’سوچون ساگر، سپنا ساحل‘ (ڪتاب)

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ’سوچون ساگر، سپنا ساحل‘ (ڪتاب)
    دولت رام کتري
    ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي، پنهنجي دل جي آواز کي سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروڙڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطرتي طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا، پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبن مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي ٻولي ۾ شيخ اياز جي شاعري جديد سنڌي شاعري جو بڻ بنياد آهي. شيخ اياز کان پوءِ اياز گل، ادل سومرو، احمد سولنگي، وفا ناٿن شاهي، سائينداد ساند، حليم باغي، امداد حسيني، ابراهيم منشي، جديد سنڌي شاعرن ۾ اهڙا نالا آهن، جن جديد سنڌي شاعري جي تخيل ۽ جدت کي نوان رنگ ڏنا. ويجهڙ ماضي ۾ جديد سنڌي شاعري جي حوالي سان هونئن ته ڪيترائي نالا اهڙا آهن جن جا شاعري ۾ تمام گهٽ ڪتاب شايع ٿيا، پر اُهي شاعر نئين ٽهي ۾ نوجوانن جو آواز بڻجي ويا. جيئن حسن درس جي شاعري نئين ٽهي جي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي. ايوب کوسو، مير حسن آريسر، بخشل باغي، حاجي ساند، سعيد ميمڻ ۽ ٻين نوجوانن شاعرن جا ڪتاب مختلف وقتن تي مارڪيٽ ۾ ايندا رهيا ۽ انهن شاعرن کي سنڌ جا نوجوان پڻ دلچسپي سان پڙهندا رهيا. جڏهن سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سنڌ جي ٻن نوجوان خوبصورت شاعرن جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا ته سنڌ جي گهڻ پڙهي ادبي لڏي ۾ انهن شاعرن کي تمام گهڻو پڙهيو ويو. اشرف پلي ۽ فراق هاليپوٽي جي نثري نظمن توڙي غزلن ۾ ايتري سگهه آهي جو انهن نئين ٽهي جي نوجوانن ۾ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. ساڳي ريت ٿر جي نوجوان شاعر خليل ڪنڀار ”هانسو ريٻارڻ“ ۽ ”ٻليا تو ۾ ٻل ئي ناهي“ جهڙا شاهڪار نظم لکي منظر عام تي آندا ته ادبي لڏي جا ماڻهو دنگ رهجي ويا. سنڌ ۾ نوجوان شاعرن کي پڙهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اهو پختو وشواس پيدا ٿيو ته سنڌ ۾ اڃا به سگهاري ۽ پختي شاعري لکجي پئي. سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٿر جي اديبن شاعرن پڻ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. محمد هڱورجو، سائينداد ساند، ڀارو مل امراڻي، خليل ڪنڀار، بلاول اوٺو، نصرالله سمون، نور احمد جنجهي، ڪرشن شرما، شنڪر ساگر، رحم علي موسيپوٽو، عباس کوسو ٿر جا اُهي نالا آهن جن سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پنهنجو لايو سجايو آهي. سنڌي شاعري جي کيتر ۾ جتي سائينداد ساند، خليل ڪنڀار ۽ ڀارومل امراڻي پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي، اُتي ٿر جي شاعر شنڪر ساگر پڻ سنڌي شاعري جي کيتر ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي. پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ سادگي رکندڙ هي شاعر پنهنجو نرالو سڀاءُ ۽ مقام رکي ٿو. اُتساهه پبليڪشن طرفان جڏهن هن جي شاعري جو پهريون مجموعو ”سوچون ساگر، سپنا ساحل“ ڇپجي منظرعام تي آيو ته مون کي هن جي شاعري پختگي جو احساس ڏياريو. هو جيتوڻيڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ گهٽ ڇپيو آهي، پر گم سم ۽ گمنام رهڻ جي باوجود هن وسيع مطالعي جي آڌار تي سنڌ ۾ پنهنجو هڪ نرالو مقام جوڙيو آهي.
    هُن جي شهر ۾ شام رهياسين
    گُم سُم ۽ گُمنام رهياسين.
    شنڪر ساگر پيشي جي لحاظ کان هڪ اُستاد آهي. ٿر جي علمي ادبي سرگرمين ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. مٺيءَ ۾ اسٽيج ڊراما ڪرائڻ کان وٺي سنڌي ادبي سنگت مٺي کي متحرڪ ڪرڻ ۾ هن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو پنهنجي عام زندگي ۾ سادو ۽ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ باصلاحيت انسان آهي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هو سگهارو تخليقڪار آهي. هن جي شاعري ۾ سونهن، سچائي، پيار، پيڙا، امنگن ۽ اڌمن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ نظر اچن ٿا. هو سٺو شاعر به آهي ته مخلص دوست به آهي. هو جڏهن ڪچهري ۾ ويهندو آهي ته هو محبت ۽ پيار جا ڪيئي رنگ پکيڙي ڇڏيندو آهي. هن جو جيون، پيار، پيڙا، امنگن ۽ اڌمن جي دامن صحرا ۾ هڪ لکيل ڪتاب آهي.
    شنڪر ساگر وٽ خيالن جي بي پناهه سگهه آهي. شنڪر ساگر وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ٿر آهي، جيڪو سراپا صدائون آهن. ٿر جي مورن جي صدائن تي هن جو روح رڙي ٿو. ٿر جي مورن جو شڪار ڪندڙ شڪارين کي پاراتا ڏيندي هن هي سٽون تخليق ڪيون ته:
    ڪارونجهر جي ڪور تي، جهيڻو ٻولي مور،
    هي پاپي هي چور، نيٺ ته ويندا ڏيهه مان.
    شنڪر ساگر جي شاعري جو هي پهريون مجموعو ”سوچون ساگر سپنا ساحل“ اُتساهه پبليڪيشن طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نوجوان شاعر ڀارومل امراڻي لکيو آهي، جڏهن ته ڪرشن شرما، الياس ٿري، هريش ڊي آننداڻي هن جي شاعري تي اڀياس تبصرو ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ ادل سومرو، تاج جويو، انعام شيخ، سائيندا ساند، وجئه شرمه، دليپ دوشي ۽ ٻين شاعرن شنڪر جي شاعري تي اتساهه جا لفظ ارپيا آهن. مون کي اُميد آهي ته شنڪر ساگر جو هي شاعري جو ڪتاب سنڌ جي علمي ۽ ادبي لڏي ۾ پنهنجي مڃتا ماڻيندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو