سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا​

    محمد سليمان وساڻ​


    [JUSTIFY]دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.

    ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.

    سنڌي ٻوليء ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا چپجندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.

    اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.

    اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جو هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا.

    سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت تازيون خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.

    سنڌ سلامت پنهنجي ٽن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي.

    سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي. سنڌ سلامت تي لڳ ڀڳ 2359 رجسٽرڊ رڪن آهن ۽ هر روز هزارين ماڻهو سنڌ سلامت جي مختلف شعبن مان فائدو حاصل ڪن ٿا. هن ويب سائيٽ تي مختلف موضوعن تي 15938 ليک ۽ 98168 رايا موجود آهن جيڪا ڳالهه خود ان ڳالهه جي گواهي آهي ته هي دنيا جو ڪيڏو وڏو ۽ ڪارائتو فورم آهي.

    سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .


    [/JUSTIFY]
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    اسين اوھان سان ھر محاذ ۾ گڏ آھيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    هي ساڳيو مضمون اڄوڪي عبرت ايڊيشن ۾ محترم محمد صالح بلوچ جي مهربانين سان ڇپيو آهي۔

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    ساري دنيا ۾ وسندڙ ڪروڙين سنڌي سٻاجهڙن کي دنيا جي پهرين سنڌي فورم سنڌ سلامت جي ٽين سالگرھ جون لک لک واڌايون.
    جيئي منهنجي سنڌ، مان ته گهوريان پنهنجي جند پنهنجي اباڻي وطن تان..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سائين مان رڳو ايترو چوند س ته انٽرنيٽ تي سرچ انجڻون سنڌي اکرن جي ڳولا جا 90 فيصد نتيجا سنڌسلامت جا ملندا۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان وساڻ سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو آهي، هاڻ پاڻ ڇا چئون ۔۔؟؟؟ سنڌ سلامت تي موجود سنڌ دوست مواد جي تعريف ڪجي يا سنڌ سلامت جي دوستن جي محنتن جي تعريف ڪجي، يا وري سنڌ سلامت تي ڀيرو ڪندڙ دوستن جي تعريف ڪجي ؟؟؟ حقيقت پڇو ته اوطاق جي اهميت هوندي آهي ان تي روزانه ڀيرو ڪندڙ دوستن سان، انڪري آ هن اوطاق تي ايندڙ سڀني رڪنن کي واڌايون ڏيندس ته سندن ڪارائتن موضوعن ۽ همٿ افزائي ڪندڙ راين سان سنڌ سلامت اڳ کان اڳري آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه ظاهر ۽ باطن پڻ واڌيون لهڻيون ۔۔۔ ٻنهي هٿن جو سلام

    اميد ته سنڌي ٻولي جي واڌ واري جذبي سان اڃان ڪافي ڪم رهيل آهي ۽ سنڌ سلامت ان ڪم کي جاري ۽ ساري رکندي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    ٻولين جي تاريخ تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان معلوم پوندو ته ”فطرتي اصولن موجب هنن اندر زندگيءَ جي هر خاصيت سان گڏ موت جو پاڇو پڻ موجود رهي ٿو، هڪڙيون ٻوليون خد ٻين ٻولين مان ڦٽن ٿيون، ۽ وڌن ويجهن ٿيون، پنهنجو پاڻ اندر حالتن تحت مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي جوڀن ۽ وڏي تعداد ۾ علمي طاقت ماڻين ٿيون، ٻين ٻولين کي ذخيرو ڏيڻ ۽ وٺڻ ٿيون، ڪڏهن ته ڄاول ٻوليون ٻين ٻولين کي جنم به ڏين ٿيون، پوء انهن ٻولين ۾ ڪي نيون ٻوليون آهن ته ڪي پراڻيون، ڪي ته وري انهن ۾ به قديم ٻوليون آهن ۽ انهن قديم ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ قديم ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا پنج ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا، ان ۾ لکڻ وارن جي تعداد وڃي ٿيندو چار ڪروڙ ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، سنڌي ٻولي نه صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ پر دنيا ٍي ٻين ملڪن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي جنهن ۾ هندستان امريڪا ۽ برطانه به شامل آهن، سنڌي ٻولي کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي، هن ٻولي کي پنهنجورسم خط موجود آهي، ۽ هاڻ اسان لاء اهيو ضروري ٿئي پيو آهي ته سنڌي ٻولي کي ايڪيهين صدي جي سڀني کان اهم پليٽفارم يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ترقي وٺرايون جنهن لاء اسان سڀني کي ڪم ڪرڻو آهي، هون ته سنڌي ٻولي تي انٽر نيٽ تي تمام سٺو ڪم ٿئي رهيو آهي، جنهن لاء مون کي تمام گهڻي خوشي آهي، ۽ انٽرنيٽ تي تمام گهڻيون سنڌي سائيٽون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن( پوء انهن ۾ ڪي ننڍيون سائيٽون آهن ته ڪن وري پنهنجا بلاڪ ٺاهيه آهن ) جيڪي تقريبن چار سال پهرين نه هيون، مگر انهن تمام سائيٽن مان مون کي هي سائيٽ سنڌ سلامت تمام گهڻو پسند آهي، اهو ان لاء ته هي واحد سائيٽ آهي جنهن ۾ هر موضون تي ڪم پيو ٿئي،۔۔۔۔۔۔۔۔مذهب کان وٺي سنڌي ادب، تاريخ ٻولي، ۽ ڪمپيوٽر جي جديد معلومات تائين۔
    ان کان پوء هر روز هت ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي جديد معلومات پڻ اسان جي پنهنجي ٻولي ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن جو سهرو يا مڃتا (ڪريڊٽ ) اسان جي دوست محترم رشيد سمون صاحب جن ڏانهن وڃي ٿو۔۔۔ رشيد صاحب هڪ اڻ ٿڪ محنت ڪندڙ سان گڏ هڪ جاکوڙي ۽ کوجي پڻ آهن ، ۽ کوج ڪندي هر روز اسان لاء جديد معلومات جو هڪ نئون خزانو اسان اڳيان پيش ڪن ٿا، رشيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ باوقار پر عتماد، سمجهدار، صبر ۽ برداشت ڪرڻ وارا گهري سوچ رکندڙ شخص آهن، مون کين ڪنهن به موضون تي ڳالهائيندي ڪڏهن به هچڪائيندي ناهي ڏٺو، پاڻ جڏهن به سنگت سان ملندا آهن ته محبت ۽ پاٻوهه سان ملندا آهن، مون پاڻ اهيو ڏٺو آهي ته پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ٻولي جي هن سنڌ سلامت جي فورم رستي خدمت ڪندا رهن ٿا، مان پنهنجن ڪجهه مجبورين جي ڪري ڪافي عرصو سنڌ سلامت جي فورم تي اچي نه سگهس جنهن جي ڪري سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن سنڌ سلامت تي پنهنجون( مون لاء) محبتون ڏيکاريون جنهن جو ذڪر هيٺ ڏنل عنوان سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محترم ممتاز وگهيو کي جنم ڏينهن جون واڌايون ۾ آهي ، مگر توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجي سنڌ سلامت جي فورم تي نه اچڻ جي ڪري پاڻ منهنجي غريب خاني تي پير ڀري آيا جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، جنهن لاء سندس ٿورا۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت کي سنوارڻ ۾ اسان جي ٻين سنڌ سلامت جي دوستن جو به ساٿ رهيو آهي، جن سنڌ سلامت جي مختلف عنوانن تي ڪم ڪري سنڌ سلامت کي معلومات جو هڪ وڏو ( ننڍي پيماني تي انسائيڪلوپيڊيا )خزانو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ادب شاعري صلاح مشورو، کل ڀوڳ، مذهب، سائنس، ڪمپيوٽر تاريخ فلسفو، شاهه جي فڪر تي ڪم، سنڌي ڪتابن جو خزانو پڇڻا نه مجهڻا جهڙو صدقيه جاريه وارو ڪم، حالات حاضره جي معلومات شامل آهي۔۔۔۔نهن دوستن يا سنڌ سلامت جي ساٿين ۾ هي نالا سرفهرست آهن محترم سائين نثار ابڙو صاحب، محترم سائين نثار ناز صاحب، سائين محترم سليمان وساڻ صاحب ، محترم عاشق سولنگي صاحب، محترم طاهر سنڌي صاحب، محترم اسدالله ميرجت (مست صاحب ) ، محترم دل گهريو دوست ڏاڏل شينو صاحب، محترم ڦلپوٽو فقير صاحب، سائين محترم رحيم بخش صاحب،عرس پريو صاحب، عمران درويش صاحب شامل آهن،
    ادا رشيد صاحب توهان سنڌ سلامت تي آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر جو اضافو ڪري اسان جهڙن نون سيکڙاٽ ماڻهن لاء هڪ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي، ادا منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي اڃان به جديد معلومات سان پرُ ڪري جو توهان ان معلومات کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌين تائين پهچايو ٿا اها به بغير ڪنهن معاوضي جي جنهن لاء مان ته اهيو چوندس ته ادا توهان جو هي ڪم به صدقيه جاري آهي، دعا آهي ته رب پاڪ توهان جو هي صدقيه جاري قبول فرمائي ۽ توهان کي ان جو بهترين اجورو عطا ڪري دنيا و آخرت ۾ آمين۔۔ آخر ۾ مان توهان تمام سنڌ سلامت جي ساٿين جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي غير موجودگي ۾ به مون محبتن ۾ ياد رکيو، سنڌ سلامت جا ساٿيو مان وري ٻيهر ڪوشش ڪندس ته سنڌ سلامت کي وقت ڏئي سگهان، ادا توهان ڏٺو هوندو ته نار ۾ هيٺان کان مٿي پاڻي ڪڍڻ لاء ان ۾ ڪجهه لوٽا يا دٻا لڳل هوندا آهن، ۽ انهن ۾ هڪ ڪو اهڙو به دٻو هوندو آهيجنهن جو ترو ڀڳل هوندو آهي ۽ اهو دٻو نه پاڻي هيٺان کان کڻي سگهندو آهي نه وري مٿي آڻي ڪري ڏيندو آهي مگر پوء به انهن سان گڏ پيو ڦيرا کائيندو آهي، جنهن منظر کي سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پڻ ڳايو آهي مڪمل شعر ياد نه آهي مگر ڪجهه هيٺ مٿي سٽون آهن جيڪي هت پيش ڪيان ٿو،۔۔۔۔ تري ڀڳل ڪنگري ٺلها ڦيرا پائي، نه نئين نه آڻين تڏهن به سلهاڙيو وتي سڄڻين۔۔ سو ادا مان به آهيان تري ڀڳل ڪنگري( دٻو، ننڍِي لوٽِي ) مگر منهنجي به اهيا خواهش آهي ته مان به سلهاڙيو وتان سڄڻين ۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي ساٿين سان، سنڌي ٻولي لکڻ وارن سان سنڌي ڳالهائڻ وارن سان ۽ سنڌ سان محبت پيارُ، ڀاءُ ، پريت، حُبُ، پريم، دِل ، سَنِيههُ، قربُ، شؤق ، لنئون،نينهن، عشق ، پريتڻو، اُلفت، چاههُ، چاهَتَ، موهه، لگن، رغبت. سنگت، دوستي، ياري، ياراني، مِترتا، اخلاص، همدردي. سڄڻپائي، آسا ٻنڌ، آشنائِي. ڪرڻ وارن سان جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ويٺل آهن جن اسان کي ڪڏهن روبرو ڏٺو به نه آهي۔۔۔۔




     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين کي گڏ ڪرڻ ۾ واحد فورم آهي جيڪو اهو اڄ 3 سالن جو اچي ٿيو آهي ۽ اڄ کانپو سنڌ سلامت سنڌي ٻولي کي اوچو ڪندو ۽ اسان سنڌين جو سر فخر سان اونچو ڪندو ۽ تمام گهڻي شهرت ماڻيندو۔

    سالگرهه مبارڪ سنڌ سلامت فورم جي جٿ کي دلي مبارڪون
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سائين محمد سليمان توهان جي محنت ، لگن ، سچائي ۽ خلوص کي سلام مذڪوره بيان پڙهي بيحد خوشي ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سائين وساڻ صاحب توهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه مبارڪ هجي. ان سلسلي ۾ توهان جو تحقيقاتي، معلوماتي ۽ مياري مضمون پڙهي ان ڳالهه جي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان وٽ اعليٰ قسم جو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان دنيا کان ته اڳڀرا نٿا ٿي سگهون پر توهان جهڙن محنتي ۽ جفا ڪش نوجوانن ڪري اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي سگهه ضرور رکون ٿا، توهان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ جيڪا سنڌي ماڻهن کي معلومات فراهم ڪيو پيا ان سان يقينن سنڌ جو موجود ۽ ايندڙ نسل توهان جو قرضدار رهندو. الله پاڪ توهان کي اڳتي اهڙي قسم جو عمل جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين. سدا سلامت، سنڌ سلامت ۽ ساٿ سلامت.
    دعائن ۾ ياد.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سائين سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم
    ماشاء الله اوهان جو ليک معلومات سان پُر ۽ سنڌي ٻولي جي تاريخي ترقي تي جيڪا روشني وڌي آهي سا به يقينن معلوماتي ۽ ڪارائتي لڳي ،
    اسان جي دعا آهي ته الله تعالى اوهان جي قلم کي مزيد ترقي عطا فرماء ۽ اهو ئي لگن ۽ جستجو جيڪا سنڌي ٻولي لاءِ اوهان ڪريو پيا تنهن ۾ اڃان اضافو عطا فرماء . آمين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)


    چوندا آهين ته جي ارادا مضبوط هجن ۽ جذبن ۾ سچائي هجي ته انسان سڀ ڪجه ڪري سگهي ٿو ۽ان جي مثال ادي عبد الرشيد سمون جي سنڌي ٻولي سان سچائي وارو جذبو ۽ پختي ارادي جو هجڻ وارو ثبوت ڪافي آهي جن ايتري محنت ڪري اسان کي ۽ سنڌي ٻولي کي اڄ اهڙو مقام ۽ مرتبو ڏنو جو اسان فخر سان انٽر نيٽ جي دنيا تي اهو چئي سگهون ٿا ته اسان به انٽر نيٽ تي پهنجي سڃاڻ رکون ٿا ۽ اسان سنڌي آهيون سچ پڇو ته مون کي
    اندازو ئي نه هو ته سنڌ سلامت ايترو تڪڙو منزلون طئي ڪندي ۽ مشهوري ماڻيندي. يقينن اهو سڀ ڪجهه توهان دوستن جي محنت ڪري ئي ممڪن ٿيو. جيڪو ڪجهه سنڌ سلامت ڪري ڏيکاريو ان جي اميد مون کي ته بلڪل نه هئي جو منهنجا به ساڳيا جذبا هئا پر وقت نه ڏيڻ ڪري منهنجا ٽئي فورم بند ٿي ويا.
    سنڌ سلامت جو اهو وطيرو رهيو آهي جو هو نه صرف سنڌيت کي پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي رهي آهي پر سمورن سنڌين کي ترغيب به ڏئي ٿي ته توهان اهڙا قدم کڻو ۽ انهن کي پوري سپورٽ پڻ ڏئي ٿي ان جو وڏو ثبوت اهو آهي جو سنڌ سلامت هاڻي وي بليٽن جو سنڌي ترجمو پڻ رليز ڪري ڇڏيو آهي
    جيئن ته ادا رشيد سمون صلاحون پڻ گهريون آهن ته ان سلسلي ۾ مان ادا رشيد سميت سمورن سنڌ سلامت ٽيم کي مشورو ڏيندس ته سنڌي بلاگنگ طرف ٿورو ڌيان ڏين
    هڪ ته سنڌي بلاگ گهٽ آهن پر جي وري آهن ته انهن جو لي آئوٽ انگريزي ۾ آهي جنهن کي ترجمي ڪرڻ کان سواءِ ان جي ڪمينٽس ايريا ۾ سنڌي پيڊ لڳائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ سنڌي اهڙن بلاگن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سنڌي ۾ ٺهيل بلاگن تي سنڌي ۾ ڪمينٽس موڪلي سگهن.
    بلڪه مان ته ايئن چوندس ته سنڌ سلامت طرفان بلاگنگ سسٽم جي پڻ شروعات ڪئي وڃي. اميد ته ان طرف به ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن سمورن سنڌين کي اسڪرپت جي سمجهه اچڻ لڳي ۽ هو آهستي آهستي پنهنجا پنهنجا قيمتي بلاگ ٺاهي سنڌي زبان کي انٽرنيٽ تي عام ڪن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سڄي دنيا ۾ وسندڙ سنڌي سٻاجهڙن کي دنيا جي پهرين سنڌي فورم سنڌ سلامت جي ٽين سالگرھ جون لک لک واڌايون.سنڌ سلامت جي ٽيم جي جيتري به تعريف ڪجي گھٽ آ الله سائين توھان کي ھن نيڪ ڪم جو اجرُ ضرور ڏيندو آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سڀني دوستن جا ٿورا جن منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي ساراهيو ۽ سنڌ سلامت لاء نيڪ خواهشن جا پيغام موڪليا آهن۔ دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته مونکي ذاتي طور به ڪيترن ئي دوستن ڪال ڪري، ميسيج موڪلي سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه جون واڌايون موڪليون آهن۔

    اميد ته سنڌين جي هي اوطاق جلد هڪ نئين ڏيک ۽ نئين انداز سان اوهان اڳيان هوندي۔ علي علي سنڌ سلامت جي بنياد وجهندڙن مان هڪ دوست آهي جن سنڌ سلامت جي شروعات ڪئي۔ سندس ڪارائتي صلاح تي به عمل ٿي رهيو آهي ۽ جلد سنڌي بلاگ ۽ انهن جو مفت سنڌي ترجمو پڻ دوستن کي پيش ڪبو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    ادا سائين سليمان توهان سنڌ سلامت لاء جيترو ڪيو آهي ان جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي
    بحر حال تمام سٺو ڪم آهي
    بهترين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم،سنڌ سلامت جي باري ۾ لکيل اوهان جي معلومات سان ڀريل ليک کي پڙهي بي انتهاء خوشي ٿي۔شاباس آهي اوهان کي جو هن محبتي اڳڻ جي فروغ ،ترقي ۽ سنڌي سٻاجهڙن ماڻهن کي ان جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاء تمام وڏي جاکوڙ سان نه رڳو هن فورم جي ڪينئوس تي پر سنڌي زبان جي اخبارن ۾ پنهنجو آرٽيڪل ڇپرايو آهي۔ادا توهان گهڻن سيڪشنن جي باري ۾ پنهنجي ليک ۾ ڄاڻ ڏني آهي پر قانوني مونجهارو ۽ ان جي حل جي باري م ٻڌائڻ توهانجي نظر کان رهجي ويو آهي۔ساڳي طرح محترم ممتاز وگهيو به ان سيڪشن کي پنهنجي ڪمينٽس ۾ ڪا اهميت نه ڏني آهي۔بهرحال اوهان جو ليک تمام گهڻي معلومات سنڌ سلامت جي باري تي مشتمل آهي۔سنڌ سلامت جي سڄي ساٿ کي  اسان دل جي گهرائين سان ٽين سالگراه جي مبارڪ پيش ٿا ڪيون۔الله پاڪ شل هن محبتي اڳڻ کي پنهنجي پناه ۾ رکي ،هر طوفان،اختلاف ۽ سازشون کان پنهنجي امن ۾ رکي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    سائين لک ٿورا ۔۔۔۔

    اوهان بلڪل صحيح گائيڊ ڪيو۔ مونکان قانوني صلاح وارو اهم سيڪشن واقعي رهجي ويو آهي، ان لاء معذرت۔ ايندڙ ڪالم ۾ ضرور ان بابت به ونڊ ڪبو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سنڌي ٻولي ۾ بهترين ڪم ”سنڌ سلامت“ تان ٿي رهيو آهي۔ مبارڪون
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ ڄاڻ وارو مضمون پر اسانجي سکڻ کان ڪم چڙهيل آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو