سنڌ کي ڇا ٿيندو؟؟ (وسعت الله خان)

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سنڌ کي ڇا ٿيندو؟؟

    (وسعت الله خان)

    جيڪر مهاجر صوبي جو نعرو لڳائڻ وارا نه ته به انهن کان اهو نعرو لڳرائڻ وارا ضرور اهو ڄاڻندا هوندا ته سنڌ ۾ وڪرو ڪيل آفريقي غلامن جي هڪ پٽ هوشو شيدي هڪ سئو اوڻهتر سال پهرين مرندي مرندي اهو نعرو هنيو هو ته،

    “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”

    ۽ پوءِ سنڌ جي سماٽن، بلوچن، ڀيلن ۽ ڪولهين ڳورن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ان ڪاري کي پنهنجو هيرو ۽ سندس نعري کي جهنڊو ٺاهي ڇڏيو.

    آريائن کان انگريزن تائين فاتح تبديل ٿيندا رهيا پر سنڌ ۽ هند جي ويدڪ تعريف ڪير به بدلائي نه سگهيو، خيبر ۽ بولان، دري ۽ مڪران مان داخل ٿيڻ وارو هر ڦني خان بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب مان لنگهي ويو پر جيڪو سنڌ ۾ آيو ته اهو بس اچي ويو. هن ننڍڙي عجائب گهر ۾ تاريخ اهي سڀئي ذاتون ۽ نسلون جمع ڪري ڇڏيون جيڪي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا کان هندوستان تائين پکڙيون.

    جيڪي سنڌ فتح ڪرڻ آيا هئا انهن کي سنڌي ٻولي فتح ڪري وڌو، جيڪي پناهه وٺڻ آيا هئا انهن کي سنڌوءَ اجرڪن جي اوڍاڻي ڏني، سنڌ جي سرزمين ٻولي ۽ نسلي بنيادن تي ته هڪ طرف، انتظامي ورهاست به ڪڏهن قبول ناهي ڪئي. ممبئي ريذيڊينسي سنڌ کي فقط اٺاسي سال پنهنجي پيٽ ۾ رکي سگھي. وفاقِ پاڪستان کي تيرنهن سالن ۾ ئي ڪراچي سنڌ کي موٽائي ڏيڻو پئجي ويو ۽ ون يونٽ به صرف پندرنهن سالن ۾ ئي بدهضمي جو شڪار ٿي ويو.

    ٻين وفاقي يونٽن کي ٽوڙڻ آسان ۽ ممڪن اهڙي ريت آهي جو سرائيڪين کي ڏکڻ پنجاب جي ٽن ڊويزنن ۾ ، هزارهه وال کي خيبر پختون خواهه جي هڪ ڊويزن ۾ ۽ پختونن کي اتر بلوچستان ۾ واضع اڪثريت ، ثقافتي ۽ لساني اثر آهي پر سنڌ ۾ هر سنڌ ڳالهائيندڙ بلوچ توڙي سماٽ لساني ۽ ثقافتي بنيادن تي ورهاست جو مخالف آهي.

    اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جي هر علائقي ۾ غير اردو آبادين جي وچ ۾ رهن ٿا يا انهن جي وچ ۾ گهيريل آهن. ايستائين جو حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ ڪراچي جي ٻن وچين ۽ اترين ضلعي کي ڇڏي باقي جاين تي اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت جي دعويٰ حال في الحال هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو نشان صرف هڪ غير سياسي ۽ غير جانبدار مردم شماري سان ئي ختم ٿي سگهي ٿو
    .
    اردو اڪثريت جي نمائندهه جماعت ايم ڪيو ايم کي تڏهن به ووٽ ملندا هئا جڏهن مهاجر صوبي يا ڏکڻ سنڌ جو نعرو سامهون نه آيو هو ۽ اڃان به ووٽ ملندا جڏهن ظاهري طرح هڪ نامعلوم ٽولي پاران لڳايل نعرو سامهون آيو يا سامهون آندو ويو. پر اها خبر ڪيئن پوي ته اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت نئين صوبي جي حق ۾ آهي؟ شايد هڪ ئي اهڙو طريقو آهي ته اڳئين بلدياتي ۽ قومي اليڪشن ۾ مهاجر صوبه تحريڪ جا حامي سامهون اچي هر ان سيٽ تي بيهن جتي سنڌ جي تقسيم جي مخالف ايم ڪيو ايم جو اميدوار بيهي ٿو ته جيئين ڳالهه اڇري..... پر ڇا ئين ٿي سگهندو؟؟؟.

    جيتوڻيڪ قومپرست عوامي تحريڪ جو موجودهه نوجوان اڳواڻ قانون جي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي ۽ ڀلي ڀت خبر اٿس ته مهاجر صوبي جو نعرو سن ستر ۾ به لڳايو ويو هو پر اڄ ڪيترا ماڻهو اهو نعرو لڳائيندڙ مرزا جواد بيگ کي سڃاڻن ٿا؟ سنڌي قومپرست اهو به ڄاڻن ٿا ته اڄ سنڌ ۾ لساني ۽ نسلي باهه جيڪر ڀڙڪي ٿي ته ان مچ ۾ سنڌ اسيمبلي ستي ته ٿي سگهي ٿي پر سنڌ جي ورهانڱي جي آئيني منظوري نٿي ڏيئي سگهي.

    پر ان جو ڇا ٿيندو ته زميني حقيقتون سمجهڻ جي باوجود به هي خواب اکيون بند ڪري سگهي ٿو ته آخر آئون ڪڏهن هڪ مقبول ۽ وڏو سياستان سڏائيندس. ڪيستائين آئون رڳو پريس ريليز، ايس ايم ايس ۽ سيميناري سياست تي گذارو ڪندس.

    ۽ اهي جنيهن ٻاويهه مئي تي ڪراچي ۾ هٿين خالي جلوس تي فائرنگ ڪئي هئي، جيڪر انهن جو مقصد سياست جي نفرت بازار ۾ ڪنهن نئين ڪاروبار کي اچڻ کان روڪڻ هو ته هو بري طرح سان ناڪام ٿيا آهن ڇوته شارٽ ڪٽ سياست بازن لاءِ هر رنگ ۽ نسل و نظريي جو انساني خام مال سستو ۽ گهڻو آهي، هونهن به هي زمانو جذباتي تيلي سان موقع پرستي ڀڙڪائن وارن ۽ انهن جي گورکن جو زمانو آهي. اهڙي ماحول ۾ کدڙي حڪومت ۽ ميڊيا دعا جي جهولي پکيڙي صرف وهيل ( کدڙن کي ملندڙ خيرات) ئي گڏ ڪري سگهي ٿي.

    بي بي سي اردو جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    توهان جون سڀ ڳالهيون مڃڻ جهڙيون آهين پر هڪ ڳالهه مان ته ڇا پر هر اهو سنڌي جيڪو سنڌ جي وحدانيت تان سر گهورڻ کان به نه ڪيٻائيندا ته اهي سخت مخالفت ڪندا جيڪا توهين ڪئي آهي ته ،، شايد هڪ ئي اهڙو طريقو آهي ته اڳئين بلدياتي ۽ قومي اليڪشن ۾ مهاجر صوبه تحريڪ جا حامي سامهون اچي هر ان سيٽ تي بيهن جتي سنڌ جي تقسيم جي مخالف ايم ڪيو ايم جو اميدوار بيهي ٿو ته جيئين ڳالهه اڇري..... پر ڇا ائين ٿي سگهندو؟؟؟.
    منهنجا ڀا اسان اها ڳالهه به ڪڏهن برداشت نه ڪندا سين ته اهي ڪنهن به اليڪشن جو حصو ٿين  پر ها پاڪستان جي آئين موجبهر پاڪستاني اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق رکي ٿو، پر اسان اهڙو ڪو به طريقو انهن لا برداشت نه ڪندا سين جنهن طريقي تي عمل ڪرڻ سان سنڌ جي وحدانيت کي ڇيهو رسي، جيڪڏهن انهن کي سستي ۽ شارٽ ڪٽ سياست گهرجي ته اهي جيڪي ڪير به آهن سنڌ جو نعرو هڻن، پنهنجن ڳالهائيندڙن سان گڏو گڏ عام سنڌي قوم جي حقوق جي ڳالهه ڪرڻ لا نڪري اچن ته اسين جي ۾ جايون ڏينداسون، اهو طريقو انهن لا تجويز ڪري سگهجي ٿو باقي مهاجر صوبي جي حاصلات لا اهڙي ڪا به تجويز ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔ پو ڀل پنهنجي ٻولي وارن جي حمايت انهن سان گڏ هجي يا نه هجي۔۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا هي يونس جي پنهنجي راءِ ناهي پر بي بي سي جي مشهور تجذيه نگار جي ڪالم بات سي بات جو ترجمو آهي يونس کي کپندو هو ته هو لکي ڇڏي ها هيٺ اهو حوالو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وسعت الله خان بي بي سي اردو سروس جو مشهور رپورٽر آهي ۽ پاڪستان جي حوالي سان سندس تحريرون گهڻو پڙهيون وينديون آهن۔ ڪالهه مون، سائين نثار ابڙي ۽ ادا رشيد اهو پي سوچيو ته ان جو سنڌي ترجمو ڪجي پر وقت جي گهٽتائي ۽ ڪجهه پنهنجي سستي سبب نه ڪري سگهياسين۔ اوهان جي اهڙي ڪم جي ساراهه ڪجي ٿي۔

    وسعت الله خان اها ڳالهه دهرائي آهي ته صدين کان سنڌ ۾ ايندڙ ماڻهو چاهي قباضگير ڇو نه هجن ۽ سنڌ تي حڪمراني ڇو نه ڪئي هجين پر ڪڏهن به هنن نه ته سنڌ جو ورهاڱو ڪيو آهي نه وري اهڙي سازش، گهڻو ڪري جيڪي هتي رهيا اهي سنڌي ٿي ويا ۽ اهي حقيقتون آهن۔

    مان پڻ ساڳي خيال جو آهيان ته هاڻي سنڌ ۾ ڪو ايوب کهڙو پيدا ڪونه ٿيندو ۔۔۔۔۔۔ ۽ سنڌ جو ورهاڱو ڪونه ٿيندو، پر پوء به اسان کي متحد رهي حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي۔ اڪيلي اڪيلي وڙهي اسان پنهنجي طاقت وڃائي رهيا آهيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون ڀاء يونس واري ليک ۾ لاڳاپيل ترميم ڪري ڇڏي آهي۔ سندس مهربانيون جو هن اهم ڪالم کي سنڌي ترجمو ڪيو اٿن۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه کي وسعت الله خان ڪهڙو نه خوب انداز رکي ڪري لکي آهي۔۔ سچ ڪڏهن به رڪندو ناهي۔۔ اهو ڪاٿي نه ڪاٿي ضرور ڳالهايو ويندو آهي۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    وسعت الله خان جي هن ليک جي تمام گهڻي تعريف ٿي آهي ۽ سنڌي حلقن ۾ پسند ڪيو ويو آهي، هڪ ڌاريي جي حيثيت سان سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏنو اٿس ۔۔۔۔ پر اها ڳالهه اسان وارا پنهنجا همراه ۽ هي نوان سازشي سمجهن ڪون ٿا ۔۔۔ پر پوءِ به انهن جي ان سازش تازو 13 سنڌي ڪونڌر کاڌا آهن ۔۔۔۔ ڪجهه ڀينرون ۽ انهن ۾ هڪ دلير سنڌياڻي بتول به شهادت ماڻي امر ٿي وئي ۽ مهاجرن جي خوابن کي پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۔۔۔۔ في الحال
    سنڌي قوم کي هاڻ هڪ مٺ ٿي ان ۽ ان جهڙن ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي۔
    لک قرب ۔۔۔ سٺو ترجمو ٿيل آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو