ڪيرت ٻاٻاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    [​IMG]

    ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۽ هند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان هڪ آهي، جنهن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون. هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي آهي. هن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه، (هاڻي بينظير آباد) آهي، جتي هن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هن جي تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻيءَ جي ترتيب هيٺ قومپرستيءَ جو صلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور آهي. شيخ اياز، ڪيرت بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجو پراڻو دوست آهي، ان جو شمار سنڌي قوم جي عظيم محب وطنن ۾ ڪري سگهجي ٿو. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪافي وسيع آهي ۽ هن جي پنهنجي قوم سان مڪمل وفاداري (Absolute Commitment) آهي.“ ڪيرت بنيادي طرح آزاديءَ جي هلچل جي پيدائش آهي، هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان آهي ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ اخبار سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. ان ئي پسمنظر ۾ هن لکيو هو ته: ”تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان!“ سندس اهو ليک 1956ع جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيو.
    ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ”اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنهن پليٽ فارم تان هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لالسنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهي. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. ان کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي آمريڪا ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن اوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دهليءَ پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ اوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ پاران ادبي اوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ”ادبي اوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد اوارڊ“ وغيره ملي چڪا آهن.
    ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪهاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪُولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو“ (ڪهاڻيون: 1966ع)، ”سُوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”ادب ۾ قدرن جو سوال“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن، دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت:“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو هو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانهن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيهي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ، سدا جيئي“ (ڪهاڻيون)، ”نه ليليٰ نه مجنون“ (ڪهاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو“ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم“ (آتم ڪٿا، 4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ، سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي تاريخ“ (ترجمو) شامل آهن. ان کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي 1991ع کان اڄ تائين ماهوار ”سنڌ سجاڳ“ (سنڌيءَ ۾) ۽ ”سنڌ رائيزز“ (انگريزيءَ ۾) رسالا ڪڍندو رهي ٿو.
    ڪيرت ٻاٻاڻي 7 مئي 2015ع تي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو
    (’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ٿورن سان)
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي سنڌي ٻولي جي ٽمورتي چيو ويندو آهي. ڇو جو هنن ٽن ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي جي اُتم سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabashshabashshabashshabash


    lajwab-sharing


    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيرت ٻاٻاڻي ڪالهه 7 مئي 2015ع تي بمبئي ۾ 93 سالن جي ڄمار ۾ديهانت ڪري ويو
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيرت ٻاٻاڻي به موڪلائي ويو

    نور سنڌي

    اڃان شري لڇمڻ ڪومل جي وڇوڙي جا زخم تازا آهن ته سنڌي ٻولي جو مشهور اديب، شاعر، صحافي، نقاد ڀارت ۾ سنڌيت، ثقافت کي قائم رکڻ، سنڌي ٻولي کي مان مرتبو ڏياريندڙ شري ڪيرت ٻاٻاڻي 7 مئي تي خميس ڏينهن صبح جو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. شري ڪيرت ٻاٻاڻي جنهن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. پاڻ نوابشاهه ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ جي تاريخي قديمي ڳوٺ موريو لاکو ۾ 3 جنوري 1922ع تي هڪ واپاري سيٺ جي گهر ۾ جنم ورتو. پهريان 2 درجا مسجد جي مولوي وٽ پڙهيو. ڪيرت ٻاٻاڻي اڃان 4 سالن جو هو ته سندس والد ديهانت ٿي ويو ۽ سندس پالنا سندس چاچي والد وانگر ڪئي. اڃان 10 سالن جو هو ته ڪن چورن سندس ٻن چاچن جيڪي اوطاق تي ستل هئا انهن کي بيدردي سان قتل ڪري دڪان مان سامان کڻي ويا باقي بچيل سامان کي باهه ڏئي ويا. هن دل ڏاريندڙ واقعي هن ڳوٺ جي هندن ۾ وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو ۽ هو هتان لڏي مختلف هنڌن تي وڃي رهيا. شري ڪيرت ٻاٻاڻي جو خاندان پهرين صابو راهو جتي ڪيرت جا ناناڻا رهندا هئا بعد ۾ نوابشاهه وڃي رهيا. هن پرائمري صابو راهو ۾ پڙهي. مئٽرڪ تائين گورنمينٽ ايڇ ايم خواجه هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي. باقي تعليم بي اي، ايل ايل بي تائين ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. هي جڏهن 3 ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته سندس استاد گوچي رام ٿاواڻي جيڪو قومي خيالن جو هو، سندس ليڪچرن، ڳالهين کان متاثر ٿي پاڻ ڪانگريس جي ويجهو هليو ويو. نوابشاهه ۾ شاگردي واري زماني ۾ هن انگريز کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. قومي ڀاونا ۾ هن ساٿين سان گڏ کاڌي جو ڪپڙو ڪلهن تي کڻي وڪو ۽ بيمار غريب ماڻهن کي دوائون ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن فارويب اسٽوڊنٽس يونين ٺاهي ۽ ان نالي سان هڪ ماهوار خبر نامو هٿ سان لکي شاگردن ۾ ورهائي انهن ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1942ع ۾ انگريز هندستان ڇڏي وڃو تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. نوابشاهه هاءِ اسڪول مان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو جلوس ڪڍرايو. جڏهن جلوس وچ شهر ۾ پهتو ته کين اطلاع مليو ته پوليس اوهان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اچي پئي ۽ پوءِ سڀ اتان نڪري ويا. شري ڪيرت هڪ دوست جي گهر ۾ 3 ڏينهن انڊر گرائونڊ رهيو، ڇاڪاڻ ته جلوس ڪڍرائڻ جي ڏوهه ۾ پوليس کيس ڳولي رهي هئي. ان دوران هي بيمار به ٿي ويو ۽ دوست جي گهران نڪري پنهنجي گهر پهتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري 11 مهينا جيل موڪلي ڇڏيو. جڏهن هن کي سکر جيل موڪليو ويو ته سندس ملاقات سوڀو گيانچنداڻي سان ٿي جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ هو ڪاڪا ڪيرت سوڀو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ڪانگريس کان ڪنارا ڪش ٿي ڪميونسٽ پارٽي ڏانهن مائل ٿيو اتي هن قومي انقلابي ڪتاب به پڙهيا ۽ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد هن ڪميونسٽ پارٽي لاءِ شاگردن ۽ مزدورن ۾ ڪم شروع ڪيو. ان دوران هو هفتيوار صداقت اخبار ۾ ايڊيٽر ٿيو. جڏهن نوابشاهه ڇڏي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو ته ان وقت نئين دنيا پبليڪيشن گوبند مالهي جي نگراني ۾ شايع ٿيندو هو ان پاران ڪهاڻي نمبر شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ گوبند ڀائي هن کي به ڪهاڻي لکڻ جو چيو ۽ هي ڪهاڻي ڳولڻ لاءِ ڪراچي شهر گهميو ته هڪ مٺائي جي دڪان تي ماڻهن جو ميڙ ڏٺائي اتي وڃي ڏسي ته ماڻهو هڪ معصوم ٻار کي مارڪٽ ڪري رهيا آهن معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هن دڪان تي جليبي چورائي اهي هن پهرين ڪهاڻي ان واقعي جي پس منظر ۾ ”جليبين جو چور“ لکي ٻي ڪهاڻي پنجاب ۾ ٿيندڙ فسادن جي پس منظر ۾ لکي، ان بعد هن لاتعداد ڪهاڻيون لکيون. ورهاڱي بعد هن جو خاندان ته سنڌ مان لڏي ويو پر هن نه صرف سنڌ کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو پر لڏي ويندڙ هندن کي روڪيو ته هو پنهنجي ڌرتي ماتا کي نه ڇڏين. ورهاڱي بعد ۾ هو ٻه سال سنڌ ۾ رهيو ته ڪميونسٽ پارٽي جي ٻين هندن سان گڏ هن کي پڪڙي ڪراچي جيل ۾ بند ڪيو ويو.11 مهينا جيل ڪاٽي آزاد ٿيو ته سي آءِ ڊي سندس پويان لڳائي وئي. هي ڪراچي مان حيدرآباد پهتو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وٽ لڪي رهڻ لڳو ۽ سندس اخبار به سنڀالي پر سي آءِ ڊي اتي به پهچي وئي ۽ هن وٽ جيڪي دوست ايندا هئا انهن کي تنگ ڪيو ويندو هو ۽ هن لاءِ حالتون ايترو ته تنگ ڪيون ويون جو مجبورن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين دوستن مشورو ڏنو ته هو ڪجهه وقت لاءِ ڀارت هليو وڃي، اتان وري موٽي اچي. اهڙي ريت نه چاهيندي به ڀنل نيڻن سان هو سنڌ ڇڏي جڏهن هندستان پهتو ته اتي سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندن، جن کي ڪئمپبن ۾ رهايو ويو، انهن جي حالت زار ڏٺي پاڻ به ڪافي عرصو الهاس ننگر ۾ ڪئمپ ۾ رهيو ۽ پاڻ واپس سنڌ موٽڻ بجاءِ انهن ماڻهن جي سيوا ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ڀارت ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت، ادب جي لاءِ پاڻ پتوڙيو پاڻ ٻين ساٿين سان گڏجي 16 سالن جي طويل جدوجهد کانپوءِ 1967ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏياريو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو شروع واري دور ۾ ميمبر به رهيو، آنجهاني ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڪهاڻيون ۽ ناول جو ترجمو، ڪُولي ۾ ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو ۽ ٻيون ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ هندستان مان سنڌي زبان ۽ سنڌ سجاڳ ماهوار رسالو ۽ سنڌ رائيٽر به شايع ڪيا. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ لهرون لک لباس، ”ڪوتائون“ جيون جي ڊيڪ تي ”آٽوگرافيڪل ناول“ آخري جيت اسان جي ”ناٽڪ“ اجهو ڏينهن ٿيو، تقريرون، انٽرويو، ”سنڌ جو اتهاس“ شامل آهن. پاڻ 1981ع ۾ روس جو دورو اتان جي حڪومت جي دعوت تي ڪيو. 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل پاران جيڪو سلوا جو دورو ڪيو. پاڻ ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو 18 سالن تائين صدر به رهيو. ساهيته اڪيڊميءَ جي سنڌي ٻولي جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. هو هڪ آدرشي انسان هو. هن سماج کي بهتر بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. پاڻ وڪالت ڪرڻ جي باوجود ماستري ڪئي. سندس فرزند جو چوڻ آهي ته هو جواهر لعل نهرو جي نعري ”آرام حرام آهي“ مان اتساهه ڀائيندي وس آهر قومي ڪم پنهنجي مٿي تي کڻي سنڌين کي مرڪز ڪري پنهنجي سڄي ڄمار ان ڪم ۾ لڳائي ڇڏي. سندس فرزند انوب ٻاٻاڻي جو چوڻ آهي ته بابا جي خواهش رهي ۽ ان ڪارڻ جدوجهد رهي ته اسان جو سماج بهتر بڻجي جنهن ۾ سڀ انسان هڪ مهذب جيون ماڻين. آڌي مانجهي تتي ٿڌي هن سنڌي ٻولي ساهتيه ۽ سڀيتا جي صدي ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ جا دورا ڪيا آهن. ماڻهن ۾ سنڌيت لاءِ پيار جاڳايو آهي کيس ادبي خدمتن جي عيوض لاتعداد ايوارڊ مليا، جن ۾ ٻين ايوارڊن کانسواءِ ڪتاب لينن دنيا جي عظيم شخصيت تي سوويت لئڊ ۾ نهرو امن ايوارڊ 1980ع ۾ ماسڪو ۾ مليو. اوک ڊوک ”تنقيدي ڪتاب“ تي تعليم کاتي پاران 1982ع ۾ دهلي ۾ مليو. پيهي منجهه پاتال مضمونن جي ڪتاب تي آرميڪ چٽاڀيٽي جو پهريون انعام اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران اعليٰ خدمتن جي مڃتا طور ايوارڊ 1986ع ۾ ممبئي ۾ مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊمي پاران 1989ع ۾ ادبي ايوارڊ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 92ع ۾ جي ايم سيد ايوارڊ به شامل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو