سندري اتم چنداڻي

'سنڌياڻي' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2012۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    سندري اتم چنداڻي : سنڌ ديس مان جلاوطن ٿيل سورمي

    سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو . سندس پورو نالو سندري آسنداس اُتم چنداڻي آهي . هن 28 سيپٽمبر 1924ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو . هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا ، ڪهاڻيڪار ، ناول نگار ۽ ناٽڪ ڪار آهي ، پر شاعر پڻ آهي . هوءَ ريڊيو ، ٽي . وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ به رهي آهي . گذريل ساٺيڪو سالن کان ادب جي ميدان ۾ سرگرم آهي . نامور دانشور ۽ اديب اي . جي . اُتم جي گهر واري آهي . هن پرائمري تعليم شو قيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان 18 ورهين جي ڄمار ۾ ، 1942ع ۾ ڪيائين . ذهين هئڻ ڪري بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهي ، اُتان انٽر سائنس ڪيائين ، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري ، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين . ڪجهه مهينن بعد سندس مڱڻو اي . جي . اتم سان ٿيو ، جنهن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو ، پر انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو ،ان ڪري لاچار پڙهائي جاري رکڻ لاءِ ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين .ان ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان بي . اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو ، ورهاڱي بعد ڪيترن سالن پڄاڻا ايس اين . ڊي . ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم . اي ڪيائين . اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر قبوليائين ۽ ماسترياڻي بنجڻ جو شوق جاڳيس . تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين . هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي . جي . کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين .

    سندريءَ کي ننڍي هوندي کان ڪتابن سان گهري دلچسپي هئي ، ڀارت ۽ يورپ جي ڪن اديبن جو مٿس اثر پيو . ڪراچيءَ ۾ عورتن جي مخزن ” ساٿي “ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر رهي ۽ ان دوران هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ، ان مخزن ۾ ڇپايائين . هن کي اٿندي ئي ادبي ماحول مليو ، ترقي پسند ويچارن ڏانهن مائل ٿي ، سندس پهرين تحرير ” منهنجي ڌيءَ “ هئي ، جيڪا 47-1946ع ڌاري ” ساٿي “ مخزن ۾ شايع ٿيو .

    1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل ( سنڌي ادبي سنگت ) برپا ٿي ته -ان- جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين . هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين . اُتم جي رسالي ” نئين دنيا “ کان سواءِ هندو واسي ، مارئي ، سنگيتا ، هلچل ، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون ۽ آهستي آهستي مقبوليت حاصل ڪيائين . ڪاليداس ، ٽئگور ، شرت چندر ، پريمچند ، يشپال ، شيڪسپيئر ، هيوگو ، مئڪسم گورڪي ، ٽالسٽاءِ ، ٿامس هار ڊي ۽ اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو .

    سندس ڪهاڻيون ، ناول ، مضمون ، ناٽڪ ، جيوني ، سفرنامي جي صنفن لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي ، سندس ڪهاڻين جا هيٺيان مجموعا ڇپيل آهن .
    ( 1 ) ” اڇا وار ڳاڙها گل “ ( 1965ع )
    ( 2 ). ” تو جنين جي تات “ ( 1970ع )
    ( 3 ) . ” ڀوري “ ( 1979ع ) ، ( 4 )
    . ٻنڌن “ ( 1982ع ) ، ( 5 )
    ” وڇوڙو “ ( 1985ع )
    ( 6 ) ” يگانتر “ ( 1989ع )
    ( 7 ) کيڙيل ڌرتي “ ( 1992ع )
    ( 8 ) ” مرڪ تي منع “ ( 1992ع )
    ( 9 ) ” آتم وشواس “ ( 1999ع )
    ( 10 ) . ” نخريليون “ ( 2001ع ) .
    سندس ٻه اهم ناول ( 1 ) . ڪرندڙ ديوارون ( 1953ع ) ۽ ( 2 ) . پريت پراڻي ريت نرالي ( 1986ع ) ڇپيل آهن ، جن کيس وڏي مقبوليت ڏني . هن اصلوڪا ناول لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا . جهڙوڪ: ٽٽل ساز ( مئڪسم گورڪي: 1956ع ) ، پياسي ڌرتي ، پياسي دلڙيون ( ڪرشن چندر: 1956ع ) ، هڪ سسئي سؤ سور (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول جو ترجمو: ” ساگر جي سنتان “ .
    سندريءَ جي مضمونن جو ڳٽڪو ” ڀارت روس ٻه ٻانهن ٻيلي “ ( 1975ع ) ۾ ڇپيو . سندس ناٽڪن ” ’ املهه ماڻڪن جو واپار “ ۽ ” ساهيڙي “ وڏي مڃتا ماڻي . سندس ناٽڪن جو ڪتاب ” سنڌو “ 2000ع ۾ ڇپيو ، جنهن ۾ سندس ڏهه ناٽڪ آهن .
    سندريءَ شاعري به ڪئي آهي ۽ منظوم ترجما به ڪيا آهن . 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعري ” امن سڏي پيو “ ( 1965ع ) نالي سان شايع ٿي ، جنهن تي کيس 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو انعام ۽ ڏهه هزار رپيا مليا . سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ” هڳاءُ “ ( جولاءِ 1993ع ) ۽ ” ڏات بڻي لات “ ( مارچ: 2004ع ) ڇپيل آهن ، جن ۾ سندس آزاد ۽ پابند شاعري شامل آهي . هن جو مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ادب ” شولو خوف جي جهلڪ “ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو . ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون ، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين . ” ملايازيمليا “ ( 1978ع ) ، ” نئون جنم “ ( 1978ع ) ۽ ” ڪنواري ڌرتي “ ( 1979ع ) . هن ڪتاب تي کيس ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ ( 1979ع ) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دورو نصيب ٿيو ، ان دوري بعد هن ” نئين سڀيتا جو درشن “ ( 1980ع ) عنوان سان روس جو سفرنامو ڇپايو ، کيس ڪهاڻي چٽاڀيٽي ۾ 1952ع ۾ ” ممتا “ ڪهاڻي لاءِ ، 1954ع ۾ ” ڪوشان “ ڪهاڻي لاءِ ۽ مکيه ڪهاڻيڪارن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1960ع ۾ ” وڇوڙو “ ڪهاڻي تي 1981ع ۾ ” ڀوري “ ڪهاڻي ، ڪتاب تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام مليل آهن . ” وڇوڙو “ ڪتاب ساهت اڪادمي ( ڏهه هزار رپيا ) ان ، 1985ع ۾ ٻولي ۽ ساهت سڀا'>-اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا- مبمئيءَ پاران ( ڏهه هزار رپيا ) انعام ، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام ( 1985ع ) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي پاران ” گوڙو پراسڪار “ انعام ( هڪ لک رپيا روڪ ) مليو .



    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سندري اتم چنداڻي واقعي سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي۔ سندس ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهيا اٿم۔

    سندس ٻولي نج سنڌي ۽ عام آهي جيڪا سمجهڻ ۾ به سولي اهي۔ ياد رهي ته سندري ۽ اي جي اتم جي ڌيء آشا چاند به گهڻو سرگرم آهي، انکانسواء سندس ڏوهٽي مومل پڻ بهترين ڪمپيئر ۽ اداڪاره آهي۔

    سندس ناول مُرڪ تي منع ۽ ٻيون ڪهاڻيون هت ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهجي ٿو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سندري اتمچنداڻي کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو