محبت جو معراج آهن الا، اکين جون اکين سان ملايل اکيون۔۔۔۔۔!

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو سيد علي شاهه (جيئي لطيف) جي حوالي سان ڏنل سائين اڪبر شاهه جي هيٺين غزل

    ازل کان هي آهن،اڃايل اکيون،
    سڄڻ يار ڪيڏو،ستايل اکيون۔

    هزارين صدائون،لکين التجائون،
    ... پنن پيار پلپل،بکايل اکيون۔
    ...
    کٿا لڙڪ سارا،کِجي رت ويڙو،
    ڏکن جون هي ڏاريل،ڏکايل اکيون۔

    ڳليون واٽ واهڻ،ٿرن ۽ برن ۾،
    پيون ڪجهه ته ڳولهين وڃايل اکيون۔

    اچڻ لاءِ اوهان جي سدا سِرَ جا سائين،
    هونديون واٽ ۾هي وڇايل اکيون۔

    الا!سونهن انهيءَپل ڪنديون عيد اڪبر،
    ملي توسان مٺڙا،سڪايل اکيون۔

    (سائين سيد اڪبر جي ڪتاب ڪرڪي ڪائي ڪونج تان ورتل

    اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جي دوست اعظم ڀٽي جي وائي

    اڃايل اکيون ۽ ڏُکايل اکيون
    پرين ڇو ته آهن ؟
    اندر آرسيون هِي بڻايل اکيون
    پرين ڇو ته آهن ؟
    شرابِي اکيون ۽ خُماريل اکيون
    پرين ڇو ته آهن ؟
    خوابن ۾ ڪنهنجي وڃايل اکيون
    پرين ڇو ته آهن ؟

    سڄڻ بي وڙي لئه ته وڇايل اکيون
    پرين ڇو ته آهن ؟
    ڪڪر جيان ته ”اعظم“ وسايل اکيون
    پرين ڇو ته آهن؟ ​

    [JUSTIFY]جي ديکا ديکي ۾ مون به اکين تي پنهنجي شاعري کي هن چترڪاري ذريعي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو آهي توهان کي ڪيئن لڳي منهنجي هي غريباڻي شاعري توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس[/JUSTIFY]

    غزل

    نثاراحمدناز

    پرينءَ جي پسڻ لئه سڪايل اکيون
    ... سدا آس ونديون اُڃايل اکيون

    هُوايندو، پليا ٿم نڪي آسرا،
    اسان جون ته دَرَ ۾ کُپايل اکيون

    هوائُن ڏني پڪ، سڄڻ ٿو اچي،
    پتين جيان گُلابِي وِڇايل اکيون

    بنا مئه ڪَشِيءَ جي صفا مست ٿِي،
    نشي نينهن جي ۾ خُماريل اکيون

    مُحبت جو معراج آهن الا،
    اکين جون اکين سان ملايل اکيون

    چمي ”ناز“تنهنجون هي اکڙيون چُمان
    اُڃايل ، وڇايل ۽ ٺاهيل اکيون ۔۔۔۔!​


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محبت جو معراج آهن الا، اکين جون اکين سان ملايل اکيون۔۔۔۔۔!

    پرينءَ جي پسڻ لئه سڪايل اکيون
    سدا آس ونديون اُڃايل اکيون


    سائين نثار ناز سلام

    اکين ۽ اشارن جون ڳالهيون ۔۔۔۔ وري ان ئي موضوع تي اهڙي سهڻي ڪليڪشن ۽ آخر ۾ اوهان جو لاجواب غزل ، اهو به سهڻي چترڪاري سان گڏ ۔۔۔ سڀ لاجواب ۽ وڻندڙ۔ لڳي ٿو ڏات جي ديوي وري اوهان تي مهربان آهي ۽ ان جي ئي طفيلي اوهان سهڻيون تخليقون اسان سان ونڊ ڪيون آهن۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    بهترين سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو