امڪاني ٻوڏ اچڻ واري آهي. اها ڪيترو خطرو بڻجي سگھي ٿي. يا ڪيترا نقصان رسائي سگھي ٿي. ان بابت مختلف اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن. جنهن ۾ پاڻي جي ماهرن جي اها به راءِ آهي ته ايندڙ ٻوڏ گذريل ٻوڏ کان وڌيڪ تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿي. سنڌو درياءَ جي بندن جي مرمت واري ڪم بابت هر علائقي مان کوڙ ساريون شڪايتون پهچي رهيون آهن. بندن جي مرمت جي نگراني ڪندڙ به پنهنجا اعتراض ظاهر ڪري رهيا آهن. پر حڪومت اڃان تائين ان جو ڪو به مثبت حل ڳولي نه سگھي آهي. ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار لڳ زيرو پوائنٽ کان ٻڌڪا بند تائين ڪمزور بندن جي مرمت لاءِ ٽن مهينن کان شروع ڪيل ڪم اڃان تائين جاري آهي. جنهن ۾ بندن جي مرمت لا۽ منظور ڪيل 6 فٽ مٽي جي ڀراءَ واري اسڪيم به اڃان مڪمل ٿي نه سگھي آهي ته وري مٿان ان اسڪيم کان اڳ ئي پٿرن جي پچنگ وارو شروع ڪيل ڪم به رولڙي جو شڪار آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    بندر وال تي قبضا ڪري ويٺل ماڻهن کي بنا فرق جي هٽائڻ جي ضرورت
    شبير ڀٽو
    سکر واري پل جي اوڀارين پاسي سکر شهر جي بچاءُ لاءِ تعمير ڪيل بندر وال جي مٿان ۽ درياهه جي پيٽ اندر قبضو ڪري گهر ۽ ٻيون عمارتون اڏيندڙ ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت ۽ آبپاشي کاتي پاران ٽن ڏينهن جو ڏنل اليٽيمٽم اڄ پورو ٿي ويو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻن ڏينهن تائين سکر ۾ ترسيو ۽ هن سکر مان چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پوليس ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ ضلعي حڪومت سان لاڳاپيل ڪامورن سان تفصيلي اجلاس ڪيا، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته بندر وال تي ٿيل قبضا هر حالت ۾ ڇڏرايا وڃن، جنهن کانپوءِ ضلعي حڪومت طرفان پڙهو گهمائي ماڻهن کي اطلاع ڪيو ويو ته ٽن ڏينهن جي اندر اهي پنهنجا گهر خالي ڪري ٻي هنڌ منتقل ٿي وڃن. جنهن کانپوءِ هن علائقي ۾ رهندڙ 3 هزارن جي لڳ ڀڳ خاندانن سان تعلق رکندڙ هزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن ۾ سندن مستقبل جي حوالي سان مختلف سوال سامهون اچي ويا آهن. وڏي وزير پاران سينيٽر اسلام الدين شيخ جي سربراهي ۾ هڪ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته اهي بندر وال کي خالي ڪرائڻ لاءِ وقتائتو فيصلو ڪندي ۽ ماڻهن کي هتان هٽائڻ ۽ ان کان پوءِ واري صورتحال بابت اها فيصلو ڪندي. ان ڪاميٽي تي بندر وارن ماڻهن عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪالهه صبح جو هزارين مردن ۽ عورتن بندر روڊ کان سکر پريس ڪلب تائين هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ انهن ضلعي حڪومت جي ڪامورن، چونڊيل اسيمبلي ميمبرن ۽ سکر سمال ٽريڊرز جي اڳواڻن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اهي احتجاج ڪندڙ ٻن ڪلاڪن تائين سکر پريس ڪلب ڀرسان ميناره روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن ڪري شهر جي مک روڊ تي ٽريفڪ بند ٿي وئي جڏهن ته احتجاج کي منهن ڏيڻ ۽ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ پوليس جي هڪ وڏي نفري موقعي تي موجود هئي. احتجاج ڪندڙ بعد ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي رهائشگاهه ڏانهن وڌڻ لڳا ته کين پوليس اهلڪارن روڪي ڇڏيو ۽ ڊي ايس پي سکر سيد مشتاق شاهه ساڻن ڳالهيون ڪري کين واپس موٽائي ڇڏيو ۽ شام ڌاري ضلعي حڪومت ۽ پوليس سان لاڳاپيل عملدارن ۽ آبپاشي کاتي جي ملازمن جي نگراني هيٺ گهرن ۽ ٻين اڏاوتن کي ڊاهڻ لاءِ بلڊوزر آندا ويا آهن ۽ هن وقت جڏهن مان هي سٽون لکي رهيو آهيان ته سکر واري پل جي اوڀر پاسي بندر وال لڳ بندر روڊ تي پوليس اهلڪارن جا جٿا بيٺل آهن ته ٻي پاسي بندر وال واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جا هجوم ٽولن جي صورت ۾ بيٺل آهن ۽ ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اڏاوتن کي ڊاهڻ دوران ڪو وڏو هنگامو ٿي وڃي. ان ڪري اهي ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن ته ڊي سي او سکر، سکر مان چونڊيل اسيمبلي ميمبرن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ۽ معاملي کي گهڻن رخن کان ڏسي رهيو آهي. هڪ ڳالهه اها به گشت ڪري رهي آهي ته ماڻهن کي اٿارڻ لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي وچ ۾ پڻ اختلاف موجود آهن، جڏهن ته سڀ کان وڏي ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته بندر وال جي مٿان اڏيل گهڻ ماڙ عمارتن، ڪمرشل عمارتن ۽ گودامن جيڪي نج ڪاروباري ماڻهن جون ملڪيتون آهن. تن کي ڊاهڻ لاءِ اڃان تائين ڪو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته بندر وال جي مٿان جيڪي مسجدون اڏيل آهن ۽ ان جي ڀرسان درياهه جي پيٽ اندر ڪيئي سو فوٽن تائين عمارتون ۽ ديوارون اڏي مدرسا ٺاهيا ويا آهن تن کي نه ڊاٺو ويندو، جيڪڏهن غريب ماڻهن کي اٿاريو ويو ۽ اميرن ۽ بااثر ماڻهن کي ڇڏيو ويو ته ان سان اهي شڪ شبها جن بابت انهن ڪالمن ۾ مان بار بار لکيندو رهيو آهيان حقيقت بنجي ويندا ته بندر وال کي محفوظ بنائڻ لاءِ ٿيندڙ آپريشن جو گهڻي ڀاڱي اهي ماڻهو شڪار ٿيندا جيڪي آهن ته قبضو ڪندڙ پر انهن جي اڪثريت غريب خاندانن سان تعلق رکي ٿي جڏهن ته گهڻ ماڙ عمارتن، ڪمرشل بلاڪن ۽ آفيسن جا مالڪ وڏا ماڻهو، صنعتڪار ۽ حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا خاص ماڻهو آهن انهن کي ڪجهه به نه چيو ويندو. مان ذاتي طرح سان سکر شهر جي ٻين ماڻهن جيان ان ڳالهه جو حامي آهيان ته بندر وال کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ ان تي قبضو ڪري ان کي غير محفوظ ڪندڙ ماڻهن کي هٽايو وڃي پر هڪ ڳالهه جو اڃان تائين فيصلو ڇو نه ڪيو ويو آهي ته انهن ماڻهن کي قبضو ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ کين بجلي، گئس ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن فراهم ڪندڙ ڪامورن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترا ئي اهڙا ڪامورا نه رهيا هجن پر اڃا تائين ڪي حال حيات ضرور هوندا، ٿيڻ ته ائين کپندو آهي ته جن ماڻهن غير قانوني طور تي قبضا ڪري گهر اڏڻ جي اجازت ڏني تن کي بجلي، گئس ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن فراهم ڪندڙ ۽ آبپاشي کاتي جي خاموش رهندڙ ڪامورن خلاف پڻ سخت ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو مثال بڻجي وڃي ۽ آئنده ڪو به ڪامورو اهڙي جرئت نه ڪري سگهي. ڳالهه اها آهي ته سکر شهر جا لکين ماڻهو گذريل سال آگسٽ ۾ آيل ٻوڏ ۽ ان کانپوءِ سڄو مهينو هڪ وڏي عذاب ۾ گذاريو ۽ انهن ڏينهن رات جاڳي گذاريو مون ماڻهن کي بند ٽٽڻ جي افواهن تي ڀڄندي ڏٺو آهي ٻارن ۽ عورتن کي روئندي ڏٺو آهي پر ان سڄي صورتحال ۾ اها ڳالهه ڏاڍي دير سان آبپاشي کاتي جي ڪامورن، ضلعي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار کي ياد آئي آهي جو بندر وال کي ٻوڏ واري پاڻي لهي وڃڻ کان 6 مهينا پوءِ خالي ڪرائڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته اها ڪاروائي ٻوڏ وارو پاڻي لهڻ شرط شروع ٿي وڃي ها ته هن وقت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا نه ٿئي ها.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    الرا بچاءَ بند ٽٽڻ ۽ وڏي آبادي پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو
    خادم جوڻيجو
    سنڌو درياءَ جي گذريل ٻوڏ جون تباهڪاريون اڃان ختم ئي نه ٿيون آهن ته وري ٻوڏ جي امڪاني خطرن رهواسين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي الڪو پنهنجي جاءِ تي پر پڪي جا شهر ۽ ڳوٺ ٻڏڻ جا خدشا ۽ خطرا موجود آهن، ڇوته خيرپور ضلعي جي سنڌو درياءَ جي بچاءَ لاءِ جوڙيل الرا بچاءَ بند،جمشيد بچاءَ بند، فريد آباد بچاءَ بند، اولڊ سوڀوديرو بچاءَ بند جيڪي سکر کان سڳيون تائين 140 ڪوميٽرن جي سنڌو جي پيٽي سان قائم ٿيل آهن ۽ گذريل 25 سالن کان وٺي سار سنڀال نه لهڻ ڪري انهن جي حالت تمام خراب ۽ زبون ٿي وئي آهي. گذريل سال واري ٻوڏ ۾ سنڌو درياءَ ڪيترن ئي هنڌن تان ڄاڻايل بچاءَ بندن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر علائقي جي عوام خاص ڪري پير پاڳاري جي هزارين حرن اتي پهچي رات ڏينهن محنت ڪري بند کي محفوظ بڻايو. گذريل ٻوڏ خيرپور ضلعي جي ڪچي جي 5 لک ايڪڙ زرعي زمين ۽ 500 کان وڌيڪ ڳوٺن کي تباهه ڪيو ۽ اڃان انهن تباهڪارين جو ازالو نه ٿيو آهي ته مٿان سانوڻي جي ٻوڏ جا گهنڊ وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. سنڌو درياءَ الرا بچاءُ بند جي 4 ميل وٽان کاڌ تيز ڪري ڇڏي هئي، جيڪا اڃا به جاري آهي ۽ ان کاڌ ڪري ڪچي ۾ هزارين ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين ۽ مختلف فصل جن ۾ ڪيلا، ڪمند، وونئڻ، جوئر، تر، گنوار ۽ ٻيا فصل توڙي ڀاڄيون شامل آهن، ڳڙڪائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ سنڌو جي کاڌ ايتري تيز ٿي وئي آهي جو هاڻ الرا بچاءَ بند جي بلڪل ويجهو 20 فوٽن تائين پهچي چڪو آهي ۽ اهڙي صورتحال ڪري الرا بچاءُ بند جي ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، بند ٽٽڻ جي خطري سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، سوين خاندان لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن، جڏهن ته سنڌو درياءَ جي کاڌ کي روڪڻ لاءِ بچاءَ بندن جي مضبوطي لاءِ سنڌ حڪومت پاران پٿرن جي پچنگ جي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي پر ڪم ناقص ۽ سست رفتاري سان هلي رهيو آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    وڏي تباهي مچائيندڙ ٽوڙي بند جو ڪم ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟
    اقبال ساجد
    ٽوڙي بند کي مضبوط ٻڌو ويو آهي يا نه؟ اهو سوال گذريل 10 مهينن کان هر ان ماڻهو جي زبان تي آهي، جيڪي 7 آگسٽ 2010ع کان ٻوڏ سبب لڏپلاڻ ڪري ويل هئا يا سندن ڳوٺ، واهڻ، وستيون ٻوڏ دوران تباهه ٿيون هيون، سنڌ اندر ٻوڏ کي اٽڪل 10 مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ انهن 10 مهينن جي عرصي ۾ آبپاشي کاتي سميت ملڪ جي حڪومت ٽوڙي بند سميت ٻوڏ دوران ٽٽل سمورن بندن کي ڪيترو مضبوط ڪرايو آهي، ان بابت ته هر ٻوڏ متاثر ماڻهو مڪمل ڄاڻ رکي ٿو، ڇو ته جتي جتي ٻوڏ کانپوءِ ٽٽل بندن کي ٻڌڻ جو ڪم جاري هو ته اتان جي علائقي واسين جون ٻڌڻ ۾ آيون ته سندن علائقي ۾ بندن جو ڪم مضبوط نه پيو ڪيو وڃي ۽ بندن جي ٻڌڻ ۽ ان جي صورتحال بابت ته آبپاشي کاتي توڙي سنڌ حڪومت به ڪڏهن ڪڏهن اعتراف ڪيو هو ته ڪم سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي، آبپاشي کاتي طرفان متاثرن کي اها خاطري ڪرائي ويندي هئي ته درياءَ ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ٿئي ته جلدکان جلد ٽوڙي بند کي ٻڌو ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ سرڪار جي لاپرواهي سبب گهڻي دير کانپوءِ ٽوڙي بند جي گهاري کي بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ اڃا تائين شايد ڪم هلي رهيو آهي، ٽوڙي بند جي ٽٽڻ بعد خاص ڪري ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان جا ڪجهه ضلعا متاثر ٿيا جتان لکين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن روانا ٿيا ۽ سندن لکين رپين جو سامان ۽ زمينون خراب ٿي ويون پر اهو عمل ٻوڏ بعد اٽڪل 2 کان ٽن مهينن بعد ٻوڏ متاثرن جي واپسيءَ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ آهستي آهستي ٻوڏ متاثر ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن واپس ٿيا ته سندن گهر، ڳوٺ ۽ زمينون ٻوڏ جي پاڻي ۾ تباهه ٿي چڪا هئا، جنهن بعد ٻاهرين ملڪ جي اين جي اوز تنظيمن کي اهڙن ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم سونپيو ويو، جنهن کانپوءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ يو سي وائيز اين جي اوز تنظيمن پاران بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو، پر آهستي آهستي متاثر علائقن ۾ اين جي اوز وارن کي مقامي بااثر شخصيتن جي حوالي ٿيڻو پيو ۽ هينئر اها صورتحال آهي ته متاثر علائقن ۾ ڪجهه اين جي اوز تنظيمن حقدارن بدران وڏيرن جي بنگلن ۽ اوطاقن ۾ ويهي سامان ورهايو ويو ۽ آخرڪار ائين به ٿيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به موجود هئا جن اين جي اوز سان ملي ڀڳت ڪري راشن توڙي ٻين اسڪيمن ۾ گهر ٺاهي ڏيڻ، ٻج ۽ ڀاڻ وغيره ۾ حد درجي تائين ڪرپشن ڪئي آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    گلوبل وارمنگ سبب سمنڊن جي سطح ۾ تيزي سان اضافو:موسمون تبديل، طوفان ۽ ٻوڏن جا خطرا

    حيدرآباد (رپورٽ:آڪاش سنتورائي) گلوبل وارمنگ سبب هن ڌرتي جي گولي تي موجود سمنڊن جي سطح ۾ تيزي سان اضافو اچڻ لڳو، سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏن جا خطرا، موسمن ۾ تبديلي اچڻ لڳي، اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ سمنڊن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان حوالي سان ورتل ڄاڻ موجب دنيا ۾ آيل صنعتي انقلاب کانپوءِ گرين هائوس گئسن جي قدرتي توازن ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ سبب روزانو وڌندڙ گرمي پد يعني گلوبل وارمنگ جي ڪري سمنڊ جي سطح ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، رپورٽ موجب 20هين صدي دوران گليشئر ڳرڻ سبب سمنڊ جي سطح ۾ 15 سينٽي ميٽر يعني 6 انچن تائين اضافو ٿيو، جڏهن ته سائنسدانن طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته ايڪهين صدي ۾ سمنڊن جي سطح ۾ 59 سينٽي ميٽر يعني 23 انچن تائين اضافو ٿيندو، رپورٽ موجب صنعتي انقلاب اچڻ بعد دنيا ۾ هٿرادو نموني خارج ڪيل ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو 50 سيڪڙو يعني اٽڪل 525 ارب ٽن سمنڊ جذب ڪري چڪا آهن، ٻي صورت ۾ اها ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گلوبل وارمنگ جو حصو بڻجي ها، سمنڊن جي سطح ۾ تيزي سان اضافو اچڻ سبب دنيا ۾ سامونڊي طوفانن، سونامي ۽ ٻوڏن جو خطرو آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سمنڊن جي ويجهو يا ڪنارن تي جڙيل شهرن توڙي ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ خطري هيٺ آهن ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري موسمن ۾ تبديلي اچي رهي آهي، وسڪاري جي مند پنهنجو وقت تبديل ڪري رهي آهي، ڪٿي ٻوڏ ته ڪٿي ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، سائنسدانن جو اندازو آهي ته گذريل هڪ سئو سالن دوران هن ڌرتي جي گولي تي گرمي پد ۾ 1.4 ڊگري سينٽي گريڊ کان 5.8 سينٽي گريڊ اضافو ٿيو آهي، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي رهڻي ڪهڻي جو اسٽائيل تبديل ڪري انهي نام نهاد ترقي کي ڇڏڻو پوندو ۽ خطرن سان ٻيهر ويجها لاڳاپا رکڻا پوندا، ان سلسلي ۾ گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين بابت ڪم ڪندڙ اداري جي ماهر غلام قادر شاهه ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته گلوبل وارمنگ سبب گليشئرز تيزي سان ڳري رهيا آهن، جنهن سبب سمنڊن جي سطح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، موسمون تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري ڪٿي ٻوڏون ته ڪٿي ڏڪار واري صورتحال ٿي ويندي، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته گلوبل وارمنگ سبب پوري سامونڊي ايڪولاجي ۾ بگاڙ اچي ويو آهي، سمنڊ جي سطح وڌڻ جي ڪري لکين ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو آهي، سامونڊي آبي جيوت سميت تمر جا ٻيلا تباهه ٿي رهيا آهن، هن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته پوري دنيا جي وڏن شهرن جو گند توڙي صنعتي گدلاڻ به سمنڊن ۾ وڌي وڃي ٿي، محمد علي شاهه چيو ته اسان وٽ نام نهاد ترقي جي نالي تي قدرتي وسيلن جو زيان گهڻو ٿي رهيو آهي.
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال


    سنڌ جي 22 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو، روزانو 80 ايڪڙ زمين سمنڊ جي منهن ۾ وڃي ٿي

    حيدرآباد:گلوبل وارمنگ سبب سمنڊ جي سطح ۾ واڌ اچڻ سبب سنڌ جي 22 لک ايڪڙ زمين عربي سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب روزانو 80 ايڪڙ زمين سمنڊ جي منهن ۾ وڃي ٿي.
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سنڌ بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ رقم نه رکڻ جو فيصلو
    ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي معاوضي جي ادائگي جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ به معاوضي لاءِ فنڊ نه رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چئنل موجب وفاقي حڪومت پاران فنڊ فراهم نه ڪرڻ سبب سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ ذريعي 80 هزار رپين جي ادائگي جو پروگرام معطل ڪري ڇڏيو آهي، مالي ڏکيائين سبب سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ به ٻوڏ متاثرن لاءِ معاوضي جي رقم نه رکي ويندي، سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ ذريعي ادائگي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر اها رقم اڃا تائين سنڌ حڪومت کي نه ملي آهي، ان کان اڳ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ ذريعي 20 هزار رپين جي پهرين قسط ادا ڪئي وئي هئي، اها قسط سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مان ڏني هئي، وفاقي حڪومت واعدو ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت کي رقم ادا ناهي ڪئي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سامونڊي طوفان جو خطرو برقرار، ساحلي پٽي ۾ تيز هوائون، سڀاڻي برساتون شروع ٿي وينديون
    حيدرآباد (نمائندن وٽان) سامونڊي طوفان جي خطري سبب ٺٽي، بدين ۽ ڪراچي جي ساحلي پٽي جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته تيز هوائون لڳڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، موسميات کاتي جي دعويٰ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ سڀاڻي کان سومر تائين زوردار برساتن ۽ مٽيءَ جي طوفان جو سلسلو شروع ٿي ويندو، سامونڊي طوفان جو رخ اتر اولهه طرف هوندو، موسميات کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته عربي سمنڊ ۾ موجود گهُٽ ۽ هوا جي داٻ ۾ گهٽتائي سبب طوفان جي رفتار سست ٿي وئي آهي، ان ڪري هاڻي اڄ جمعي بدران سڀاڻي ڇنڇر تي ساحلي پٽيءَ ۾ برسات ۽ طوفاني صورتحال پيدا ٿيندي، ان ڪري سمنڊ جي ڪناري تي رهندڙ مهاڻا محتاط رهن. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل چوٿين ايڊوائيزري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي علائقي ۾ مٽيءَ جي طوفان سان گڏ بارش پوندي، موسميات کاتي ڪراچيءَ ۾ موجود ڪلائيمٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر نعيم شاهه ٻڌايو ته ايس ايس ٽي (سي سرفيس ٽيمپريچر) سامونڊي سطح جي گرمي پد ۾ تبديلي سبب سمنڊ اندر هوا جي داٻ ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ ان جو اسٽيئرنگ فورس ڪمزور ٿي رهيو آهي، جيڪو هن وقت 20 هزار فوٽ کان مٿي آهي، ان ڪري طوفان جي ٺهڻ وارو عمل سست ٿي ويو آهي، اڃا تائين هوا جي گهٽ داٻ سبب اٿندڙ طوفان جي شڪل واضح نه ٿي سگهي آهي ان ڪري ان طوفان کي في الحال ڪو نالو به نٿو ڏئي سگهجي، هن ٻڌايو ته اهو طوفاني چڪر هن وقت ڪراچيءَ کان 500 ڪلوميٽر پري ڏکڻ ۾ موجود آهي. هن خيال ظاهر ڪيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ وٽ پهچڻ تائين طوفان جي شدت گهٽجي ويندي پر تنهن هوندي به سمنڊ ڪناري رهندڙ ڳوٺن جا ماڻهو احتياطي اپاءَ وٺن. هن چيو ته موسميات کاتي پاران ڪراچيءَ جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ ۽ ڪورنگي ڪريڪ وٽ جهوپڙين ۾ رهندڙ مهاڻن کي اتان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. هوڏانهن ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ ڳاڙهو، ٻهارو، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۾ سامونڊي هوا گهلڻ شروع ٿي وئي آهي، نتيجي ۾ سم نالا ۽ درياءُ ابتو وهڻ شروع ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ٺٽي ۽ بدين ضلعن مان آيل رپورٽن موجب ڪيٽي بندر ويجهو ڳوٺ عبدالله دبلو ۾ سامونڊي وير چڙهڻ ڪري ڳوٺ جا 9 گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺ کي بچاءُ لاءِ ڏنل بچاءُ بند ڪمزور ٿيڻ ڪري ان مان سمنڊ جو پاڻي اٿلي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي جنهن سبب ڳوٺ جي جيوڻ شاهه ۽ بخاري قبرستان به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڄاڻايل ڳوٺ ۾ 70 کان وڌيڪ گهرن جي آبادي آهي. ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، جاتي، شاهبندر، گهوڙاٻاري ۽ ميرپورساڪرو ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ بعد سمنڊ ۾ ويل ملاحن واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪالهه شام تائين ٺٽي جي سامونڊي حدن اندر مڇي جي شڪار تي ويل ڪيترائي مقامي مهاڻا پنهنجا هوڙا ڪاهي واپس ڪنارن تي پهچي ويا آهن جيڪي ڪنارن تي هوڙا بيهاري گهرن ڏانهن موٽي آيا آهن، جڏهن ته اطلاعن موجب سامونڊي علائقي حرامي ڍورو ۾ اڃا تائين 50 کان مٿي ماهيگيرن جا هوڙا موجود آهن جن جي واپسي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جڏهن ته ميرين سيڪيورٽي ايجنسي پاران گهري سمنڊ ۾ ويل ملاحن کي واپس آڻڻ لاءِ ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن، ٺٽي جي ڊي سي او جعفر عباسي ٻڌايو ته اڄ رات کان ٺٽي جي ساحلي علائقن ۾ زوردار طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ سامونڊي طوفان جي رخ ۽ رفتار بابت اڃا تائين نه ٻڌايو ويو آهي، هن چيو ته ساحلي ڪنارن توڙي سامونڊي ٻيٽن ۾ رهندڙ ماڻهن کي في الحال منتقل ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر امڪاني خطري جي پيش نظر ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ ۽ ڳاڙهو ۾ اسڪولن کي رليف ڪيمپن طور ظاهر ڪري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ته جيئن ضرورت پوڻ تي سامونڊي ٻيٽن جي ماڻهن کي انهن علائقن ۾ منتقل ڪري محفوظ بڻائي سگهجي. جڏهن ته بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جي چنداڻي ڳوٺ، احمد راڄو، شيخ ڪرهيو ۽ شيخاڻي گهاڙي زيرو پوائنٽ تائين رهندڙ هزارين ماهيگيرن ۽ عام ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آهي، سوين ڳوٺاڻن رات جو خطري کان اڳ چوڪيداري نظام شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ ۽ شيخ ڪرهيو ۾ انتظاميا پاران اڃا تائين ڪا به ڪيمپ قائم نه ڪئي وئي آهي، ڊي او روينيو فياض عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته ڊي ڊي او ٽنڊوباگو جيڪو بدين تعلقي جو پڻ انچارج آهي مختيارڪار بدين ۽ مختيارڪار گولاڙچي احمد راڄو ۽ ڀڳڙا ميمڻ پهتل آهن، رات ڪئمپ قائم ڪندا ۽ (اڄ) تائين ٺٽي مان گهرايل 40 ٻيڙيون ۽ ٽريڪٽر ٽراليون، ٽن ڪيمپن احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ ۽ سيراڻي ڪيمپ تائين پهچايون وينديون، ٻئي طرف سرڪاري پڌرائي موجب ڊي سي او بدين آغا واصف عباس ڪالهه کان سامونڊي حدن ۾ 144 قلم لاڳو ڪري سامونڊي حدن اندر ماهيگيرن جي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ بدين سول اسپتال ۽ تعلقي اسپتال گولاڙچي ۾ ايمرجنسي طور ڊاڪٽرن کي حاضر رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
    ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار امڪاني سامونڊي طوفان ۽ شديد برساتن کي نظر ۾ رکندي ساحلي علائقن جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. امڪاني طوفان سبب ضلعي انتظاميا سميت ٻين ادارن سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ امڪاني سامونڊي طوفان ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته موسميات کاتي ساموندي طوفان بابت پهرين ايڊوائيزري 6 جون تي جاري ڪئي ۽ سائيڪلون کي 98A انويسٽ چيو ويندو آهي. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته امڪاني طوفان سبب ماهيگيرن کي فوري طور تي سمنڊ مان واپس اچڻ جو چيو ويو آهي ۽ کليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. جمعي جي شام کان سنڌ-مڪران سامونڊي پٽي تي تيز هوائن سان برساتون پوڻ جا امڪان آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ساحلي علائقن ۾ آباد ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ضروري ۽ فوري اپاءُ ورتا وڃن، جڏهن ته امڪاني سامونڊي طوفان ۽ شديد برساتن کي نظر ۾ رکندي رليف ڪيمپون، ميڊيڪل ڪيمپون، گشتي موبائيل ٽيمن ۽ ماڻهن ۽ سامان کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙين جو پڻ انتظام ڪيو وڃي. سامونڊي پٽي جي ضلعن ڪراچي، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي رهائشگاهه، کاڌي پيتي، علاج ۽ ٻين ضرورتن لاءِ انتظام ڪيا وڃن.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سمنڊ ۾ ويل مهاڻن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي (زاهد ڀرڳڙي)ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن:سراج دراني
    ڪراچي: سنڌ جي فشريز واري وزير زاهد ڀرڳڙي چيو آهي ته منهنجو موسميات کاتي جي ذميوار عملدارن سان رابطو ٿيو آهي ۽ 90 سيڪڙو تائين سامونڊي طوفان بڻجي چڪو آهي ۽ اهو طوفان جمعي کان آچر جي وچ تائين واري مدي ۾ سامونڊي پٽي ۾ تيز هوائن ۽ برساتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي کي وڌيڪ ٻڌايو ته اونهي سمنڊ ۾ مهاڻن کي سامونڊي طوفان جو اطلاع ڏنو ويو آهي ۽ اتان مهاڻن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي هاربر تي مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. هوڏانهن هڪ پڌرائي موجب مڪاني ادارن واري وزير آغا سراج دراني ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ حيدرآباد جي شهري ۽ ضلعي حڪومتن کي هدايت ڏني آهي ته اهي امڪاني سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي انتظام ڪن، هن چيو ته موسميات کاتي مطابق 11 کان 13 جون تائين ڏاکڻي سنڌ ۾ تيز برساتون ٿي سگهن ٿيون جنهن لاءِ اڳواٽ حفاظتي بندوبست جي ضرورت آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ملڪ ۾ 12 سامونڊي طوفان آيا، 65ع ۾ 10 هزار ماڻهو فوت ٿيا
    ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عربي سمنڊ جي اتر ۾ سامونڊي طوفان جي تاريخ ڏيڍ صدي پراڻي آهي، پاڪستان جي قيام بعد ملڪ ۾ 12 کان وڌيڪ سامونڊي طوفان اچي چڪا آهن، هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب 1965ع ۾ آيل سامونڊي طوفان سبب حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ۾ 10 هزار ماڻهو فوت ٿيا، 1971ع ۽ 1985ع ۾ به سامونڊي طوفان آيا پر خاموشي سان گذري ويا، 1994ع ۾ سنڌ ۽ ڀارتي شهر گجرات جي سرحد تي سامونڊي طوفان سبب 6 سئو ماڻهو فوت ٿيا، 1998ع ۾ ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي طوفان سبب 12 ماڻهو فوت ٿيا، 1999ع جو سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر سان ٽڪرايو، ان سامونڊي طوفان سبب 6 هزار ماڻهو فوت ٿيا، 2001ع جي طوفان سبب سنڌ ۾ برساتون پيون، 2004ع جي طوفان سبب ڪراچي ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا، 2007ع ۾ به 2 سامونڊي طوفان آيا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر بندروال واسين جي معاوضي واري رقم اڪائونٽ ۾ منتقل، قسم ناما ورتا ويندا، رهواسين جي پٽيشن جي ٻڌڻي ملتوي
    سکر (بيورو رپورٽ) سکر بندروال جي رهواسين طرفان داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي، ماڻهن لاءِ اعلانيل معاوضي وارا پئسا ايڪسين جي اڪائونٽ ۾ منتقل، 2 ڏينهن ۾ قسم ناما وٺي معاوضو ڏنو ويندو، ان سلسلي ۾ سکر جي بندر وال واري علائقي ۾ قبضو ڪري گهر ۽ ٻيون عمارتون اڏي رهندڙ ماڻهن پاران کين سرڪار طرفان لڏائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست جي ڪالهه ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سرڪار پاران ايڪسين سکر بئراج آفتاب کوسي لکت ۾ پنهنجو بيان جمع ڪرايو، جنهن ۾ هن ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته گذريل سال دوران آيل ٻوڏ سبب بندر وال کي نقصان پهتو ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انهن ماڻهن کي اٿارڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو غير قانوني طور قبضو ڪري ويٺل آهن، جنهن تي ڪورٽ درخواستگذارن جي وڪيل منظور جوڻيجو کي چيو ته گذريل سال دوران سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي حوالي سان فلڊ ڪميشن پاران پيش ڪيل رپورٽ کي هو پڙهي ۽ ان کانپوءِ هو ڪورٽ سان رجوع ڪري، ڪورٽ اسٽي آرڊر به جاري نه ڪيو ۽ درخواست جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف بندر وال جي ماڻهن لاءِ اعلانيل معاوضي وارا پئسا ايڪسين سکر بئراج جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي ويا آهن جڏهن ته انهن پئسن جي ورهاست جي حوالي سان ڪالهه ڊي سي او آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سينيٽر اسلام الدين شيخ، ڊي سي او سکر انعام الله ڌاريجو، ايڪسين سکر بئراج ۽ ٻيا واسطيدار سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پئسن جي ادائگي کان اڳ ۾ واسطيدار ماڻهن جا قسم ناما تيار ڪيا ويندا ۽ انهن تي صحيحون ڪرائي ماڻهن کي معاوضي واري رقم ڏني ويندي. اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اها رقم ٽريزري ذريعي نه پر ڪمرشل بئنڪ ذريعي چيڪن جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ چيڪ وصول ڪرڻ کانپوءِ هڪ هفتي اندر واسطيدار ماڻهو ٻي هنڌ منتقل ٿيڻ لاءِ پابند هوندا ۽ انهن کي پنهنجي عمارت جو ملبو کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي. ان ڏس ۾ ڊي سي او سکر انعام الله ڌاريجو ٻڌايو آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن اندر پئسن جي ادائگي شروع ٿي ويندي. هوڏانهن بندر وال ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن الهڏتو ميراڻي، عبدالرحمان راجپوت، ذيشان مغل ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بندر وال جي متاثرين کي معاوضي ڏيڻ واري ڪم کان اهي مطمئن آهن ۽ پئسن جي ادائگي به شفاف طريقي سان ٿيندي. هنن چيو ته اسان سکر شهر ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ پنهنجن گهرن جي قرباني ڏني آهي. سکر شهر ڀرسان زيرو پوائنٽ کان قريشي ڳوٺ تائين بچاءُ بند جي مرمت واري ڪم تي بندن جي ڪمن جي نگراني ڪندڙ ڪنسلٽنٽ نور محمد بلوچ عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان طرفان 2 مئي تي بيگاري بند ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي هڪ ليٽر لکيو ويو آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس معائني دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته بند ۾ تعمير ڪيل ڀت ۾ جيڪي سرون استعمال ٿي رهيون آهن، اهي لڳائڻ کان اڳ پيسايون نٿيون وڃن، ڀت جو بيڊ ۽ سائيڊن جا جوائنٽس صحيح طريقي سان نه ڀريا ويا آه. ۽ مشينري ورڪ به صحيح نه ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته هن وقت تائين 6 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته مصالحي کي گهربل مقدار موجب صحيح نموني سان مڪس نه ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري ان ڪم تي ڪنهن به قسم جو اعتماد نٿو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ هن ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي هدايت ڪئي ته ڪم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ان جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ واسطيدار ٺيڪيدار کي هدايت ڪئي وڃي، اهڙو ليٽر ملڻ بعد اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بيگاري بند ڊويزن سکر جي ٺيڪيدار ناظم الدين ڏهر کي نوٽيس جاري ڪيو آهي، هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن الهداد بوزدار، ناصر لطيف، مقصود احمد، خورشيد ميراڻي ۽ ٻين ڪالهه سکر ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جنهن مک ٺيڪيدار کي بچاءُ بند جي ديوار تعمير ڪرڻ ۽ ٻيو مرمت ڪرڻ وارو ٺيڪو 16 ڪروڙ 50 لک رپين ۾ ڏنو ويو هو، اهو پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي ۽ هاڻ اهو ڪم سندس پيٽي ٺيڪيدار ڪرائي رهيو آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو اعتماد نٿو ڪري سگهجي. هنن گهر ڪئي ته ٿيل ڪم جي چڪاس ڪرائي وڃي ۽ ڪم کي معياري بڻايو وڃي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ متاثرن کان رشوت وٺڻ خلاف جلوس، ڌرڻو
    ڪوٽڙي (ن ڪ) ڪوٽڙي جي سنڌي مين اسڪول ۾ قائم نادرا وطن ڪارڊ سينٽر ۾ نادرا عملي پاران سامان نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي وطن ڪارڊ نه ٺاهڻ تي سيوهڻ، کاڻوٺ، مانجهند، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي مان آيل سوين ٻوڏ متاثرن نادرا عملي ۽ پوليس اهلڪارن طرفان رشوت وٺڻ خلاف سوين متاثرن احتجاجي جلوس ڪڍي سينٽر اڳيان ڌرڻو هنيو، متاثرن موجب نادرا عملو بنا جواز جي ڪارڊ نٿو ٺاهي ڏئي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن ۽ ايجنٽن رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته رشوت وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سنڌ ٻوڙيندڙ جوابدار ڪامورا ۽ ٻي ٻوڏ جو امڪان!
    دستگير ڀٽي
    گذريل سال جون مهيني ۾ جڏهن گلگت ۽ چترال مٿان سانوڻ رُت ۾ وڏ ڦُڙن جا وسڪارا ٿيا، عوامي جمهوري چين سان ڳنڍيندڙ شاهراهه ريشم لُڙهي ويئي هئي ۽ عطا آباد ڍنڍ سان گڏوگڏ هڪ نئين ڍنڍ جي حادثاني تخليق ٿي، ته ان وقت سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري سان سندس ئي آفيس ۾ ٿيل هڪ ملاقات دوران سندس ڌيان ڇڪايم ته ايندڙ هفتن ۾ پنجن ستن درياهن جو پاڻي جڏهن سنڌوءَ ۾ اچي گڏ ٿيندو ته ڇا درياهه جا بند انهيءَ سيلابي وهڪري جو دٻاءُ سَهي سگهندا يا ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻو پوندو؟ سيڪريٽري صاحب وڏي بي پرواهيءَ ۽ ڏاڍي اعتماد سان ماهرانه راءِ ڏيندي وراڻيو، ”اسان بندن جي نگراني ڪريون پيا، ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي.“
    کانئس ٻيو سوال ڪيم ته ٻن مهينن کانپوءِ اوهين ٽيون ڀيرو رٽائر ٿيڻ وارا آهيو، ڇا وري به ايڪسٽينشن وٺندا؟ همراهه ٿورو ششدر ٿيو ۽ چيائين ته، وقت اچڻ تي ڏسبو. انهيءَ ڳالهه کان ٽي چار هفتا پوءِ جڏهن پاڻيءَ ۾ زبردست چاڙهه اچي ويو ته جولاءِ ۾ وزير اعليٰ قائم علي شاهه بندن جو واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ سکر پهتو، جتي اخباري نمائندن سان سندس ڳالهه ٻولهه مهل اڳوڻو سيڪريٽري پڻ موجود هو. ان موقعي تي به سيڪريٽري صاحب ساڳي ڳالهه ورجائي ته، ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي. سندس اهو بيان سمورن ٽي وي چئنلن ۽ سڀني اخبارن جي زينت بڻيو، ٻن ڏينهن کانپوءِ ٽوڙي بند ٺڪاءُ ٿي ويو. سوين معصوم انسان اجل جو شڪار ٿيا، هزارين گهر ڊهي پيا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا. هارين، نارين جا فصل ٻڏي ويا، کربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ اڄ سوڌو هزارين سنڌي دربدر خاڪ بسر ٿيا پيا آهن. ظاهر آهي ته ههڙي بي مثال بربادي ۽ تباهيءَ جي الزام کان بچڻ لاءِ سيڪريٽري صاحب ٻيهر هڪ سال جي ايڪسٽينشن وٺڻ بدران ماٺ ميٺ ۾ رٽائر ٿيڻ ۾ ڀلائي ڀانئي. سڄو سال لنگهي ويو، هيءُ شخص Incommunicado ٿي اکين کان اوجهل آهي. سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ مون کيس فون ڪيو، جنهن جي ورندي نه ملي. تنهن ڪري کيس گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ ايس ايم ايس اماڻيم، جنهن جو متن اڃا تائين پاڻ وٽ محفوظ رکيو اٿم ۽ ڪالهه ٻيهر کيس موڪليو اٿم:
    Mr. Junejo, you happen to be the longest serving secretary Irrigation of Sindh. Every time you reached superannuation, a monetary miracle at the political level paved the way for your extension. The corruption in Irrigation dptt: has touched Himalayan heights under our stewardship during least several years, at least five ministers of your department changed lands, but you remained unmoved and strongest of secretary whether it was Arbab Rahim's govt. Liaquat Jatoi or Muhammad Mian Soomro's or PPP regime. Every year billions are allocated in the budget for the maintenance and repair of dykes canals etc, but a big chunk of these funds are robbed which is visible from the bungalows and palaces built by chief engineers, XENS, SDOs and ministers. I firmly believe that those robberies of hard-earned public money are committed with connivance and collusion. Remember! That the curse of these millions of uprooted shelter less people is going to haunt u in the days to come. Had such a catastrophe happened in china, all the responsible officers would have been executed in public. Here you are still safe with stolen public exchequer. How long can you save yourself from the wrath of God almighty?
    ترجمو: مسٽر جوڻيجو، توهان سنڌ جي آبپاشي کاتي جا سڀ کان زياده عرصو سيڪريٽري رهيا آهيو، جڏهن به توهان جي رٽائر ٿيڻ جا ڏينهن ويجها آيا، سياسي طور تي طاقتور ڌرين سان مالياتي معجزن وسيلي توهان هر ڀيري ايڪسٽينشن حاصل ڪئي. آبپاشي کاتي ۾ بدعنواني هماليه جبل جي اوچائيءَ تائين وڃي پهتي آهي ۽ ها فقط توهان جي ڪرامت آهي، جو گذريل ڪيترن سالن دوران توڙي ارباب رحيم جي سرڪار هجي، لياقت جتوئي يا محمد ميان سومرو يا پ پ حڪومت، پنج وزير آبپاشي کاتي ۾ مَٽجي چڪا آهن، پر توهان کي لهر نه لوڏو. اسان کي ڄاڻ آهي ته هر سال سنڌو درياهه ۽ ان جي شاخن جي بندن کي مضبوط رکڻ ۽ انهن جي سار سنڀال واسطي بجيٽ ۾ اربين رپيا رکيا ويندا آهن ۽ عوام جي انهن پئسن تي لڳل ڌاڙا توهان جي ماتحت چيف انجنيئرن، انجنيئرن، ايس ڊي اوز ۽ آبپاشي وزيرن جي بنگلن ۽ محلن مان جهاتيون پائين ٿا. خلق جي رت پگهر واري پورهئي مان ڏنل انهن رقمن تي توهان جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ته ڌاڙا نٿا لڳي سگهن. ياد رکجو، هنن بي گهر ۽ دربدر ٿيل لکين مسڪينن جون آهون ۽ بددعائون سڄي عمر توهان جو پيڇو ڪنديون رهنديون. جيڪڏهن ههڙي تباهي چين ۾ ٿئي ها ته سمورن جوابدار عملدارن کي سرعام ٽنگي ڇڏين ها، پر هِتي اوهين اڃا بچيل آهيو، آخر ڪيستائين پاڻ کي بچائي سگهندا؟“
    آخرڪار تباهه حال مسڪينن جي آهن ۽ دانهن رنگ لاتو، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪم جاري ڪيو ته سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي مسٽر شجاع جوڻيجو، چيف انجنيئر گڊو بئراج مسٽر ظفر الله مهر ۽ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مسٽر منظور احمد شيخ ۽ سندن ماتحت انجنيئرن ۽ لاڳاپيل ڪامورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سالڪ سچ چوندا آهن ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. اهو آرڊر ٻوڏ جي ڪارڻن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل تحقيقاتي ڪميشن جي رپورٽ آڌار جاري ڪيو ويو آهي. انهيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻوڏ سبب 1600 ماڻهو فوت ٿيا، ٻه ڪروڙ انسان بکن ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ ٻنيون ٻڏي ويون. 45 لک ماڻهن کان روزگار کسجي ويو ۽ 70 لک اسڪولي ٻارڙن جو ڏيڍ سال پڻ ضايع ٿي ويو. هن سلسلي ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر جناب فخر الدين ابراهيم ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ماروي ميمڻ کان علاوه محترمه زاهده ٿيٻو سپريم ڪورٽ ۾ پُڪاريو هو. سندن فرياد تي ئي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ چئن ميمبرن تي مشتمل عدالتي ڪميشن قائم ڪئي هئي، جنهن جو سربراهه پشاور سان تعلق رکندڙ جناب محمد اعظم خان آهي، جنهن لڳاتار ڇهه مهينا سنڌوءَ جي سمورن بندن، متاثر ٿيل ماڻهن خاص ڪري ڪوٽ عالمون ۽ ٽوڙي بند ويجهو رهندڙ ڳوٺاڻن، آبادگارن، آبپاشي توڙي پوليس عملدارن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن جا وڏي محنت سان بيان قلمبند ڪري، سال 2010ع جي آبڪلاڻي مُند ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ٿيل بي پناهه تباهيءَ جي گهرائيءَ سان جاچ پڙتال ڪري، پنهنجي رپورٽ سومر تي چيف جسٽس کي پيش ڪئي، جنهن ۾ مٿين اعليٰ آفيسرن کي سنگين قسم جي بدعنوانين ۽ مجرماڻي غفلت جو ذميدار ٺهرايو ويو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اڃا سپريم ڪورٽ جي انڪوائري هلندڙ هئي ته سنڌ جي برباديءَ جي ذميدار مُک آفيسرن ظفر الله مهر، فاروق چنڙ، منظور شيخ، جنيد ميمڻ، رفيق قريشي ۽ ڪجهه ٻين کي سزا ڏيڻ بدران اربين رپين جي بجيٽ وارن آبپاشي کاتي جي سڻڀن منصوبن تي پروجيڪٽ انچارج بڻائي وڏي لاڏ ڪوڏ سان ويهاريو ويو آهي ته جيئن اهي پنهنجو ”اصل ڪم“ جاري رکن.
    مُجرماڻي غفلت جي ذميدار هنن ڪامورن وٽ الائي ڪهڙو الادين جو چراغ آهي، جو اعليٰ سطح تان نه رڳو سندن ڏوهن کي ڍڪيو پيو وڃي، بلڪه انعامن اڪرامن سان کين نوازيو ويو آهي، جنهن جو ٿورڙو احوال Tip of the iceberg پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ ضروري آهي:
    ٽوڙي ۽ ڪوٽ عالمون بند جي ٽٽڻ کانپوءِ جن ڪامورن جي ڪرپشن ۽ غفلت کي ميڊيا ظاهر ڪيو ۽ عوام دانهون ڪوڪون ڪيون ته ان مهل سرڪار کين ڪجهه وقت لاءِپاسيرو ڪري ڇڏيو. مثال طور ٽوڙي بند مٿان گڊو بيراج تي مقرر ٿيل چيف انجنيئر، هڪ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، چار ايڪسي ائن، هڪ سب انجنيئر، ٽي بيلدار ۽ ڪجهه داروغن کي هٽايو ويو. انهن منجهان فقط هڪ هفتو اڳ ۾ چيف انجنيئر ظفر الله مهر واهن کي پڪو ڪرڻ (Lining of canals) واري شعبي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو آهي، جنهن جي هٿ ۾ تيرهن ارب رپيا بجيٽ آهي. ساڳئي هنڌ تان هٽايل ايس اي فاروق چنڙ کي اسمال ڊئمز آرگنائيزيشن جو پي ڊي بڻايو ويو آهي ۽ وٽس ڏهن اربن کان مٿي بجيٽ آهي. معطل ٿيل چئن انجنيئرن منجهان فقط هڪ ڄڻو رفيق قريشي پاڻ کي بحال ڪرائي ويو آهي، باقي ٽي انجنيئر ۽ غريب داروغا يا بيلدار اڃا سسپينڊ آهن. انهيءَ کي چئبو آهي ”کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.“
    وري اچو ڪوٽڙي بيراج تي: چيف انجنيئر منظور شيخ کي ڪوٽ عالمون وارو بند ٽٽڻ کانپوءِ عوام جي دانهن تي هٽايو ته ويو پر کيس ساڳئي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ بجيٽ واري ڪڏهن نه مڪمل ٿيندڙ منصوبي RBOD جو ڪرتا ڌرتا بڻايو ويو ۽ فقط ٽيهه ارب رپيا سندس بجيٽ آهي. ڪوٽ عالمون تي مقرر ٿيل ايس اي جنيد ميمڻ کي هن بند جي تباهيءَ کانپوءِ 19 گريڊ مان پروموشن ڏيئي 20 گريڊ ۾ ائڊوائيزر اريگيشن مقرر ڪيو ويو. جيئن ته مٿيان سڀ عهدا 16 گريڊ کان مٿانهان آهن، تنهن ڪري سندن مقرري جا حڪمناما سنڌ جي ايگزيڪيوٽو اٿارٽي يعني وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه پنهنجي مبارڪ هٿن سان جاري ڪيا آهن. اهڙين حالتن لاءِ ئي شايد ڀٽائي فرمايو آهي:
    ههڙا هاڃا ٿين، ڀينر هن ڀنڀور ۾
    هاڻي ته رڳو سپريم ڪورٽ ۾ ئي اميدون آهن ته سنڌ کي ٻوڙي برباد ڪندڙ هنن بي رحم ڪامورن منجهان سنڌي عوام جي جند ڇڏائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري.
    dastgirbhatti@gmail.com

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    http://www.thekawish.com/Editorial/Editorial-09.html

    ڇا ڪامورن سان به ”مفاهمت“ جي مجبوري آهي؟
    جنهن به ملڪ اندر ڪي وڏا حادثا ٿيندا آهن، تڏهن مک عهدن تي ويٺل ماڻهو پاڻ کي ذميوار قرار ڏيندي عهدن تان دستبردار ٿي ويندا آهن، پر اسان اهڙي ڪنهن مثال لاءِ سڪندا رهون ٿا. هتي ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو، جو ڪو ريل حادثو ٿيو هجي ته ريلوي جو وزير يا ان جو ڪو ڪامورو مستعفي ٿي ويو هجي، اسان کي ياد ڪونهي ته بجليءَ جو نظام بهتر نه ڪري سگهڻ جي ڪري ڪڏهن ڪنهن ذميوار پنهنجيون ذميواريون ڇڏي ڪنهن ٻئي حوالي ڪيون هجن، اهڙو به ڪو مثال ڪونهي ته ڪنهن ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خرابيءَ جي آخري حد تائين پهچڻ کان پوءِ ڪنهن پوليس آفيسر چيو هجي ته ٻيلي مون کان ڪم زور آهي، مان گهر ٿو هلان. ڇا ڀلا ڪڏهن ڪنهن تعليم کاتي جي وزير يا ڪاموري رضاڪارانه طور تي اهو چئي عهدو ڇڏيو آهي ته تعليم سڌاري نٿا سگهون، ڪو ٻيو وزير يا ڪامورو رکو!؟
    اهڙو ڪو به مثال ڪونهي، جنهن کي اسان پنهنجي ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن حوالي طور ٻڌائي سگهون. ٻين ڪيترين ئي محرومين سان گڏ اسان جي ملڪي تاريخ جا صفحا اهڙي ڪنهن حوالي کان پڻ محروم آهن. اسان جڏهن تاريخ جي گهٽين ۾ نڪرون ٿا، تڏهن اهو مشهور جملو ضرور ملي ٿو ته، ”جيڪڏهن منهنجي حڪمرانيءَ دوران ڪو ماڻهو بکيو ستو ته ان جو ذميوار مان آهيان.“ پر هاڻي اهو دور نه رهيو آهي، ماڻهو بکيو ته ڇا، پر بک ۾ مري به وڃن ٿا تڏهن به ڪير پاڻ کي ذميوار نٿو سمجهي. ذميواري ۽ فرض شناسي ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي، اها ڄاڻ جيڪڏهن اسان جي اعليٰ انتظامي عهديدارن يا اقتداري ماڻهن کي هجي ته اهڙي ڪا به صورتحال پيدا نه ٿئي، جو ماڻهو ايئن بي موت مرندا هجن، تعليم ايئن تباهه ٿيندي هجي، انتظامي وهنوار پنهنجي جاءِ تي نه هجي، ٻوڏو اچن ته ماڻهو ايئن لکن جي انگ ۾ دربدر نه ٿين. ذميواري جي احساس جي کوٽ ۽ ڪرپشن جي چوس ئي هجي ٿي، جتان کان اسان جي کاتن ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون. اسان کي خبر آهي ته هن قسم جي ڀاشڻ يا نصيحت تي ڪو سڌارو اچڻو هجي ها ته گهڻو وقت اڳ اچي چڪو هجي ها، پر اسان کي حيراني آهي ته ملڪ جي سپريم ڪورٽ جڏهن ماڻهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم جاري ڪري ٿي، تڏهن به ڪنهن جي خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي. فلڊ ڪميشن جي رپورٽ ڄڻ ته سرڪار کي به امتحان ۾ وجهي ڇڏيو هجي ته اها ٻوڏ متاثر ماڻهن جو پاسو کڻي يا انهن چند ڪامورن جو دفاع ڪري، جن جي لاپرواهين سبب سنڌ ٻڏي؟ هڪڙي پاسي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪامورا آهن، ۽ ٻئي پاسي آسمان جي تارن وانگر ڳڻپ کان ٻاهر ٻوڏ متاثر آهن، ڪو سادي عقل وارو ماڻهو به چئي سگهي ٿو ته متاثر ٿيندڙن جي ڀر جهلڻ کپي، جو اصول ته اهو ئي آهي، باقي جيڪڏهن سياسي ڌرين سان گڏ ڪامورن سان به ڪنهن ”مفاهمت“ جي مجبوري آهي ته پوءِ اوهان جي مرضي!
    پاڻي ماهر ۽ آبپاشي کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري ادريس راجپوت چئي ٿو ته آبپاشي کاتي وٽ گذريل سال جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود ناهي. ان سان گڏ اهو اظهار به ڪري ٿو ته ٽوڙي سميت ٻين بندن کي پيل گهارن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پر لڳي ٿو ته سرڪار ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهي. ادريس صاحب جيڪي ٻئي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي ٻئي ڳالهيون حقيقتن جي ويجهو ان ڪري لڳن ٿيون، جو آبپاشي کاتي جي صلاحيتن جو ”شاندار مظاهرو“ اسان گذريل سال دوران ڏسي چڪا آهيون، ۽ ٻيو ته سپريم ڪورٽ پاران ڪامورن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو جيڪو حڪم ڏنو ويو آهي، ان تي ڪو عمل ڪرڻ بدران سرڪار پاران بس اها پيش رفت ٿي آهي، جو اها چئي پئي ته اسان فلڊ ڪميشن رپورٽ شايع ڪري پڌري ڪنداسين. ٻيو هو چون ٿا ته اها رپورٽ اخبارن ۾ شايع ٿي آهي، سندن وٽ پيش ناهي ٿي.
    اصل ڳالهه ڄاڻ جي هجي ٿي، پوءِ اها ڄاڻ رپورٽ سرڪار کي ملڻ جي صورت ۾ هجي يا اخبارن پاران شايع ڪئي وئي هجي. مقصد ڄاڻ ملڻ جو هوندو آهي، دنيا ۾ حڪومتون ڄاڻ ملڻ تي ئي ايڪشن ۾ اچي وينديون آهن، هتي ته ملڪ جي وڏي ڪورٽ حڪم جاري ڪيو آهي، ان کان پوءِ به اهڙو ٿڌو ردعمل سمجهه کان ٻاهر آهي. پوءِ ته ”مفاهمت“ کان سواءِ ٻيو ڪو به سبب سمجهه ۾ نٿو اچي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    آخري اطلاعن موجب سمنڊ جي طوفان جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ 50 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو