گوگل جون سموريون ٽپس هن وڊيو ۾۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل جي سرچ ٽيم تازو هڪ وڊيو تيار ڪري يوٽيوب تي اپلوڊ ڪئي آهي جنهن تحت گوگل تي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ٽڪس ڏيکاريون ويون آهن۔۔
    پر جيڪڏهن توهان اڳ ئي گوگل جا سياڻا يوزر آهيو ته هن وڊيو ۾ توهان کي ڪجهه نئون نه ملندو۔۔ پر ان هوندي به ڪافي ٽپس هڪ نئين انداز سان ڀليون ضرور لڳنديون۔۔۔
    هن وڊيو مان مون به هڪ ڳالهه سکي ته جيڪڏهن گوگل اميج سرچ کولي ڊيسڪٽاپ تان ڪا تصوير ڊريگ ڪري گوگل ۾ اڇلائبي ته گوگل تڪڙو ئي ان تصوير بابت مڪمل معلومات سان گڏ ان تصوير ج مختلف سائيز ۾ موجودگي پڻ ٻڌائيندي۔۔ ۽ اهو عمل برائوز ڪري تصوير کي اپلوڊ ڪرڻ کان تڪڙو آهي۔۔
    حاضر آهي هي ڪارائتي وڊيو ۔۔ توهان به ڏسو ۽ ٻڌايو ته ڇا توهان به مون وانگر ڪا نئين ڳالهه سکي۔۔۔

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل جون سموريون ٽپس هن وڊيو ۾۔۔

    ها سائين ڪجهه نيون شيون مليون پر هن هڪ منٽ ۽ 48 سيڪنڊن جي وڊيو ۾ ايڏو تيزي سان سڀ ڪجهه سمجهڻ اسان جهڙن نپٽ اڻڄاڻن جي وس کان چڙهيل آهي۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل جون سموريون ٽپس هن وڊيو ۾۔۔

    بلڪل سائين اها ئي ٽپ مون به هاڻ ئي سکي آهي تصوير ڊريگ ڪري معلومات حاصل ڪرڻ واري، مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو