بانو محبوب جوکيو

'سنڌياڻي' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2012۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي

    سنڌي اديبا ۽ شاعرا
    بانو محبوب جوکيو۔۔
    [​IMG]
    شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو ، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي . سندس اصل نالو غلام بتول آهي . هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان ڪئي . 1994ع ۾ ايم . اي سنڌي ۽ M . Sc اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشهور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي نياڻي، نامياري آرٽسٽ اياز جوکيي، صحافي اخلاق جوکيي ۽ اديب تعليمي ماهر الطاف جوکيي جي ڀيڻ آهي . ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعره ۽ افسانه نگار طور متعارف ڪرايائين . سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’ سرتيون ‘ رسالي کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي . گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ليڪچرار آهي . سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ به کڻي چڪي آهي .​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بانو محبوب جوکيو

    [JUSTIFY]ادي نور سنڌي جي سنڌ جي سرتين ۽ سنڌ جي عورت شخصيتن بابت شيئرنگ ڪرڻ تي گهڻي خوشي ٿي۔

    محترمه بانو محبوب جوکيو بابت تمام سٺي ڄاڻ۔ سندس ڪهاڻيون مختف رسالن ۾ پڙهيون آهن جن ۾ گهڻو ڪري عورت جي ڪردارن تي بهترين انداز ۾ مڪالما لکيل آهن۔ سندس ڪجهه ڪهاڻين جا لنڪ هيٺ ڏجن ٿا۔[/JUSTIFY]


    ساهه سڳي ۾ سور

    گدلي دنيا گدلا ماڻهو

    سلطاني سهاڳ

    جن جي گودڙين ۾ گُل

    ڪانڌين ڪنڌ ڳري ويا



    سندس ڪجهه ٽه سٽا پيش آهن


    نينگر هليو ٻني تي
    ٻڌندو پيو وڃي
    ريڊيو رکي ڪن تي،



    اڀ ڦاڙ گونجار
    کوڙا پيا گڏجي پڙهن
    ننڍڙا اسڪولي ٻار۔



    پٽيءَ وارا ٻار
    استاد پيو آرام ڪري
    مانيٽر تي بار.



    رولو اڏريل ٻار
    ذريءَ ذريءَ ڳالهه تي
    ڪڍي ڪچي گار.



    ٺاهيائين پئي رِلڪو،
    ڳورهاري عورت کي،
    هاڻي کان ئي الڪو



    ڊگها، گهاٽا وار،
    بڻجي ٿا وڃن جي
    گرميءَ منجهه آزار



    ڪنوار جي نَٿَ
    لُٽين پيا رستي تي،
    ڌاڙيلن جا هَٿَ



    مٿي ۾ تيلَ جي مَلَ،
    سڻڀي ٿي وئي رات
    وهاڻي جي کَلَ



    گوڙ ۽ گهمسان،
    ٺڪ…ٺڪ…جو آواز،
    لوهر جو دڪان.
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بانو محبوب جوکيو

    الله تعالا اسانجي ادرين، ڀينرن ۽ مائرن جو نگهبان هجي ۽ عزت سلامت رکي، هميشه سنڌ ۽ سنڌيت، علم ۽ عقل سان جڙيل هجن ،،،، ادي سليمان جيڪي ٽي سٽا ونڊ ڪيا آهن اهي به لاجواب آهن، خاص ڪري هيٺ وارو ته اصل منهنجي ڳالهه ڪئي اٿس يا وري ممڪن ليکڪه سان به آزار ٿيو هجي

    گوڙ ۽ گهمسان،
    ٺڪ…ٺڪ…جو آواز،
    لوهر جو دڪان.

    ٿيو ڇا ته مون ڪراچيءَ جي معمار ڪمپليڪس ۾ هڪ اپارٽمنٽ ورتو، بدنصيبيءَ سان سامهون ٿورو پر ڀرو هڪ لوهار جو دڪان هو، اسانجي سمهڻ جو وقت ۽ هن جو لوهه ڪٽڻ جو وقت ،،،، بس پاڻ سمجهي ويا هوندا ،،،، آزار ئي آزار

    سٺو ۽ سهڻو ونڊ
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: بانو محبوب جوکيو

    اللھ پاڪ کين وڏي ڄمار ڏي۔
    شاعر  اديب اسان جو سرمايو آھن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو