ٻي شادي بابت مونجهارا!

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2011۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ساٿيو ٻه ڏينهن پهرين فرنٽ لائين وٿ ڪامران شاهد پروگرام ۾ ٻي شادي بابات مونجهارن تي ڪافي طويل بحث ٿي آهي جنهن ۾ هِڪ مُفتي جو چوڻ آهي ته هِڪ مسلمان چار شاديو ڪري سگهي ٿو ۽ هو صرف سڀني سان عدل انصاف ڪرڻ جو پابند آهي۔ نه ڪي پهرين زال جي اجازت سان مشروط۔ مطلب ته اوهان پنهنجي پهرين گهر واري کان بِنا اجازت يا انهي جي رضامندي نه هوندي به ٻي شادي ڪري سگهو ٿا۔ ۽ هُو اِهو به چئي ٿو ته ايئن ٿيڻ به کپي ڇو ته هِڪ ته عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي جنهن ڪري مردن کي ٻه شاديون ڪرڻ کپن ٻيو ته مردن جي هِڪ زال مان پورائي نه ٿي ٿيئي ته هو گناه طرف مائيل ٿين ٿا سو بهتر اِهو آهي ته هو ٻي شادي ڪن۔

    جڏنهن ته ساڳي پروگرام ۾ آيل مهمان عورتن (جِن ۾ شرميالا فاروقي به هئي) جو رايو مختلف آهي۔ شرميلا فاروقي چوي ٿي ته جيڪڏنهن هِڪ زال راضي ئي ناهي ۽ مُڙس ٻي شادي ڪري ٿو ته عدل ته هِتي ئي ختم ٿي ويو۔ اڳتي ڪهڙو عدل رهندو۔ ۽ ٻيو ته اِها ڪهڙي گارنٽي آهي ته 4 شاديون ڪري به ماڻهو گناه نه ٿا ڪن۔ بلڪه هي ته چئي ٿي مردن لاءِ 4 به گهٽ آهن۔

    هاڻي منهنجو سوال سنڌ سلامت جي ساٿين کان صرف اِهو آهي ته ڇا اِسلام ۾ انهي حوالي سان ڪا وضاحت آهي ته جيڪڏنهن اوهان جي هِڪ زال راضي ناهي ۽ پوءِ به اوهان ٻي شادي ڪريو۔؟
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    سنڌ سلامت خوش نصيب آهي جو اهڙي قسم جي ايندڙ سوالن جا جواب ڏيندڙ اسان وٽ دوست موجود آهي۔۔ توهان جو سوال جيئن ته مذهبي نوعيت جو آهي ان ڪري دوستن کي گذارش آهي ته جواب تصديقي حوالي سان موڪلين۔۔ جڏهن پاڪستان جو قانون ان سلسلي ۾ ڇا ٿو چوي۔۔ ان سلسلي ۾ پنهنجي محسن جناب سائين غلام مصطفى ميمڻ جن کي پڻ گذارش آهي ته هو وضاحت سان جواب جي عنايت فرمائين۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    پاڻ ان معاملي ۾ نه ته تجربو ٿا رکون ۽ نه ئي وري ڪا گهڻي ڄاڻ آهي۔

    تنهنڪري دوستن جي جوابن ۽ تفصيلن جو انتظار آهي۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    سائين محمد سليمان کي عرض آهي ته پاڻ چار نه پر هڪ ته ڪن پوء اڳتي کٽن ڀاڳ.
    اسلام ۾ مرد کي چئن عورتن سان نڪاح جي فقط اجازت آهي اهو ڪو ضروري يا وڏو ثواب جو ڪم نه آهي يا نه ڪرڻ سان ڪو گناهه آهي بلڪ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خوشيء سان چار شاديون ڪرڻ چاهي ته شريعت ۾ ان کي اجازت آهي جيئن قرآن پاڪ جي هن آيت سڳوريء ۾ الله تعالي جو فرمان آهي
    فَانْكِحُوا مَا طَابَ لَكُمْ مِنَ النِّسَاءِ مَثْنَى وَثُلاثَ وَرُبَاعَ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تَعْدِلُوا فَوَاحِدَةً سورت نساء 3
    يعني توهان نڪاح ۾ آڻيو جيڪي توهان کي پسند هجن عورتن مان ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پوء جيڪڏهن خوف ڪيو ته انصاف (برابري) نه رکي سگهندو ته هڪ (ئي رکو).
    هن آيت جي شان نزول ۾ مختلف قول آهن هڪ قول هي آهي ته ماڻهو يتيم ڇوڪرين جي پرورش ڪندا هئا پوء انهن جي مال حاصل ڪرڻ لاء انهن سان شادي ڪندا هئا ليڪن انهن کي انهن ڇوڪرين جي ذات ۾ ڪا دلچسپي نه هوندي هئي انهن جو مقصود فقط مال هوندو هو پوء انهن جي موت جو انتظار ڪندا هئا آيت جي شروع وارن لفظن مان به اهڙو تاثر ملي ٿو
    وَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تُقْسِطُوا فِي الْيَتَامَى
    (جيڪڏهن توهان يتيم ڇوڪرين ۾ انصاف ڪري نه سگهو) ته پوء انهن سان شادي نه ڪيو بلڪ جيڪي توهان کي پسند هجن انهن سان شادي ڪيو ڀلي ٻه ٻه يا وڌيڪ ڪيو پر انصاف ضروري آهي اهو انصاف کاڌ خوراڪ لباس رهائش رات جو انهن سان گڏ رهڻ وغيره کي شامل آهي.
    رهيو سوال ته جيڪڏهن شادي شده هجي ته ان کي پهرين گهر واريء کان اجازت جي ضرورت آهي يا نه سو قرآن جي ان آيت مان اجازت جي ضرورت نه آهي نه ڪنهن مفسر لکي آهي . باقي جيڪو عورت جو چوڻ ته اجازت نه وٺڻ سان نا انصافي آهي سو درست نه آهي اوهان سڀ ان ڳالهه کي سمجهوٿا ته ڪابه عورت ان مسئلي ۾ خوشيء سان اجازت نه ڏيندي جو عورتن ۾ رقابت جو مادو مردن جي بنسبت وڌيڪ هوندو آهي الله تعالي انسان جو خالق آهي جيڪو مرد توڙي عورتن جي فطرت ۽ ضرورت کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو جڏهن رب پاڻ اجازت ڏئي ٿو۽ ان ۾ اهو شرط نه ٿو لڳائي ته توهان اجازت وٺو ته پوء اهو اعتراض درست نه آهي .
    گهڻين شادين جو تصور فقط اسلام ۾ نه آهي پر اڳين شريعتن ۾ به هو . ابو دائود شريف ۾ روايت آهي ته هڪ شخص اسلام آندو ته ان وٽ 8 گهر واريون هيون پاڻ ڪريمن ان کي فرمايو ته هاڻي فقط 4 رک . ترمذي شريف ۾ روايت آهي ته غيلان بن سلم ثقفي اسلام قبول ڪيو ته ان وقت ان وٽ ڏهه 10 گهر واريون هيون اهي به ان سان گڏ مسلمان ٿيون پاڻ ڪريمن ان کي به فرمايو ته توهان فقط چار رکو.
    ان کان علاوه حضرت دائود عليه السلام کي 99 گهر واريون هيون جيئن هن آيت مبارڪ ۾ آهي
    إِنَّ هَذَا أَخِي لَهُ تِسْعٌ وَتِسْعُونَ نَعْجَةً وَلِيَ نَعْجَةٌ وَاحِدَةٌ ص 23
    بهرحال اسلامي لحاظ سان اجازت ضروري نه آهي ۽ چئن شادين جي اجازت آهي انهن ۾ حڪمتون وغيره بيان ڪرڻ سان مضمون طويل ٿي ويندو ان ڪري ان تي اڪتفا ڪجي ٿو باقي پاڪستاني قانون ۾ اجازت وٺڻ ضروري آهي يا نه ؟ اگر ضروري آهي ته ڪهڙو دليل آهي اهو اسان جا مهربان دوست سائين غلام مصطفي ميمڻ جن بيان ڪندا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!



    ادا مولوي رحيم بخش هن تفيلي ۽ پاڪ ڪلام جي حوالن تي مشتمل جواب سان اسان جي معلومات ۾ يقينا اضافو ٿيو..
    پر گڏ و گڏ ادا رشيد جي اها ڳالهه به سچي ٿئي ته هن فورم جي اها خوشقسمتي آهي ته هتي هر قسم جي مسئلن جي باري
    ۾ معلومات رکندڙ دوست موجود آهن...
    معلوماتي جواب ڏيڻ جي مهرباني،


    دعا ۾ ياد


    .
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    سائين رحيم بخش صاحب جو تفصيلي جواب پڙهي ڪري معلومات ۾ اضافو ٿيو

    سائين قران شريف جي روشني ۾ جواب ڏنو آهي

    اڄان وڌيڪ سائين ًغلام مصطفي ميمڻ صاحب جو جواب پڙهي ڪري معلومات ۾ اضافو ڪنداسين

    ادا رشيد بلڪل درست چيو آهي ته سنڌ سلامت فورم تي اهڙا دوست موجود آهن جيڪي اهڙن قسمن جا سوال حل ڪرڻ ۾ رهمائي ڪندا آهن

    سدائين گڏ
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    سائين مولوي رحيم بخش صاحٻ لک ٿورا

    اوهان تفصيلي جواب ڏئي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي۔
    سائين اسان تياري ڪري ڇڏي آهي ۽ نڪاح لاء اوهان کي ئي اچڻو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!


    سائين پيارا تمام خوشي جي ڳالهه آهي جو اسان جو عرض اگهامي ويو انشآء الله اوهان جي نڪاح ۽ ٻئي ڪم ڪار مقصد ته هر خدمت لاء هر وقت حاضر آهيون اتي دوستن کي ماني کارائڻ هٿ ڌورائڻ يا جيڪو به ڪم اسان تي رکندا انشآء الله اسان دل سان خدمت جا فرائض سر انجام ڏينداسين ۔ الله تعالى اوهان جو جو حامي و ناصر۔
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا عبدالحفيظ لغاري صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين اوهان جي سوال"ٻئي شادي جي باري ۾ پهرين زال کان اجازت اسلام ۾ وٺڻ ضروري آهي جي جواب ۾ ادا رحيم بّخش صاحب جن قران شريف جي روشني ۾ بهترين دليلن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته اسلام ۾ ٻئي شادي لاء پهرين زال کان اجازت وٺڻ ضروري نه آهي۔سائين جو اهو جواب پنهنجي جاء تي مڪمل آهي انڪري ان ۾ ڪنهن قسم جي اضعافي جي گنجائش نه آهي۔

    اسان جي ناتون ڪلهن تي اها ذميداري رکي ويئي اهي ته اسان ان ڳاله تي روشني وجهون ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ رائج قانون ۾ ٻئي شادي ڪرڻ لاء مڙس کي پهرين زال کان اجازت وٺڻ جي شرط رکيل آهي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته اسان کي هن ٽاپڪ تي جواب دليلن سان ڏيڻ لاء حڪم ڪيو ويو آهي۔انڪري اسان جي هن جواب ۾ توهان کي قانون جي ڪجه شقون جا حوالا به ملندا جيڪي رهنمائي لاء هوندا۔


    محترم ميمبرس اسان جي ملڪ ۾ شادي ۽ ان سان لڳاپيل معاملاء اسلامي قانون جي طور ۽ طريقن سان طئي ڪيا ويندا آهن۔ان قانون مطابق مڙس کي پهرين شادي(زال) جي موجودگي ۾ ٻئي شادي لاء پهرين زال کان اجازت وٺڻ ضروري نه آهي۔

    هاء جيڪڏهن هو اخلاقي طور تي پنهنجي پهرين زال کان اجازت وٺي ٿو ته اهو هڪ سٺو عمل چيئو ويندو۔پهرين زال کان اجازت وٺڻ جي شرط قانون ۾ انڪري نه رکئي ويئي آهي ته ڪا به زال ان قسم جي اجازت نه ڏيندي،ڇاڪاڻ ته اڄ ڪاله جي معاشري م ۡۡڪابه عورت اها نه چاهيندي ته هن جي مٿان پهاڄ اچي۔جڏهن ته اسلام ۾ مسلمان مرد کي هڪ وقت ۾ چئن شادين ڪرڻ جي اجازت آهي ۔جنهن جي لاء ڪجه شرط رکيا ويا آهن جيڪي ادا رحيم بخش پنهنجي جواب ۾ کولي سمجهايا آهن۔ان جي باري ۾ ڪجه تفصيل قانون جي ڪتاب ""پرنسپل آف محمڍن لاء پيراء 255 ،ڊي ايف مولاء،پاڪستان ايڍيشن 1990"" ۾ به ملندا۔ان مان ڪجه اقتباس "هڪ محمڍن هڪ وقت ۾ چار زالون رکي سگهي ٿو پر ان کان وڌيڪ نه "


    هاڻي سوال ٿو اڀري ته ''ڇا مڙس کي ٻئي شادي ڪرڻ جي لاء ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي ۽ جڏهن وڻيس بغير ڪنهن وجه جي ٻئي شادي ڪري ويهي رهي؟

    ان سوال جي جواب لاّء اسان کي "مسلم فيملي لائز آرڍينس،1961"" کان رهنمائي وٺڻي پوندي۔هي قانون صدر ايوب جي زماني ۾ نافذ عمل ٿيو هئو انڪري هن کي صدر ايوب جا عائلي قانون به چيئو ويندو آهي۔ان قانون جو سيڪشن 6 جيڪو هڪ کان وڌيڪ شادين (پولي گئمي) جي متعلق آهي ۔مڙس جي ٻئي شادي لاء آربيٽسن ڪائونسل جي اجازت کي ضروري قرار ڏنو آهي۔۽ ٻئي شادي بغير آربيٽشن ڪائونسل جي اجازت جي ڪئي ويندي ته اهاء رجسٽر نه ٿيندي۔
    حاجت مند درخواست ٻئي شادي جي معقول وجه(ريزنس) سان چيئرمن آربيٽشن جي سامهون پيش ڪندو۔آربيٽشن ڪائونسل ٻئي شادي جي وجه (ريزنس) کي باريڪي بيني سان جاچي ۽ جڏهن سمجندي ته وجه معقول آهي ۽ ٻئي شادي سان مڙس جي اهئي مسئلا حل ٿيئ ويندا ته هو مڙس کي ٻئي شادي جي اجازت ڏيندي نه ته نه ڏيندي۔ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته مڙس کي ٻئي شادي جي اجازت وٺڻ لاء معقول وجه جي ضرورت آهي ۔ان سان ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو ته مڙس ڪنهن ڏينهن ننڍ مان اٿي بغير ڪنهن حقيقي وجه جي آربيٽشن ڪائونسل وٽ ٻئي شادي جي اجازت وٺڻ لاءپهچي ويندو

    ۔۔مسلم فيملي لائز روليس ،1961، جي رول 14 تحت آربيٽسن ڪائونسل ٻين وجهن کان علاوه زال جو مڙس سان اجنبيت واري روايو،۔ڄاڻي واڻي مڙس جي حق زواجيت ادا ڪرڻ کان انڪاري،يا ميڍيڪلي طور تي حق زوجيت ادا ڪرڻ جي لائق نه،ڄاڻي وڻي ڪورٽ مان مڙس جي حق زوجيت جي ورتل ڊڪري ته عمل نه ڪرڻ يا زال جي ذهني معذوري جي وجه سان به مڙس کي ٻئي شادي جي اجازت ڏئي سگهئي ٿي۔

    جيڪڏهن مڙس بغير آربيٽشن ڪائونسل جي اجازت جي ٻئي شادي ڪري ته ان کي قانونن ڪهڙا نقصان ٿئي سگهن ٿا؟

    سب سيڪشن 5 آف سيڪشن6 آف مسلم فيملي لائز آرڍينس،1961 جي تحت جيڪڏهن مڙس آربيٽشن ڪائونسل جي اجازت کانسواء ٻئي شادي ڪري ٿوته۔۔“،
    (اي) هن کي هڪدم حق مهر جو سڄو پسئو،چاهئي موجل(هڪدم ادا ڪرڻ وارو) يا معجل(بعد ۾ ادا ڪرڻ وارو شادي جي ختم طلاق يا مڙس يا زال جي موت ٿيڻ تي)پهرين زال کي ادا ڪرڻو پوندو۔جيڪڏهن هو خوشي خوشي اهو ادا نه ڪندي ته اهو پيسئو لينڍ روينيو جي رهتون جي تحت مختيارڪار جي وسيلي حاصل ڪيو ويندو ان صورت ۾ مڙس جي منقولاء ۽ غير منقولاء جائيداد ضبط ڪري نيلام ڪئي ويندي۔

    (بي ) ڪمپلينٽ تي مڙس کي هڪ سال تائين سزا ياڏنڍ پنج هزار يا ٻئي سزائون ڏئي سگهجن ٿيون۔

    ڪمپلينٽ پهرين زال۔يا ٻئي زال(نئين زال) آربيٽشن ڪئونسل جي ذريعي ڪورٽ ۾ داخل ڪري سگهئي ٿي ( ڏسو رول 21 آف مسلم فيملي لائز رولس،1961) شروع ۾ اهو ڪنسپٽ هو ته شايد ان قسم جي ڪمپلين صرف پهرين زال داخل ڪري سگهئي ٿي پر اسان جي اعلئ عدالتن پنهنجي فيصلن ۾ ٻئي زال جي ڪمپلين داخل ڪرڻي جي حق کي به جائز قرار ڏنو آهي۔ڇاڪاڻ ته اسان جي هن محبتي اڳڻ جي ميمبرن ۾ وڪيل صاحبن جو به ڪجه تعداد موجود اهن ،انڪري انهن جي رهنمائي لاء اسان آنريبل سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين معزاز عدالتن جا فيصلا گوش گذار ڪنداسين۔مٿين قانوني ڄاڻ لاء ڏسو
    ۔(فهيم الدين مقابلا صبيح بيگم پي۔ايل۔ڊي 1991 سپريم ڪورٽ صفحو 1074)

    جيڪڏهن مڙس ٻئي شادي بغير آربيٽشن ڪائونسل جي اجازت جي ڪئي آهي ته ٻئي شادي نه فاسق هوندي ،نه باطل هوندي۔اها شادي قانونن صحيحي هوندي پر مڙس کي مٿين ٻڌايل سب سيڪشن جي تحت سزا ايندي ۔ان قانوني پائينٽ تي ڏسو۔(سي۔ايم سئمويل پي۔ايل۔ڍي 1967 سپريم ڪورٽ34۔۔۔۔محمد اسلم پي۔ايل۔ڍي 1971 لاهور 29۔۔ميان داد ۽ ٻيا پي،ايل،ڍي 1983 فيڍريل شريعت ڪورٽ 518،زيلي خان پي،ايل،ڍي1986 ڪوئٽه 290 ۽نسيم اختر پي،ايل،ڍي 1995 لاهور 475)


    اسان جا وڪيل ميمبر صاحبن ٿي سگهئ ٿوته سيڪشن 494 پاڪستان پينل ڪوڍ جو حُوالو ڏيئي اعتراض ڪن ته ان سيڪشن جي تحت جيڪڏهن ڪا مرد يا عورت پهرين شادي جي موجودگي ۾ جيڪڏهن ٻئي شادي ڪندا ته ان کي ستن سالن تائين سزا ۽ ڏنڍ هڻي سگهجي ٿو۔انهن جي لاء عرض آهي ته سيڪشن 494 پاڪستان پينل ڪوڍ ۾ ٻئي شادي کي فاسق يا باطل (وائڍ )قرار ڏئي پو جوابدر ڌر کي مٿين ٻڌايل سزا جو مستوجب ٺهرائيو ويندو۔جيئن ته مسلمان مرد کي هڪ وقت چار زالن کي رکڻ جي اجازت دين ڏني آهي ۽ اسان اڳ ۾ مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته ٻئي شادي مڙس جي نه باطل آهي نه فاسق(وائڍ) انهئڪري سيڪشن 494 پاڪستان پينل ڪوڍ مسلمان مڙس جي مٿان لاڳو نه ٿيندو۔ان سلسلي ۾ سيد علي نواز گرديزي (پي۔ايل۔ڍي 1963 سپريم ڪورٽ صحفو 51 پيراء 36 صحفو 74) مان رهنمائي حاصل ڪري سگهجي ٿئي۔

    مٿين تفصيلي جواب مان اهو صاف صاف ظاهر آهي ته قانون مطابق ٻئي شادي لاء پهرين زال کان اجازت جي ضرورت نه آهي۔اميد ته ادا عبدالحفيظ کي ،سائين رحيم بخش،سائين ڦلپوٽو صاحب۔ادا رشيد سمون صاحب ،ادا سليمان وساڻ ۽ ٻين ميمبرن کي هي دليلن سان ڏنل جواب قانون جي دائري جي اندر پسند ايندو ۽ سڀ مونجهارا ختم ٿئي ويندا۔هميشه الله پاڪ جي حفاظت ۾ خوش رهو آمين۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا اوهان سڀني دوستن ۽ خاص ڪري ادا رحيم بخش ۽ غلام مصطفي ميمڻ جِن جا خاص ٿورا جِن تفصيلي جواب ڏِنا۔ ۽ آئون متفق به آهيان پر ڪڏنهن ڪڏنهن قانون (ديني يا حڪومتِ وقت جا) پنهنجي جڳه تي 100 سيڪڙو صحيح هُجن ٿا پر اهي لاڳو ڪندي ڪي مونجهارا بهرهال رهن ٿا۔ جيئن ته مٿي ٻنهي ساٿين جي دليلن مان صاف ظاهر آهي ته پهرين زال کان اِجازت انهي ڪري لازمي ناهي رکي وئي ته هو نه ڏيندي۔ جيڪا اجازت نه ڏيندي ته اُها خوش به نه هوندي۔ ۽ اڳتي هلي مسئالا پئدا ٿيندا۔ تنهنڪري سائين ميمن صاحب واري ڳاله صحيح آهي ته

    سو اجازت وٺڻ ضروري ناهي پر وٺجي ته بهتر ٿيندو۔ انهي سان اهو به ٿيندو جو اڳتي هلي ڪو مسئلو ٿيو به ته اُهو پهرين گهر واري جي بِلي هوندو جنهن اجازت ڏِني هوندي۔
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    سائين غلام مصطفي صاحب جو قانون جي روشني ۾ جواب پڙهي اسان فقيرن جي معلومات ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي

    جيڪڏهن اجازت وٺجي تي سٺي ڳالهه چئبي باقي هون اجازت جي ضرورت نه آهي

    سائين رحيم بخش صاحب ۽ سائين سليمان وساڻ صاحب جا لک ٿورا جن اسان کي بهترين معلومات ڏني

    سدائين گڏ
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    جيتوڻيڪ هن موضوع تي هر طرح سان مڪمل جواب محترم رحيم بخش ۽ سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن ڏئي ڇڏيو آهي، انڪري هن اهم سوال جي جواب ۾ ڳالهائڻ سج سامهون ڏيئو ٻارڻ جي برابر ٿيندو ۔۔۔۔ لب لباب مذهبي يا قانوني اهو ئي وڃي ٿيو ته ” اجازت جي ضرورت ناهي“

    هڪ ڳالهه جيڪا آ وري به قرآن شريف جي حوالي سان ڪندس ته رب العالمين سوره النور ۾ فرمايو آهي ته ” ڏيتي ليتي جي دوران الله جي ذڪر کان غافل نه ٿيو“ مطلب ته جڏهن به دنياوي ڏيتي ليتي ڪجي يا ڪو رشتو قائم ڪجي ته الله جي حدن کي نه اورانگهجي ۔۔۔ انصاف قائم ڪجي ۽ اهو رشتو سچي نيت سان هجي ، جيڪڏهن اهي ڳالهيون ذهن ۾ هونديون ته اميد ته شادي واري ڪم ۾ پڻ الله جي نصرت شامل حال هوندي ۽ ڪا تڪليف نه ايندي پر جيڪڏهن نيتن ۾ کوٽي هوندي ۽ الله جي حدن کي اورانگهبو ته يقينن تڪليفون اينديون ۽ معاشري ۾ بگاڙ پئدا ٿيندو، انڪري اسانکي پنهنجين زندگين ۾ اسلام جا رهنما اصول آڻي پنهنجي ماحول ۽ معاشري سان انصاف ڪرڻو آهي ۔۔۔

    سماج ۾ شادي (زال ۽ مڙس ) جي رشتي کي حلال ڪري ان مان حلال اولاد جو تصور پڻ قائم ڪيو ويو آهي، شادي واري تصور سان انسان جي جنسي خواهشن کي قانوني ۽ اخلاقي دائرن ۾ قائم ڪيو ويو آهي ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ پٿر واري زماني يا جهالت واري زماني ۾ عورت ۽ مرد جنسي خواهشون جانورن جيئان پوريون ڪندا هئا ۽ انڪري سماجي تصور پئدا ٿي نه ٿي سگهيو پر شادي واري رسم سان سماج کي سهڻي ٺاهڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ۔۔۔

    اسان سڀني کي اسلامي ۽ اخلاقي دائرن کي اورانگهڻ بجا پنهنجي جنسي ضرورت کي انصاف عدل ۽ سماجي ڀلائي سان پورو ڪرڻو آهي ۔۔۔

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو،
    مندي پائي من ۾، سنهو ڪتيو جن، تن جو صرافن دڪو ئي داخل نه ڪيو۔

    رب العالمين اسان سڀني کي معاشري ۾ عدل انصاف قائم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ُُوڃ ڀيسان۔۔۔۔۔ اصلي ايڏي ڄاڻ جو هڻي مولائي مغز ٿو ڀاوانڊيون کائي۔۔۔

    خيئر مذهب اسلام ۾ ٻئي شادي جي باري ۾ ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔ پر هندو مذهب جي حساب سان پراڻي زماني ۾ ڪيترائي اهڙا شخص ٿي گذريا آهن جن 10 کان وڌيڪ شاديون ڪيون۔۔۔ پر الائي ڇو اڄ ڪالهه جي هندستان جي قانون ۾ ان جي اجازت ڪونهي،۔۔۔۔

    خود وشنو جي اوتار ڪرشنا لڳ ڀڳ 6000 سال اڳ 16108 شاديون ڪيون هيون۔۔ خيئر ڳالهه کي کٽائيندي۔۔۔ تمام گهڻي ڄاڻ ملي۔۔۔۔
     
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا هر مذهب ۾ وقت سان گڏ تبديليون آيون آهن ۽ مضلحتن ۽ ڀلائي خاطر ڪجه شين ۾ حدون مقرر يا وري پهرين مقرر ٿيل حدن کي محدود ڪيو ويو آهي۔ ڇو ۽ ڪيئن اهي وڏا موضوع آهن۔ پر بهرحال اهو آهي ته هاڻي سڀني مذهبن ۾ تڪميل جي ڳاله اچي چڪي آهي۔ جيئن مسلمانن پنهنجي آخري نبي محمد صلي الله عليه وسلم تي ختمِ نبوت جو يقين مڃيندي دين جي تڪميل کي قبوليو آهي۔
     
  15. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا رحيم بخش اھڙو معلوماتي جواب ڏيڻ جي مهرباني،
     
  16. dr:abdulqayyum al-sindi

    dr:abdulqayyum al-sindi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    سنڌ سلامت جي موچاري ، بيحد پياري وڏي واکاڻ ۽ ناماچار واري ويب سائٽ جي حسين پيجن جي ورق گرداني ڪندي جناب عبد الحفيظ لغاري صاحب پاران (ٻي شادي بابت مونجهاري) واري سوال تي نظر پيم ...
    ۽ ان بابت ڪجھ دوستن جا رايا به پڙهيم ...
    ادي لغاري صاحب جو مسئلو ته کڻي گهڻي ڀاڱي حل ٿي ويو هوندو ...
    ديني مونجهارو مولوي رحيم بخش صاحب جي جواب مان ۽ قانوني مونجهارو جناب ميمڻ صاحب جي جواب مان ٽري ويو هوندس ...
    پر سوچيم ته ڪجھ وقت ڪڍي انهيءَ مسئلي جي بڻ بنياد تي به ڪجھ روشني وجھڻ گھرجي ...
    در اصل هي سوال ڪو نئون ناهي ۽ نه وري اسين ان تي پهريان روشني وجھندڙ ۽ جواب ڏيندڙ آهيون...
    مسئلو پراڻو آهي ...
    ۽ اهڙي موضوع کي ڇيڙڻ جو مقصد به ڪجهه ٻيو آهي ....
    تنهن ڪري اصل مسئلي تي نظر رکڻ گهرجي...
    ان موضوع تي ڳالهائڻ کان اڳ آءٌ هر مسلمان دوست کان ڪجهه سوال ڪرڻ ٿو گھران ...
    انهن جا جواب هر دوست ڀل پنهنجي مَنَ ۾ سانڍي رکي ... مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي...
    ان کان پوءِ موضوع کي پڙهي ۽ حقيقت تي غور ڪري ... ويچار ڪري ... نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري ...
    سوال ڪجھ هن ريت آهن:
    هر ڪلمہ شهادت (لا اله الا الله محمد رسول الله صلى الله عليه وسلم) پڙهندڙ دوست پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌائي ته :
    ڇا هو واقعي اسلام کي سچو دين مڃيندڙ آهي؟
    الله تعالى کي سڄي ڪائنات جو خالق، مالڪ ۽ حقيقي معبود ڄاڻي ٿو ؟
    الله تعالى جي مقدس ڪتاب (قرآن شريف) کي الله تعالى جو سچو، پاڪ ڪلام، مڪمل ضابطه حيات سمجھي ٿو؟
    پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى صلى الله عليه وسلم کي سچو ۽ سچار نبي سمجھي ٿو؟
    کيس پنهنجو اڳواڻ، پيشوا، رهبر ۽ راهنما مڃي ٿو؟
    جيڪڏهن سڀني سوالن جو جواب (ها) ۾ آهي ته، ان کان بعد هيٺين حقيقتن تي به نظر رکڻ گھرجي :
    ڇا الله تعالى جي مقدس ڪتاب (قرآن شريف) ۾ هڪ کان وڌيڪ شادين ڪرڻ جي اجازت آهي يا نه؟
    اسان جي نيڻن جي نور ۽ دل جي ٺار پياري پيغمبر محبوب مدني صلى الله عليه وسلم جن پاڻ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون يا نه؟
    محبوب مصطفى صلى الله عليه وسلم جن جي پياري ۽ ويجھڙي صحابن سڳورن مان رڳو خلفاءِ راشدين : حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه... حضرت عمر فاروق رضي الله عنه ... حضرت عثمان غني رضي الله عنه ... حضرت علي بن ابي طالب رضي الله عنه... تن کان پوءِ حضرت حسن رضي الله عنه... حضرت حسين رضي الله عنه.... وغيره وغيره ... انهن سڀني پنهنجي محبوب صلى الله عليه وسلم جي طريقي تي هلندي، سندس پيرويءَ ڪندي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون يا نه ؟
    جيڪڏهن جواب (ها) ۾ آهي ته پوءِ وري مونجهارو ڪهڙو؟
    يا ته اسين انهن رهبرن کي حق تي چئون ... يا پاڻ کي وڌيڪ عقلمند سمجھون ...
    پيغمبر عليه السلام کان ويندي مشهور امامن تائين ... سيرت يا تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪنهن کان ٻي شادي ڪرڻ لاءِ سندين بيبين کان اجازت وٺڻ جو تذڪرو ملي ٿو؟
    قرآن، حديث يا ڪنهن به معتبر مذهب (سني هجي يا شيعہ) جي ديني لٽريچر ۾ ڪٿي به شاديءَ لاءِ زال کان اجازت گھرڻ جو شرط ملي ٿو؟
    پڪ سان جواب (نه) ۾ ملندو ...
    ته پوءِ جونجهارو ڪهڙو ؟
    در اصل هي موضوع گھڻي زماني کان اسان جي پياري پيغمبر صلى الله عليه وسلم جا ويري هر دور ۾ غلط پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ عام سادي مزاج جي مسلمانن جي ذهن خراب ڪرڻ، سندن ذهن ۾ اسلام ۽ پيغمبر عليه السلام جي شخصيت بابت شڪ ۽ شبها وجھڻ خاطر ڇيڙيندا پيا اچن ....
    هنن جو چوڻ آهي ته (نعوذ بالله) محمد (صلى الله عليه وسلم) سچو پيغمبر هجڻ ته ٺهيو ، پارسا هجڻ ته پنهنجي جاءِ تي... هو ته مرڳو ليڊر هجڻ جي قابل ئي نه هيو ... هو ته هڪ عام ماڻهو، حسن پرست، زن پرست، وڏو شهوتي انسان هو ... ڏسو ڪيتريون شاديون کڻي ڪيائين ...؟ انهيءَ جي مقابلي ۾ مسيح (عيسى عليه السلام) کي ڏسو ... منڍئون شادي ئي نه ڪيائين ...!!
    بهر حال آءٌ هن موضوع تي وڌيڪ علمي بحث ڪرڻ بجاءِ پهريان رڳو ايترو عرض ڪندس ته مسلمان کي اهڙي موضوع ڇيڙڻ بدران پنهنجي ايمان جو خيال رکڻ گھرجي... الله تعالى جي صريح احڪامن جي خلاف زبان درازي ڪرڻ ڪا مذاق ناهي....
    مسلمان کي الله تعالى جي احڪامن آڏو پنهنجو سر تسليم خم ڪرڻ گهرجي... ان ڏس ۾ حضرت ابوبڪر صديق وارو ايمان رکڻ گهرجي...
    حضرت علي رضي الله عنه جي نهج تي هلندي اهو چئي ته ، الله تعالى جا احڪام اسان جي عقل جي حد کان مٿي آهن، جي عقل جي تابع هجن ها ته هوند تيمم ۾ مسحو پيرن جي مٿان ڪرڻ بدران هيٺيان ڪرڻ گھرجي ها...
    ان کان پوءِ هن ڳالهه تي به غور ۽ ويچار ڪرڻ گهرجي ته :
    اسلام کان اڳ عورت جو معاشري ۾ ڪهڙو مقام هو ۽ اسلام کيس ڪهڙي مقام تي پهچايو؟
    اسلام کان اڳ شادين جي حد ڪيتري هئي ۽ اسلام ان جي ڪهڙي حدبندي ڪئي؟
    اهي اهڙا موضوع آهن جو انهن مان هر هڪ تي وڏا بحث ٿيل آهن... اسان انهن کي وڌيڪ نه ٿا ڇيڙڻ چاهيون...
    ٻيو ته : اسلام ۾ چئن شادين جي اجازت پنهنجي جاءِ تي، پر ... ڪهڙي شرطن سان؟
    جنهن مڙس ۾ اسلام واري مهذب طريقي مطابق چئن زالن هلائڻ، سنڀارڻ، پالڻ ۽ تاتڻ جي همت آهي ته اهو سريتن رکڻ بدران ڇونه حلال طريقي سان پنهنجي زندگي گذاري ...؟؟
    اسلام ضابطه حيات آهي، ان ڪنهن کي ڇڙواڳ نه ڇڏيو آهي... هر ماڻهوءَ جي منهن مان لغام نڪتل ناهي...
    اسلام ۾ عورت جو وڏو مقام آهي...
    هوءَ ڪا کيڏڻو ناهي جو جيئن مرد کي وڻي تيئن پيو ساڻس کيڏي... جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پيو کينهونءَ جيان کيس اڇلائي ...
    جيجل هجڻ جي حيثيت سان...
    ڀيڻ ۽ نياڻي هجڻ جي حيثيت سان ... هن جو وڏو درجو آهي...
    حضور سائين صلى الله عليه وسلم جي سيرت پاڪ تي نظر ته وجھي ڏسجي...
    جيتري تائين بيبي خديجہ سائڻ (رضي الله عنها) حال حيات هئي ته سائينجن ٻئي شادي ئي نه ٿي ڪئي...
    جواني سڄي ان پوڙهيءَ رن زال سان ساٿ ڏيندي گذاري ڇڏيائون...
    سندس موت واري سال کي ٻين واقعن جي مناسبت سان ملائي عام الحزن (غم وارو سال) سڏيو ٿو وڃي...
    زندگيءَ جا پنجاهه سال گذرڻ بعد جيڪڏهن ٻيون شاديون ڪيائون ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پئي؟
    پر منجھائن ڪيتريون ڪنواريون ۽ ڪيتريون رنڙ هيون؟
    سڄي جهان کي خبر آهي ته امان بيبي عائشہ سائڻ (رضي الله عنها) کان سواءِ باقي سڀ ڪراڙيون، ڪرڙوڍ ۽ رنڙ ئي هيون!!!
    وري ڏسو ته زالن سان سندن برتاءُ ڪهڙو هو؟
    هر هڪ زال جو ڪيڏو نه خيال رکندا هئا؟
    گهرو ڪم ڪار ۾ ڪيڏو نه ساٿ ڏيندا هئا؟
    ڪڏهن ڪنهن جي ڪنهن ٺاهيل کاڌي خلاف ڪا زبان نه کوليائون ... ڪو اعتراض نه ڪيائون ... وڻين ته کاڌائون، نه هٿ ڪڍي الحمدلله پڙهي بس ڪيائون ...
    زالون ته پنهنجي جاءِ تي، سائينجن ته پنهنجي ڪنهن نوڪر تي به زندگيءَ ۾ ڪڏهن هٿ کڙو نه ڪيو...!
    امڙ جو درجو ڏسو ...
    جڏهن امان آمنہ سائڻ جي قبر جي ويجھو ٿي گذر ٿيو، ته قافلي کي هڪ طرف ترسائي پاڻ اڪيلو وڃي پنهنجي امڙ جي قبر جي حاضري ڀري آيا ... رڳو حاضري نه، اتي وڃي امڙ کي ياد ڪري ڪيڏا نه ڳوڙها ڳاڙيائون ...!! سيرت تي نظر ته وجھجي ... پڙهي ته ڏسجي...
    نياڻين جو مقام ڏسو ...
    هن دور تائين رڳو سنڌ ۾ نه، بلڪه پوري دنيا ۾ ... رڳو شيعہ برادري وٽ نه، بلڪه سنين وٽ به، ساري اسلامي معاشري ۾ سيد سڳوري (جيلاني هجي يا بخاري، همداني هجي يا ڪو ٻيو ...) جو مقام ايڏو اوچو ڇو آهي؟ جيڪو درجو هيل تائين بيبي فاطمہ بتول جي نسل کي مليو آهي سو ڪنهن ٻئي کي مليو آهي ڇا؟
    بهر حال ڳالهه گھڻي ڊيگهه وٺي وئي، ٻي شاديءَ ۾ پهرين زال کان اجازت وٺڻ بدران هر هڪ کي پهريان پنهنجي اقتصادي ۽ اجتماعي حالات مٿان نظر رکڻ گهرجي... اڳتي هلي اولاد سنڀارڻ ۽ سندن تربيت ڪرڻ تي به ويچار ڪرڻ گهرجي... همت مردان مدد خدا ... الله سائين اسان سڀني کي هدايت ڏئي، پنهنجي پيغمبر عليه السلام سان سچي محبت ۽ سندس آندل دين تي پختي ايمان، يقين ۽ مٿس پابنديءَ سان عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب ڪري...آمين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    جزاڪم الله خيرا
     
  18. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا منهنجو اهو موضوع ڇيڙڻ جو مقصد سواءِ نظريو درست ڪرڻ جي ٻيو ڪو به نه هو۔ پوءِ ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي يا وري ڪنهن کي لڳي ٿو ته اهڙا موضوع ڇيڙڻ سان نتيجا خراب نڪرندا ته آئون معذرت خواه آهيان۔ پر موضوع جي شروع ۾ ئي لکيل آهي ته انهي موضوع تي هڪ تفصيلي ٽاڪ شو ٿيو هو۔ جنهن جي تناظر ۾ اهو سوال ذهن ۾ آيو۔

    اها ئي ته خاص ڳالهه آهي نه؟ ڳالهه گهُمي ڦري اُتي ئي ٿي اچي بيهي ته ڪجي تڏنهن جڏنهن ڪري سگهجي۔ اسان جي پيارن اصحابين پنهنجي نبي صه جي پوئيلڳي ۾ وڌيڪ شاديون ڪيون ته نڀايائون به سهي۔ باقي سهيل تنوير وانگي لڪي لڪي ٻه شاديون ڪري ڪوڙ ڳالهائي ٻِن ماين جي زندگي خراب ڪرڻ ته بهر حال نندڻ جوڳو عمل آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا سائين ڇاڪاڻ ته اڄڪله جي ماڻهون جي مذهب جي باري ۾ ڄاڻ محترم مولوي صاحبن۔ٽي وي ٽاڪ شو ۽ ٻين آسان ذريعن تي منحصر آهي۔قران پاڪ عربي زبان ۾ آهي ۔ان جو ترجمو پڙهي صحيحِِي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي پر ڪجه سستي ۽ڪجه ٻين ڪمن ۾ گهڻي مصروفيت جي ڪري گهڻا ماڻهو ايترو ٽائيم نه ٿا ڪڍي سگهن۔انڪري جڏهن به ڪنهن ديني معملي ۾ انهن کي مونجهارو ٿئي ٿو ته هو ان جي لاء مختلف ذريعن کان معلومات حاصل ڪرڻ لاء رجوع ڪن ٿا تاڪي هو صحيحي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن۔اسان جي مطابق اها ڪا غلط ڳاله نه آهي۔ادا رحيم بخش ۽ ڊاڪٽر عبدالقيوم صاحب جن پنهنجي ڪمينٽس ۾ بهتر معلومات فراهم ڪئي آهي۔ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجي ڪمينٽس ۾ ڪجه سوال پنهنجي ضمير کان پڇڻ جو حڪم فرمايو آهي۔بيشڪ اهئي سڀ سوال پنهنجي جاء تي تمام وڏي اهميت سان گڏ اسان جي ايمان جي تجديد جي لاء تما م گهڻا ضروري آهن۔قران شريف۔پياري نبي سائين جون سنتون جن ۾ انهن صحيحي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ جا طريقا ٻڌايا آهن ۽ انهن جي پيروي ڪندي صحابه اڪرام رضي الله تعالي عنه جي مڪمل ۽ ڪامياب زندگي اسان جي لاء کليل مثال آهن جنهن جي پيروي ڪري اسان دين ۽ دنيا ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا ۔الله پاڪ شيطان کي به کلي اجازت ڏني آهي ته هو انسان کي تا قيامت تائين ڀڙاڪئيندو رهئي ۽ ان کي صحيحي رستي کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري۔اهو انسان جو هڪ طرح سان امتحان آهي۔جيڪي ماڻهون شيطان جي غلبي ۾ نه ايندا ۽ ايمان تي قائم رهندا ۔انهنجي اخرت سئنوراجي ويندي۔اسان جو ايترن گهڻن فرقن ۾ ورهائجي ويا آهيون ۔اها شيطان جي هڪ ڪوشش آهي ته اسان کي صحيحي دين کان متفرق ڪري پنهنجي قبضيي ۾ آڻي اسان کان دين جي حڪمن جي انحرافي ڪرائي،اسان کي پنهنجي پاڻ کي شيطان جي غلبي کان بچائڻ گهرجي ۽ دين جي باري ۾ صحيحي ذريعن سان صحيحي معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي۔ڊاڪٽر صاحب توهان جا سوال پنهنجي جاء تي تمام گهڻي اهميت رکن ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ٻي شادي بابت مونجهارا!

    ادا تمام بهترين معلومات ملي۔ منهنجي خيال ۾ هن موضوع ۾ جيڪا معلومات ملڻي هئي اها ملي چڪي آهي۔ هاڻي هن موضوع کي هتي ئي پورو ڪجي۔ ڇو ته بحث براءِ معلومات پورو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي بحث براءِ بحث شروع ٿيو آهي۔ جيڪو خطرناڪ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو