سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو آ حاضر آهيان سنڌ سلامت جي نئين وک سان۔۔۔

    هوئن ته سائين عبدالماجدي ڀرڳڙي جن جو تيار ڪيل ايم بي سنڌي انسٽالر ونڊوز 7 ۾ انسٽال ڪرڻ آسان آهي پر ڪجهه دوست ونڊوز ايڪس پي ۾ هن کي اسنٽال ڪرڻ ۾ دشواريون محسوس ڪري رهيا هيا۔۔ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي دوستن کي ياد هوندو ته ڪافي وقت اڳ فيس بوڪ استعمال ڪندڙن لاءِ سنڌ سلامت فورم طرفان هڪ ”سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن“ متعارف ڪرائي وئي هئي۔۔ جنهن ذريعي فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيندڙ هر يوزر هن ايپليڪيشن کي استعمال ڪري نه صرف پنهنجي وال تي اپڊيٽ سنڌي ۾ موڪلي ٿي سگهيو پر ڪنهن به دوست جي آيل اپڊيٽس تي پنهنجا رايا پڻ موڪلي سگهيو ٿي۔۔

    آهستي آهستي سنڌي لکڻ کي وڌيڪ آسان بڻائيندي سنڌ سلامت طرفان هڪ اضافي وک طور سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ لانچ ڪيو ويو جنهن جي ذريعي ڪنهن به ويب سائيٽ تي سنڌي لکڻ تمام آسان ٿي پيو۔۔ ۽ بغير ڪنهن سافٽويئر جي بس هڪ ڪلڪ ذريعي ڪنهن به ويب پيج چاهي اها ڪا سائيٽ هجي، ڪو بلاگ هجي، اي ميل ڪرڻي هجي يا وري گوگل سرچ ڪرڻي هجي تي سنڌي فعال ڪرڻ آسان ٿي پيو۔۔۔ جنهن ڪري دوستن سمجهيو ته هاڻي فيس بوڪ واري سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن ايترو اهم نه رهي۔۔

    پر دوستو هن ايپليڪيشن جي اهميت اڃان گهٽي نه آهي ۔۔ ڇو ته هن ذريعي نه صرف توهان بغير ڪنهن سافٽويئر جي سنڌ لکي سگهندو پر هي ايپليڪيشن بغير انسٽاليشن جي سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر جو ڪم پڻ ادا ڪري رهي آهي ۔۔ ڇو ته ڪيبورڊ تان ڪنهن اکر کي پريس ڪندي هيٺ موجود ورچوئل ڪيبورڊ جو اهو اکر چمڪي ٿو پوي جنهن سان استعمال ڪندڙ اهو ڄاڻي ۽ ياد ٿو ڪري ويهي ته انگريزي ڪيبورڊ جي ڪهڙي اکر کي پريس ڪرڻ سان ڪهڙو سنڌي اکر لکجي ٿو۔۔۔
    پر ڪجهه دوستن شڪايت ڪئي ته فيس بوڪ تي موجود سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن کي استعمال ڪرڻ لاءِ فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو ۽ ان ايپليڪيشن کي ڳولڻ به آسان نه آهي۔۔

    دوستن جي هن شڪايت کي دور ڪندي هاڻي ساڳي فيس بوڪ تي موجود ايپليڪيشن کي سنڌ سلامت پروجيڪٽ مينو ۾ لنڪ طور رکيو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان فيس بوڪ بجاءِ هاڻي سنڌ سلامت تي ئي رهندي توهان ”سنڌ سلامت ڪيبورڊ“ تائين رسائي حاصل ڪري سگهندو۔۔ اهڙي طرح چاهي توهان سنڌ سلامت تي لاگ ان هجو يا نه توهان سنڌي لکي سگهو ٿا۔۔۔


    [​IMG]

    دوستو توهان سنڌ سلامت جي هن پروجيڪٽ تحت ”سنڌ سلامت ڪيبورڊ“ کي استعمال ڪندي نه صرف سنڌي لکي سگهندو پر سنڌي لکڻ سکي سگهندو، سنڌي لکڻ کي درست ڪري سگهندو، انگريزي ڪيبورڊ تي موجود اکرن تي موجود سنڌي اکرن کي سڃاڻي سگهندو ۽ سنڌي لکڻ جي بار بار مشق ڪري پنهنجي سنڌي لکڻ جي رفتار وڌائي سگهندو۔۔۔
    ان کانسواءِ چاهيو ته هتان سنڌي لکي ڪاپي ڪري ڪنهن به جاءِ تي پيسٽ ڪري پنهنجا ڪافي مطلب حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔


    دوستو سنڌ سلامت جو هي پروجيڪٽ توهان کي ڪيئن لڳو۔۔۔ ؟ پنهنجي راين ۽ صلاح مشورن کان اسان کي ضرور آگاهه ڪجو ته جيئن سنڌ سلامت طرفان ايندڙ پروجيڪٽس کي درست سمت ڏئي سگهجي ۔۔


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    ادا تمام گهڻي خوشي ٿي ته توهان ان اپليڪيشن کي ٻيهر سنڌ سلامت تي هڪ نئي نموني سان متعارف ڪرائي منهنجي همت افزائي ڪئي، توهان ڪافي بهتر نمونن جا ٻيا به ڪيبورڊ متعارف ڪيا جنهن ڪري مان ته سمنجهندو هئم ته هاڻي اهو ڪيبورڊ ناڪاره آهي ۽ ان کي مان هميشه لاءِ پنهنجي ذهن مان ڌڪاري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا منهنجي خيال سان جيڪڏهن ڪيبورڊ جي لنڪ مينيو بار جي بدلي سنڌ سلامت ٽيوب جهڙوڪ رکي وڃي ته دوستن لاءِ ڪافي آساني ٿي ويندي۔۔۔۔۔ وڌيڪ سنڌ سلامت جي دوستن جي به راءِ ضروري آهي۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سنڌ سلامت جي مهندار ۽ موجد عبدالرشيد سمي صاحب ۽ سنڌ سلامت جي ماٺيڻي دوست عامر ضياء چارڻ جون سنڌي ٻوليءَ لئه ڪيل خدمتون بي مثال آهن، هي پراجيڪٽ پڻ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ، خاص ڪري انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ دوستن کي سنڌي لکڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو ۔۔۔

    سوال؛ ڇا هي پنو اسين تڏهن استعمال ڪري سگهون ٿا جڏهن انٽرنيٽ هلندڙ هجي يا وري انٽرنيٽ کان بغير ؟؟؟ ڇاڪاڻ ته ڪيترن گهرن ۾ اڃان انٽرنيت ناهي ۽ ڪمپيوٽر موجود آهي ته پوءِ اهي دوست يا گهر وارا سنڌي ڪيئن لکن؟

    آءُ سنڌ سلامت جي دوستن کي عرض ڪندس ته هو هن پراجيڪٽ کي سنڌين ۾ عام ڪن ته جيئن سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جو رجحان اڳ کان اڳرو ٿيندو رهي ۔۔۔ مونکي ياد آهي ته جڏهن اسان شروع ۾ انٽرنيٽ تي ايندا هياسون ته ڪي آڱرن تي ڳڻڻ جيترا دوست سنڌي لکندا هئا، پر هاڻ سنڌ سلامت ۽ ٻين سنڌي فورمن جي محنت سان ۽ عبدالرشيد ۽ عامر ضياء چارڻ جهڙن سنڌي نوجوانن جي محنت سان سنڌي لکڻ وارن جو تعداد هزارن کان به مٿي آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    ادا رشيد سمون اسان لا تمام گهڻيون خوشيون کڻي آهيو آهي۔سال ۾ ڪيترا پروجيڪٽ آندا اهن ادي رشيد هاڻي وري سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ واه تمام سٺو ڪيو اهي ادي رشيد سمون
    مهرباني ادا رشيد سمون صاحب
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    ادا رشيد جون مهربانيون جنهن هن اپليڪيشن کي سنڌ سلامت تي به پيش ڪيو۔

    مون پاران هميشه اهو زور هيس ته سنڌ سلامت تي به اها اپليڪيشن آندي وڃي۔ اڄ ئي ڪجهه دوستن ان کي آزمائي مهربانيون چيون آهن۔ ياد رهي ته اهي دوست جن وٽ آفيسن ۾ انسٽاليشن رائيٽس ناهن اهي گهڻو پريشان ٿيندا آهن ته سنڌي ڪيئن لکجي ؟ انهن دوستن لاء بوڪ مارڪليٽ ۽ هي اپليڪيشن گهڻيون ڪم واريون آهن۔

    اوهان جي اهڙي شاندار ڪم تي اوهان ۽ ادا عامر ضياء چارڻ کي واڌايون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    ادا توهان جي هيءَ ڪاوش تمام بهترين آهي۔۔۔۔۔
     
  7. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    هر ڪم هر قدم تمام سٺو
    ڪيبورڊ وارو ڪم ڏاڍو وڻيو
    جس هجي اوهان کي
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    ادا ادي رشيد جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي
    پر هي ته تمام بهترين تحفو اسان جي لاء ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سنڌ سلامت ڪي بورڊ پروجيڪٽ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔ محنت جاري رکو۔۔۔
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    تمام بهترين پراجيڪٽ آهي سائين عبدالرشيد ۽ ادا عامر جن کي الله تعالي وڏي ڄمار بخشي جو سنڌي ٻوليء جي ترقيء لاء پاڻ هر وقت ڪوشان آهن .
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سمورن دوستن جي پسنديدگي جي مهرباني۔۔۔
    هڪ ڳالهه جي مون نوٽ ڪئي آهي۔۔ سا آهي ته پروجيڪٽ پني تي ويندڙ رڪن فورم تان لاگ آئوٽ ٿيو وڃي۔۔۔ پر ٻيهر فورم تي اچڻ سان لاگ ان ٿئي ٿو۔۔۔ منهنجي ڪوشش آهي ته هن ايرر کي جلد فڪس ڪيو وڃي۔۔
     
  12. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    پر هڪ پروجيڪٽ توهان ڪانه ايجاد ڪئي۔ڪهڙي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌي ٽرانسليٽ
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سنڌي ٽرانسليشن هڪ ڊگهو پروجيڪٽ آهي ۔۔ جيڪو جيڪڏهن يونيورسٽين جي سطح تي شاگردن کي پروجيڪٽ اسائينٽمينٽ طور ڏنو وڃي ته اڳ ڀرائي ٿي سگهندي ۔۔۔ ان کان علاوه هي پروجيڪٽ مختلف گروپس طرفان اعلانيل آهي۔۔ ادا احمد سومرو جن پڻ فيس بوڪ تي اهڙو اطلاع ڏنو هو۔۔۔ يقينن هُو انهن تي ڪم ڪندا هوندا۔۔۔
    ان هوندي به ان سان ملندڙ پروجيڪٽ سنڌي ٽرانسليٽيريشن (جنهن ذريعي رومن سنڌي کي سنڌي اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو۔۔ ) تي ڪم هلندڙ آهي۔۔ انشاء الله ان پروجيڪٽ کي سنڌ سلامت طرفان جلد ئي لانچ ڪيو ويندو۔۔
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    هوءَ ته سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري (سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي) حيدرآباد وارن طرفان ان سلسلي ۾ هڪ سي ڊي سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر متعارف ڪرائي وئي آهي پر ان جي انسٽاليشن ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان سان گڏ ٻيا به ڪٍجھ اضافي پروگرام ڏنا ويا آهن۔
    سچ پڇو ته اوهان جو هي پروجيڪٽ ڏسي دنگ رهجي ويس! ته نه ڪا انسٽاليشن نه ڪو ٻيو جهنجهٽ! صرف آنڱريون ڪي بورڊ تي رکو ۽ لکڻ شروع ڪيو!!! سائين يقينن اوهان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاءِ اهڙو ڪم ڪري احسان ڪري ڇڏيا آهن۔
    پر منهنجو به وري ساڳيو ئي سائين نثار ابڙو صاحب جن وارو عرض آهي ته هن پروجيڪٽ جي اهڙي رنگ ۾ ڍنگي ڏيو جيئن مثال طور ڪنهن فليش ننڍڙي پروگرام وانگر ته جيئن آف لائن دوست به هن فليش فائل کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ کولي سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر استعمال ڪري سگهن ۽ بغير ڪوبورڊ ڏانهن ڏسڻ جي پنهنجي لکڻ جي اسپيڊ به وڌائين، لک ٿورا۔۔۔
     
  15. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سائين محترم مانوارا عبدالرشيد صاحب اوهان جي محنتن جي جيتري تعريف ۽ واکاڻ ڪجي سا گهٽ آهي ، يقينن اوهان جو سنڌ ٻولي سان محبت جو اهو اظهار ۽ ثبوت آهي جو وقت سر ڪا نه ڪا حڪمت عملي کان ڪم وٺندي ڪجه نه ڪجه ايجاد ۽ سنڌ ٻولي جي جياپي لا خدمت سر انجام ڏيندا رهندا آهيو ۔ اهو ڪارنامو پڻ هن سعي (ڪم) جو تسلسل آهي ، اسين اوهان لا دل سان دعاگو اهيون ، الله تعالى اوهان جون ڪوششون قبول فرما تانته پنهنجي هن فريضي کي احسن نموني انجام ڏيندا رهو ، آمين​
     
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    ادا رشيد تي فرمائشن جو زور گهڻو آهي پر منهنجي به ساڳي خواهش آهي۔ ڪيئن رشيد؟ ڪن نه ڪڍائبو نه؟
     
  17. شڪيل احمد شاهه

    شڪيل احمد شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر انسٽرڪٽر
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور، تعلقه گولاڙچي ضلع بدين
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سائين ماشا الله ۔۔۔ الله توهان کي وڏي حياتي بخشي ته جيئن توهان ائين اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهو ۽ سنڌ جي پياري ٻولي جي ترقي لا3 ڪم ڪندا رهو۔
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    سائين ايڊمن صاحب هن سوال تي روشني وجهندا ته ٿورائتو هوندس۔۔۔
     
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !

    افسوس جو في الحال فليش پروگرام ۾ سنڌي سپورٽ موجود نه آهي۔۔
     
  20. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ترانسلِٽريشن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ زبردست۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو