سنڌ سان مالياتي دهشتگردي جو سلسلو جاري

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سان مالياتي دهشتگردي جو سلسلو جاري
    محسن ٻٻر

    [JUSTIFY]پيپلزپارٽي جي دور ۾ مرڪز پاران سنڌ سان مالياتي دهشتگردي جو هي پهريون واقعو نه آهي، جڏهن سنڌ ۾ ترقي ۽ سنڌ جو فائدو مرڪز جي مرڪز پرست ڪامورڪي ذهنيت کي کُڪندي هجي. معاملو رقمون فراهم ڪرڻ جو هجي يا ترقياتي اسڪيمن جو، مرڪز ۾ سنڌي آفيسر رکڻ جو هجي يا ڪنهن شعبي ۾ سنڌ کي نمائندگي ڏيڻ جو، مرڪز يا سندن پاران مقرر ڪيل ڪامورا سنڌ سان زيادتي ڪرڻ جو اهڙو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا آهن.

    مٿان وري پيپلزپارٽي اهڙيون ”مهربانيون“ ڪندڙن ڪامورن جون مقرريون به اهڙن فيصلي ساز عهدن تي ڪندي آهي، جتي سندن خواهشن جو پورائو سولو بنجي وڃي. ملڪ ۾ ترقياتي اسڪيمن بابت فيصلي سازي جو فورم رٿابندي ڪميشن آهي، جنهن ۾ سنڌ سميت ملڪ ۾ ترقياتي اسيڪمن تي رقمون مختص ڪرڻ ۽ نيون اسڪيمون منظور ڪيون وينديون آهن. رٿابندي ڪميشن ۾ هڪ اهڙي ڪاموري کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن پاران سنڌ سان ديده دليري سان ڪيل ارهائي ساڳي ئي پيپلزپارٽي دور ۾ ثابت ٿيل هجي. جڏهن ٻه سال اڳ موجوده قومي مالياتي ڪميشن جوڙيو پئي ويو ته ناڻي واري وزارت ۾ مقرر ايڊيشنل سيڪريٽري آصف باجوده اڪيلو ڪامورو هو، جيڪو سنڌ جي مفادن آڏو رنڊڪ بنيل هو.

    سندس طاقت يا جرئت جو مظاهرو ان ڳالهه مان به سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪاموري اين ايف سي جي نوٽيفيڪيشن ۾ صدر آصف علي زرداري جي حڪمن باوجود دير ڪئي ۽ جڏهن جاري به ڪيو تڏهن به اهڙا نڪتا رهائي ويو جنهن سان سنڌ کي فائدو پئجي رهيو هو. سنڌ حڪومت اهڙو نوٽيفيڪيشن سخت جهيڙي بعد واپس ڪرايو. اڄ اهو ساڳيو ڪامورو ڦِري گهِري رٿابندي ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ايندي شرط پنهنجا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

    سندس اچڻ شرط ئي سنڌ کي 30 ارب روپين روپين جي ڪٽوتي کي منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ ايندڙ سال لاءِ اهڙيون 66 جاري يا نيون اسڪيمون آهن، جن تي مرڪز کي سفارش ڪئي ويئي آهي ته انهن تي رقمون نه رکيون وڃن. اهڙي سفارش 10 مئي 2012ع تي ٿيندڙ Annual Planning Coordination Committee (APCC) جي اجلاس دوران ڪئي ويئي. جنهن تي سنڌ جي نمائندن سخت احتجاج ڪيو آهي. ڳالهه ايتري حد تائين پهچي ويئي جو سنڌ جي نمائندن جي اجلاس مان واڪ آئوٽ جي به نوبت پهچي ويئي رٿابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين داڪٽر نديم الحسن جي خاطري بعد اهڙي احتجاج کي روڪيو ويو.

    اهڙي صورتحال تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري مرڪز کي هڪ خط لکي پنهنجو احتجاج پڻ ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيوآهي. سنڌ جرنل کي حڪومتي ذريعن وٽان پتو پيو آهي ته سنڌ مرڪز کي مسئلو حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ معاملي کي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ کڻڻ جو فيصلو پڻ ڪري ورتو آهي. سنڌ حڪومت جي اهڙي ردعمل تي ڊپٽي چيئرمين رٿابندي ڪميشن سنڌ حڪومت تي معاملي کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.

    سنڌ حڪومت جي اهڙي سخت احتجاج بعد مرڪزي حڪومت جو هڪ وفد ايندڙ هفتي ڪراچي پهچي رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي نمائندن کي مرڪز کان ترقياتي رٿائن لاءِ رقمون نه وٺڻ تي راضي ڪندو. اهو منٿ ميڙ وفد ڊپٽي چيئرمين رٿابندي ڪميشن ڊاڪٽر نديم الحسن جي سرابرهي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سنڌ جي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين اعلي عملدارن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو.

    اي پي سي سي مرڪزي حڪومت جو اهڙو فورم آهي جتي وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي ۽ 10 مئي تي ٿيندڙ گڏجاڻي ايندڙ مالي سال 2012.13ع لاءِ ترقياتي بجيٽ جي سفارش ڪرڻ هو. اهڙين سفارشن جي منظوري قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ڏيندو آهي، جيڪو مرڪزي بجيٽ جي پيش ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ گهرايو ويندو آهي.

    اي پي سي سي جي انهي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه جي سرابراهي ۾ هڪ وفد، ايڊيشنل سيڪريٽري ترقيات اسرار ملڪ ۽ رٿابندي کاتي جو مانيٽرنگ چيف عنايت الله قريشي ڪئي.

    ذريعن موجب سنڌ حڪومت مرڪز کان 66 اسڪيمن لاءِ رقمون گهريون هيون پر مرڪزي حڪومت فنڊن جي کوٽ ڄاڻائي انهن اسڪيمن تي رقمون ڏيڻ کان کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو. انهي کانسواءِ 40 اهڙين اسڪيمن تي به رقمون ڏيڻ کان انڪار ڪيو جيڪي گذريل ڪجهه سالن کان وفاقي حڪومت جي فنڊنگ سان هلندڙ هيون.

    جن جاري اسڪيمن کي مرڪز رقمون جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي انهن ۾ سنڌ ۾ آبپاشي نظام جي بحالي، رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين ٽو، لائينينگ انيڊ ڊسٽربيوشن آف مائنرز ، ارٿ ورڪ انيڊ اسٽون پچنگ چوٽياري ڊيم، سکر بئراج جي بحالي، حيدرآباد پئڪج تحت واٽر سپلاءِ فلٽريشن، سيوريج، روڊن جي بهتري، نوابشاهه ۾ اربن واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيم سميت ٻيون اسڪيمون شامل آهن.

    مرڪزي حڪومت سنڌ جي ڪجهه اهڙين اسڪيمن کي به پنهنجي سالياني پلان مان ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سنڌ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهن. مکي فراش ڪئنال، لياري واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج لائينون وڇائڻ، ٿر جي ڪوئلي مان 90 ڪروڙ روپين جي ڪاٿي سان جاري گئس پئدا ڪرڻ جون ٻه اسڪيمون شامل آهن. ملڪ ۾ ڪوئلي ذريعي ٻارڻ (توانائي) پئدا ڪرڻ ۾ مرڪز جي سنجيدگي جو اندازو ان ڳالهه مان سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن پاران ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ جي اسڪيمن تي يڪدم رقمون بند ڪيون ويون آهن.

    انهي کانسواءِ ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جو ٻه اسڪيمون ڪي 3 ۽ ڪي 4 پڻ شامل آهن، جن تي وفاقي حڪومت فنڊنگ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. تعليم جي شعبي ۾ شهيد بينظير آباد ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ لياري يونيورسٽي جون اسڪيمون به شامل آهن، مرڪزي حڪومت جن تي ايندڙ سال رقمون رکڻ کان نابري واري آهي.

    [/JUSTIFY]

    سنڌ جرنل جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو