صنعتي ترقي ۽ اقتصادي نشونما لاءِ کاڻين جي اهميت کي اجارڻ

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ اظهار جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2012۔

  1. اظهار جسڪاڻي

    اظهار جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مائيننگ انجنيئر
    ماڳ:
    ٽنڊوڄام
    صنعتي ترقي ۽ اقتصادي نشونما لاءِ کاڻين جي اهميت کي اجارڻ

    روزاني سنڌ افيئرز ڪراچي، اڱارو، 04 سيپٽيمبر 2012​
    کاڻ سازي يا کاڻين جو ڪم/علم (مائيننگ انجنيئرنگ) دنيا جي وڏن ۽ بنيادي علمن مان هڪ آفتابي شعبو آهي، جيڪو ملڪ جي صنعتي ترقي ۽ اقتصادي نشونما لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مائيننگ اهڙو علم، فن، سائنس يا انجنيئرنگ آهي، جنهن جي مدد سان زيرِ زمين، زمين تي يا دريا ۽ سمنڊ جي ڪناري تي موجود قيمتي قدرتي وسائل (معدنيات) کي حاصل ڪري، انهن کي خاص قسمن جي ھنري طريقن مان گذاري صاف ڪري استعمال ۾ آندا وڃن ٿا.
    الله تعالى پاڪستان کي ڪيترن ۽ نعمتن سان مالامال ڪيو آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ لوڻ کان وٺي يورينيم تائين تمام گهڻا معدنيات موجود آهن، پر انهن جو سرڪاري ڪاغذن ۾ ذڪر ئي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ مان کڄي، ڪٿي ٻئي هنڌ ڪتب آندا وڃن ٿا!؟ جيڪڏهن قانون موجب ملڪ جي معدنيات کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته اسان جي عوام جو مستقبل ضرور بهتر ٿي سگهي ٿو. پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪو، جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڏي وٺ نه ڪري، ته به سهڻي نموني هلي سگهي ٿو، پر افسوس اسان سڀ ڪجھ هوندي به ٻين جا محتاج آهيون!؟
    بين القوامي سروي موجب مائيننگ انتهائي خطرناڪ مشقن مان هڪ آهي، جتي هر وقت ڪا نه ڪا تبديلي اچي ٿي ۽ سدائين حادثن جو امڪان رهي ٿو. حادثو بدقسمتي سان ٿيندڙ غير متوقع واقعو آهي، جيڪو ننڍي کان وٺي ڪنهن تمام وڏي نقصان جو باعث بڻجي سگهي ٿو. هتي اسان کاڻين جي حفاظت سان گڏ خطرن ۽ حادثن کان بچڻ جي طريقن بابت ڳالهائينداسين.
    پاڪستان ۾ اڄ تائين ڪوئلي جي کاڻين ۾ وڌ کان وڌ حادثا ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي مزدورن ۽ انجنيئرن جا ٻچا يتيم ۽ گهر اُجڙيا آهن. اڪثر ڪري اسان صرف جسماني ڌڪ کي ئي سوچون ٿا، پر ذهني دٻاءُ جي مسئلن جا به ڪيترائي اطلاع آهن. ڪنهن به ڌنڌي ڪرڻ سان بيمارين جي ٿيڻ کي پيشه ورانه مرض ڪوٺيو ويندو آهي. مائيننگ ۾ پيشه ورانه بيمارين ۾ گوڙ جي هئڻ سان ٻڌڻ جي صلاحيت تي اثر، مشينري ڪم ڪار ڪرڻ سان جسم ۾ ڏڪڻي (Wholebody vibration)، ساھ ۾ منجھ / دم، خارش، ڪرنگهي واري هڏي ۾ تڪليف (spinal disorders)، ڦڦڙن جو ڪينسر، مثاني جو ڪينسر، ڦٽ ڦرڙي، رسولي (melanoma)، موتيا بند (cataracts)، گڙدن جي بيماري (renal disease) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شامل آهن. ياد رهي ته هي بيماريون هر کاڻ ۾ نه هونديون آهن پر مختلف حالتن جي ڪري ٿين ٿيون جنهن تي ضابطو ممڪن آهي.
    کاڻين ۾ حادثن جا ڪيترائي سبب آهن، جنهن ۾ ڇت يا پاسن جو ڪِرڻ، زهريلي ۽ ڌماڪيدار گئس جو ڀرجي وڃڻ، ڊِرل ۽ ڌماڪا، مواد ۽ معدنيات جي آمد و رفت، اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل شين جو غير فعال ٿيڻ، ڪوئلي جي دز، زيرِزمين پاڻي جو ڀرجي وڃڻ، مختلف اوزان جو غلط استعمال، خطري واري جڳھ تي بي احتياطي، ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ ٽيڪنيڪل نگراني ۽ معائني ۾ ڪوتاهي، ڪم ۽ عمل جي غلط تنظيم، حادثي جي روڪ ٽوڪ لاءِ مناسب هدايتن ۽ قانون جي پابندي جي گهٽتائي، غير تسلي بخش ساز و سامان جو استعال، غير معياري مواد جو استعمال، حادثن جو اهم ڪارڻ آهي.
    حادثن کان بچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ وقت صحيح معنى ۾ نگراني ۽ حادثي کان پوءِ تحقيقات تمام لازمي آهي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سنگين حالتن کان بچي سگهجي. مٿي ڄاڻايل حادثن جي تحقيقات جي ذميواري مائين انسپيڪٽر کي ڏنل آهي، جيڪو کاڻين جي تمام ماڳن جو دورو، معائنو ۽ جاچ پڙتال ڪري، جمع ٿيل معلومات ۽ تجزئي جي بنياد تي انهن جي روڪ ٿام لاءِ سفارشون تيار ڪري ٿو.
    بچاءُ جي حصول لاءِ موثر قيادت، موت مار ۽ انتهائي زخم رسائيندڙ شين کي منظم ڪرڻ ۽ نقصان جي روڪ ٿام جي اعداد و شمار (Statistics) لاءِ توجهه ڏيڻ ضروري آهي. حادثي کان پوءِ ان جي سبب جي سڃاڻپ، قابل، ذميوار ۽ تجرباتي ماڻهو کي ذميواري اَرپڻ، انتظامي ۽ قانوني نظام يا طريقن جي بهتري لاءِ صلاح مشورو، خصوصي توجهه سان سطح ۽ زيرِزمين کاڻين جو معائنو ڪري، حادثن ۽ خطرن کان بچڻ لاءِ صحيح حڪمتِ عملي جوڙڻ لازمي آهي.
    کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مڙني عملي جي تربيت ۽ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام ڪرايا وڃن، ته جيئن انهن کي خطرن جي نشاندهي جي صلاحيت، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ، پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪم ۽ پيداوار جي فروغ کي برقرار رکي، هڪ شاندار حفاظتي ثقافت جوڙي وڃي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ اهڙي ڪنهن به شيءَ کي ترجيع ناهي ۽ آئي ڏينهن کاڻين ۾ ڪيترائي آفيسر، پورهيت ۽ مزدور موت جو کاڄ بڻجن ٿا. دنيا جي ٻين ملڪن جيان هتي به جديد ريسڪيو سينٽر جوڙي انهن جو تدارڪ ڪري سگهجي ٿو.
    حڪومت ۽ انتظاميا کي گهرجي ته معدنيات جي مالڪي ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ وارن جي حفاظت جو مڪمل عزم ڪري، ڪنهن مستند اداري کان فرسٽ ايڊ جو ڪورس ڪرايو وڃي، ته جيئن هڪ طرف معدني خزاني سان ملڪ جي معاشي بحران تي قابو پائي سگهجي، ته ٻئي طرف مجموعي معاشي ترقي به ممڪن بڻجي سگهي. ان سان گڏوگڏ عوام کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ ان اندر لڪل خزاني جو معاوضو، انهن جي مالڪي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ روزگار تي، پهرين انهن جو حق ڏئي، انهن کي خوشحال ڪري سگهجي.
    imjiskani@engineer.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حڪومت ۽ انتظاميا کي گهرجي ته معدنيات جي مالڪي ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ وارن جي حفاظت جو مڪمل عزم ڪري، ڪنهن مستند اداري کان فرسٽ ايڊ جو ڪورس ڪرايو وڃي، ته جيئن هڪ طرف معدني خزاني سان ملڪ جي معاشي بحران تي قابو پائي سگهجي، ته ٻئي طرف مجموعي معاشي ترقي به ممڪن بڻجي سگهي. ان سان گڏوگڏ عوام کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ ان اندر لڪل خزاني جو معاوضو، انهن جي مالڪي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ روزگار تي، پهرين انهن جو حق ڏئي، انهن کي خوشحال ڪري سگهجي.

    تمام سهڻو ليک ۔۔۔۔ اظهار سائين اوهان جي قلم مان نڪتل لفظ سچ ته مضمون ۾ جان وجهي ٿا ڇڏين، ڄاڻ ملڻ سان گڏ سٺيون صلاحون، واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو ۔۔۔۔۔۔۔۔ شال حڪومت ۽ انتظاميه هنن ڳالهين تي ڌيان ڌري۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. اظهار جسڪاڻي

    اظهار جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مائيننگ انجنيئر
    ماڳ:
    ٽنڊوڄام
    سائين سليمان صاحب۔۔۔ دعا ۽ ڪوشش جاري رکڻي آهي۔۔۔ اميد ته هر ڌرتي ڌڻي کي مالڪي جو احساس ٿيندو ۽ حڪومت کي ڌيان ڏيارڻ تي مجبور ڪيو ويندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو