سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم ...
    واعدي مطابق اڄ توهان اڳيان سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ رليز ڪجي ٿو... هن بڪ مارڪليٽ جي ذريعي ڪنهن به ويب پيج جي ڪهڙي به ٽيڪسٽ ايريا کي سنڌي ايڊيٽر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو... جنهن کان پوءِ اتي سنڌي لکڻ تمام آساني سان ممڪن ٿي سگهي ٿي... منهنجي هي ڪاميابي سمورن سنڌين لاءِ رمضان جو تحفو آهي جيڪي سنڌ سلامت کانسواءِ فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مسلسل جستجو ۾ رڌل آهن ... ان کانسواءِ پنهنجي هي ڪاميابي آءٌ محترم سليمان وساڻ جي نانءَ ڪريان ٿو جنهن هميشه منهنجي همت افزائي ڪئي آهي.. بار بار ملاقاتن ۽ ڪالز ذريعي سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ تي زور ڏيندڙ ۽ همٿائيندڙ هي دوست ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت انتظاميه کان ناراض رهيو آهي ... پر کيس ترت ان ڳالهه جو احساس به ٿي ويو ته ڪاوڙجي الڳ ٿيڻ بجاءِ پنهنجي اصلاحي تنقيد ۽ مشورن ذريعي ئي سنڌ سلامت جي فورم تي معيار بهتر بڻائي سگهجي ٿو...

    سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ جي استعمال لاءِ هدايتون هتي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهجن ٿيون..

    هاڻي جڏهن تقريبن سمورن آپريٽنگ سسٽم تي سنڌي جي مڪمل سپورٽ موجود آهي ... خاص طور ونڊوز 7 ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ اڳي کان تمام سولي آهي ... ان طرح مختلف سافٽويئرس ۾ سنڌي لکڻ به آسان ٿي ويو آهي.. پر ان باوجود اڪثر دوستن سان اهڙي صورتحال پيش ايندي جو هو اهڙي پنهنجي آفيسن ۾ اهڙي ڪمپيوٽر تي ڪم ڪري رهيا هوندا آهن جن ۾ ڪو سافٽويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ رڪاوٽون رکيل هونديون آهن .. يا وري سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي پروگرام جي انسٽاليشن سولي هجڻ باوجود دوست انکي انسٽال نه ڪري سگهندا... اهڙي صورتحال جو حل سنڌ سلامت ايڊيٽر آهي...
    سنڌ سلامت ايڊيٽر جو خيال گوگل جي ٽرانسليٽريشن بوڪمارڪلٽ تان ذهن ۾ آيو .. ۽ ان کي استعمال ڪرڻ به لڳ ڀڳ ائين ئي آهي... گوگل جي ٽرانسلٽريشن پروجيڪٽ تي به ڪم جاري آهي ۽ انشاء الله تعالي جلد ان پروجيڪٽ کي به مڪمل ڪيو ويندو.. جنهن کان پوءِ رومن سنڌي کي سنڌي اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪرڻ پڻ آسان بڻجي ويندو..

    مختلف برائوزرس تي سنڌ سلامت ايڊيٽر کي فعال ڪرڻ جو طريقو ادا عمران درويش طرفان وڊيو ۾ واضح ۽ سولي طريقي سان سمجهايو ويو آهي..​


    سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ ذريعي مون فيس بوڪ وال ۽ فيس بوڪ چيٽ تي چيڪ ڪري ڏٺو ته هن کي بهترين ڪم ڪندي ڏٺم...
    [​IMG]
    [​IMG]



    سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ جي ذريعي جي ميل تي ايم بي سنڌي فونٽ سان ميل ڪرڻ..

    جي ميل ۽ ٻين ويب ميل سروسز ۾ وزي وگ ايڊيٽر ذريعي ميل ڪئي ويندي آهي.. ان ۾ ايم بي سنڌي ويب جي ذريعي ميل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته پهريان اي ميل جي متن کي مائڪروسافٽ ورڊ ۾ لکي جتي ان تي ساڄي کان کاٻي ۽ فونٽ به اپلائي ڪري سگهجي ٿو جيئن تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي
    [​IMG]

    ان کانپوءِ ان متن جي ڪاپي ڪري جي ميل ۾ پيسٽ ڪجي ته ان جي فارميٽنگ ۽ ساڄي طرف جي سيٽنگ برقرار رهندي آهي... اصل ۾ جي ميل ۾ هڪ فيچر اڳ کان تيار ڪيل ڊرافٽ (canned responses) اڳ ئي موجود هوندو آهي جنهن جي سيٽنگ کي فعال ڪرڻ لاءِ Labs تي وڃي تصوير مطابق سيٽنگ ڪريو...

    [​IMG]




    ان کي استعمال جو اهو آهي ته پهريان کان تيار ڪيل متن جي ميل ۾ ڊرافٽ طور محفوظ ڪري رکجي پوءِ ان ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر ذريعي ضروري تبديلي ڪجي ... ان طرح سان اهي دوست جيڪي سنڌي فونٽس سان گڏ سنڌي ۾ ڪنهن دوست ڏانهن ميل ڪرڻ چاهين ٿا... موڪلي سگهن ٿا... جيڪڏهن توهان جي ميل وصول ڪندڙ دوست وٽ سنڌي فونٽ موجود هوندو ته توهان جي ميل ان کي بلڪل درست ۽ سنڌي فونٽس سان ملندي... اها ساڳي ٽيڪنيڪ جي ميل کان سواءِ ٻين ميل سروسز ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿي...

    بلاگر ڊاٽ ڪام جي بلاگز تي سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ جو استعمال

    انٽرنيٽ تي هاڻي سنڌي بلاگز جي کوٽ پوري ٿي رهي آهي ۽ ڪافي دوست ذاتي يا اجتمائي بلاگ جوڙي رهيا آهن ... توهان ڏٺو هوندو ته اهڙن بلاگز تي ڪمينٽس ڏيڻ لاءِ مختلف ٽيڪسٽ ايرياز موجود هونديون آهن ... سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ کي استعمال ڪندي هاڻي توهان آساني سان اهڙن بلاگز تي پنهنجا رايا موڪلي سگهو ٿا....

    برائوزر ڪمپيٽبليٽي

    سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪلٽ اوپيرا برائوزر کان سواءِ باقي سمورن برائوزرس جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪسپلورر، فائر فاڪس، گوگل ڪروم ۽ سفاري تي ڪم ڪري رهيو آهي.. مون هن کي انهن برائوزر تي آزمائڻ کان سواءِ ٻين آپريٽنگ سسٽم جهڙوڪ لينڪس ۽ ميڪنٽاش تي به چيڪ ڪرايو آهي جتي اهو ڪاميابي سان استعمال ۾ آيو..


    دوستو سنڌ سلامت ايڊيٽر جي تياري ۾ مون مٿي عرض ڪيو ته سنڌ سلامت بوڪمارڪلٽ جو خيال مون کي گوگل ٽرانسليٽيريشن مان ئي ذهن ۾ آيو هو .. ۽ ان سلسلي مون هيٺين ٻن اوپن سورس پروجيڪٽس مان مدد وٺڻ کان سواءِ محترم عبدالماجد ڀرڳڙي جي ويب ڪيبورڊ مان پڻ مدد ورتي..

    JavaScript Graphical / Virtual Keyboard Interface
    Javascript Virtual Keyboard

    سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ کي اڪثر مان گوگل سرچ ۾ استعمال ڪندو آهيان ۽ اهو عمل مون کي ان لاءِ پسند ايندو آهي جو نتيجا سامهون اچڻ تي ڪافي بهترين ۽ فائدي واريون سائيٽون نظر مان گذرڻ ٿينديون آهن... هوئن به پهريان جي مقابلي ۾ هاڻي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي تي ڪم ڪندڙ جو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ کوڙ سارا لفظ ڳولا ۾ ميچ ٿي رهيا هوندا آهن...
    دوستو سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ جي باري ۾ توهان جي راءِ جو شدت سان انتظار رهندو ته جيئن ان کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي... مان توهان جي تبصرن جو منتظر رهندس...

    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    واه سائين تمام خوبصورت تحفو مبارڪ مهيني ۾ اوهان جي عنايت سان موصول ٿيو توهان کي هن ڀلاري مهيني جي مبارڪ ۽ اهڙي انمول تحفي تي اسان توهان جي ٿورائتا آهيون۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    رشيد شل سدائين اهڙو هجين جهڙو آهين (آمين)۔

    ڏاڍو انتظار ڪرائيئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهرحال انتظار جو به پنهنجو مزو آهي۔ ڳولهيان ڳولهيان مه لهان ۽ من جي لوڇ ملڻ سان ماٺي ٿيئي واري ڳالهه پنهنجي جڳهه تي صحيح آهي پر هي اها شئي آهي جنهن جو انتظار به شديد هو ته ملڻ کان پوءِ استعمال جو به پنهنجو مزو آهي۔

    ۽ رشيد صاحب اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ٻلي به شينهن کي وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريو هو پر اوهان جو اعلئ ظرف آهي ته اوهان اهڙي ڪارائتي شئي تي ڪم ڪيو، پوءِ عام ڪيو ۽ گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ته اوهان لاءِ ان ڪم جو محرڪ ڇا هو؟ (گوگل ٽرانسليٽر)۔

    ان سان اهو ٿيندو ته جيڪڏنهن ڪو دوست ان ۾ ڪا نواڻ يا وري ڪڏنهن اهڙي قسم جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري ته ان کي اندازو ٿيئي ته هنت ڪٿان ۽ ڪيئن وٺبي آهي۔

    شل جڙيو هجين جهان ۾۔ آمين۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    ادا رشيد سمون سميت سمورن دوستن کي واڌايون ۔۔۔۔

    هڪ انتهائي اهم قدم آهي جيڪو اسان کي سنڌي لکڻ ۾ گهڻو فائديمند ٿيندو۔ پنهنجي پياري ٻولي ۾ چيٽ ڪرڻ ۽ رومن سنڌي ۾ چيٽ ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي۔ رومن سنڌي ۾ ڪيل چيٽ يا لکيل ڪمينٽس ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کان به نه پڙهيا ويندا آهن۔

    خير اوهان جڏهن هن پروجيڪٽ بابت ٻڌايو هو ته ان وقت ڏکيو لڳي رهيو هو پر وقت سان گڏ اوهان پاران ڪيل تجربا ۽ وري انهن تجربن تي محنت ڪرڻ سچ ته ڪو آسان ڪم ڪونه هو۔ پر اوهان پنهنجي جادوئي ڪمال سان هي سڀ ڪيو ۽ ڪامياب ويا۔ جيتوڻيڪ لکڻ وقت فونٽ ڪجهه ننڍا نطر پيا اچن جن تي اڃان مهنت جي ضرورت آهي پر پوء به سنڌي لکڻ هاڻي بلڪل آسان ٿي وئي آهي۔

    اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان هي اهم ڪاميابي منهنجي نانء ڪئي آهي جيتونيڪ مان هن پروجيڪٽ ۾ اوهان کي اهم وقت تي اڪيلو ڇڏي ڏنو هو پر پوء به فورم کان هٽي به ان تي اوهان سان ڳالهه ٿيندي رهي هئي ۽ منهنجي اها خواهش هئي ته مان هجان يا نه پر هي پراجيڪٽ ضرور وقت سر اچي۔

    هاڻي دوستن کي گهرجي ته هن پروجيڪٽ کي سڀني دوستن تائين پهچائن ۽ انهن جي مدد به ڪن ته ڪيئن هي بوڪمارڪليٽ ڪم ڪري ٿو۔ دوست ميل، فيسبوڪ شيئرنگ يا ايس ايم ايس ذريعي هن ٿريڊ کي عام ڪن جيئن هر سنڌي ماڻهو جيڪو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ استعمال پيو ڪري اهو هاڻي سنڌي ۾ لکي ۽ ڪمينٽ ڪري۔

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ خاص ڪري ادا رشيد سمون کي ٻيهر واڌايون هجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    سائين عبدالرشيد سمون صاحب اوهان کي هن عظيم ڪاميابي لا دل سان مبارڪ باد ڏجي ٿي ،
    سنڌي مادري زبان لا هڪ وقتائتو ۽ نهايت اهم پيش رفت منظرِ عام اچڻ کان پو يقين ڪريو دل خوشي ۾ پئي جهومي ، اهي ڏينهن تاريخ ۾ يادگار ۽ سنهرين اکرن ۾ لکبو ، جتي سنڌي زبان جي خدمت جي ڳالھ ٿيندي هن ۾ اوهان جو نالو ضرور شامل هوندو ، اهو ڪريڊت يقينن هڪ وڏو اعزاز آهي جنهن لا الله تعالى اوهان کي نوازيو آهي ،
    مونکي وڏي اميد آهي ته اها ڪوشش اوهان جي هلندي رهندي ، وقت سر پڻ نون لاڙن ۽ پهلون تي ڪم ڪري سنڌي ٻولي جو اڃن ڳاٽ اوچو ڪندا ، اسان جون دعائون اوهان سان گڏ شامل حال رهنديون ، شل ڄڙيو هجي ، خوش هجي ، ڪو ڪوسو وا نه لڳئي (آمين)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    ادا رشيد سمون صاحب توهان جا سنڌين تي ٿورا آهن جو توهان سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌايو آهي
    تمام سٺو ڪم ڪيو آهي سنڌين ڀائرن لا
    هاڻي هر شي تي سنڌي لکي سگهون ٿا
    مهرباني ادا رشيد سمون صاحب
    الله توهان کي وڏي حياتي ڏي آمين
     
  7. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    تمام شاندار ڪم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    سائين تمام بھترين ھڪ قدم اڳتي۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز ڪيهر

    ممتاز ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Malir Khokhrapar Karachi
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    سنڌ سلامت هڪ بهترين ويب سائٽ آهي هن کي يوز ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو آهي منهنجي دعا آهي ته الله سائين سنڌ کي تا قيامت قائم و دائم رکي۔۔۔۔
    آمين۔۔۔ثم۔۔۔آمين سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔سڌائين گڏ
    دعائن ۾ ياد رکجو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    محترم عبدالرشيد جي هر ڪوشش سنڌ ء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳتي وڌائڻ لاء هوندي آهي۔۔۔۔۔۔
    هي ڪم ڪري هن سنڌ ء سنڌي ٻوليء جي ترقيء لاء وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي

    هن عظيم ڪاميابي لا دل سان مبارڪ باد ڏجي ٿي ، ۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    دوستن جي پسنديدگي جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔
    ڪافي دوستن فون جي ذريعي ۽ پيغام موڪلي پنهنجي پريشاني ۽ مونجهاري جو اظهار ڪيو ته هن ايڊيٽر کي بوڪ مارڪ ڪيئن ڪجي ان لاءِ مون پروجيڪٽ پيج تي هڪ تصوير جو اضافو ڪيو آهي ۔۔ ۽ سنڌ سلامت ايڊيٽر کي مٿي ڪري لکيو آهي ته جيئين دوست آساني سان ڊريگ ڪري برائوزر ٽولبار ۾ لنڪ کي ڊراپ ڪري سگهن ۔۔۔ تفصيل لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔۔


    [​IMG]

    پروجيڪٽ پيج تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    هاڻي جتي به توهان کي سنڌي لکڻي هجي اتي ڪرسر کي رکي مٿي ٽولبار تي لڳايل ”سنڌ سلامت ايڊيٽر“ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ ۽ سنڌي لکڻ شروع ڪريو۔۔۔

    ان کان علاوه ادا عمران درويش کي درخواست ڪئي اٿم ته سنڌ سلامت ايڊيٽر کي سمجهڻ لاءِ هڪ وڊيو تيار ڪن اميد آهي ته ان کي ڏسڻ کانپوءِ دوست آرام سان سنڌ سلامت ايڊيٽر سمجهي سگهندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    پر ادا رشيد مون کي ڪجه به سمجه ۾ نه ٿو اچي ته ڪئين ڪيان سنڌي استعمال
    ٿورو ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    لک واڌايون سڄي سنگت کي جو اهڙو سهڻو منصوبو سنڌ سلامت پاران تحفي طور ڏنو ويو آهي ۔۔۔ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي لکڻ پڙهڻ جون سهولتون وڌائڻ جو مشن جن چند دوستن پنهنجي سر کنيو انهن مان اسانجو سهڻو دوست رشيد سمون به اهي ۔۔۔ سندس ذهن هميشه ڪمپيوٽر جي سکيا سان گڏ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ تدريب طرف به سوچيندو رهندو آهي ۔۔۔

    اسانکي فخر آهي ته سنڌ سلامت جو بانيڪار دوست رشيد سمون پنهنجي هنر سان سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ اڳ کان اڳرو آهي ۔۔۔ هي منصوبو ڪاميابي سان متعارف ڪرائڻ کان پو انکي عام ڪرڻو آهي ۽ ان لا هڪ سادي ۽ آسان تدريبي وڊيو يا ڪو ليک هجي ته جيئن اسان جهڙا ڪمپيوٽر کي استعمال ڪندڙ پڻ جلد سمجهي سگهن ۔۔۔

    محترم دوريش جي تيار ڪيل وڊيو جو انتظار رهندو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  14. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    ماشاءالله سائين واقعي اهم پيش رفت آهي۔ ڪمپيوٽر تي آساني سان سنڌي لکڻ واسطي۔ ڌڻي در دعا آهي، ته ويجهي مستقبل ۾ ئي سنڌي کي آپريٽنگ سسٽم ۾ مڪمل طور تي جڳهه ملي وڃي۔
    هن ڪاوش تي اوهان کي مبارڪون هجن۔
    الله سائين اوهان کي خوش رکي۔
     
  15. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    سڀني سنڌي ڀائرن کي رمّضان شريف جون مبارڪون هجن۔
    آئون سنڌسلامت ان وڏي ڪاوش تي سنڌ سلامت جي ٽيم کي لک لک مبارڪون ڏيان ٿو جو توهان اسان سنڌن لا هڪ بهترين تحفو پيش ڪيو آهي۔ اها هڪ وڏي ڪامبابي آهي اسان جي بياري بولي جي۔
    سنڏ سلامت ساٿ سلامت
     
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ ۾ سائين رشيد سمون جو هي قدم اڳيان هڪ وک اڳتي آهي

    الله کيس وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا فرمائي


    امين


    سدائين گڏ
     
  17. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    واه ادا تمام بهترين ڪم ڪيو اٿو لک لک واڌايون هجن اوهان کي ۽ سڄي سنگت کي
     
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    دوست عمران درويش سومرو جن جا لک لائق جو درخواست کي مان ڏيندي هن بوڪ مارڪليٽ کي سمجهائڻ لاءِ هڪ بهترين گرافڪس سان وڊيو تيار ڪئي آهي اميد ته سنگت هن وڊيو ڏسڻ کان پوءِ آرام سان سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ کي استعمال ۾ آڻي سگهندي۔۔۔

     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    ادا رشيد، لک شاباسون اوهان کي به ۽ ڀا درويش کي به جنهن ايتري محنت سان هي وڊيو تيار ڪئي آهي ۔۔۔ اميد ته اسانجا دوست هاڻ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۾ آسان محسوس ڪندا ۽ بغير ڪنهن سافٽ ويئر لڳائڻ جي سنڌي لکڻ ممڪن ٿي سگهندي ۔۔۔۔

    سلام آهي اوهان دوستن کي جو سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ ڏينهن رات پتوڙي، پاڻ ملهايو ٿا ۔۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    .....................................

    ادا رشيد، لک شاباسون اوهان کي به ۽ ڀا درويش کي به جنهن ايتري محنت سان هي وڊيو تيار ڪئي آهي ۔۔۔ اميد ته اسانجا دوست هاڻ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۾ آسان محسوس ڪندا ۽ بغير ڪنهن سافٽ ويئر لڳائڻ جي سنڌي لکڻ ممڪن ٿي سگهندي ۔۔۔۔

    سلام آهي اوهان دوستن کي جو سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ ڏينهن رات پتوڙي، پاڻ ملهايو ٿا ۔۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  20. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ۔۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم

    هاڻي مان سمجهي ويس ته ادا رشيد سمون
    هاڻي سنڌي لکڻ شروع ڪئي آهي ايڊيٽر بوڪ مارڪ ليٽ تي
    مهرباني ادي درويش جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو