اڪيلائي جو آسمان کڻيو هلين تُون بانورا (وائي) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم، جيئي سنڌ پنهنجي نڪور وائي توهان سان ونڊ ڪريان پيو ٻن ڏينهن کان طبيعت به ٺيڪ ڪانهي پر انهي هوندي به منهنجي هي غريباڻي وائي چترڪاري جي روپ ۾ توهان دوستن جي سامهون آهي توهان جا واڌو ڪاٽو رايا منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هوندا[/JUSTIFY]

    وائي

    نثاراحمدناز

    اڪيلائي ءَ جو آسمان ،
    کڻيو هلين تون بانورا

    هئه هئه هماليه جيڏو،
    درد مليو ٿئي دان ،
    کڻيو هلين تون بانورا

    لُڙڪ لُڪائن اکڙيون
    ۽ چپ مٿان مُسڪان
    کڻيو هلين تون بانورا

    هيل وڇوڙو دل چري تي
    ڄڻ ڪو قهري ڪان
    کڻيو هلين تون بانورا

    پُرزا پُرزا “ناز” سڀيئي
    پريت سندا هِي پئمان
    کڻيو هلين تُون بانورا​


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڪيلائي جو آسمان کڻيو هلين تُون بانورا (وائي) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز سلام

    پُرزا پُرزا “ناز” سڀيئي
    پريت سندا هِي پئمان
    کڻيو هلين تون بانورا


    نثار ناز سان ڏات ديوي گهڻو مهرباني رهندي آهي ۽ سندس ڪيل تخليقون سچ ته لاجواب هونديون آهن جيڪي جيء کي جهنجهوڙينديون آهن. ناز جي وائي هجي يا غزل انهن ۾ لفظن جي جوڙ به بهترين هوندي آهي. اسان جون دعائون ته پاڻ سدائين خوش هجي۔

    لاجواب ڊزائن ۽ پيارا احساس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو