ڇا اسين پاڻ سنڌ ٻن حصن ۾ ته نه ٿا ورهايون ...؟؟؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    1​
    [​IMG]
    2​
    [​IMG]
    3​
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين سنڌي گڏجن ڇو جڏهن ته ڪنهن کي نوڪري ڪنهن کي کجور جي ٽوڪري ڏئي کيڏايو پيو وڃي پ پ ۾ اڪثريت سنڌين جي ئي نظر اچي ٿي پر پنهنجي غلط فيصلي تي بي شرمائي سان هنڀوڇيو هڻندي نظر پيا اچن ڪاش اهڙن سنڌي سڏائيندڙن کي ٻڏي مرڻ گهرجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اسان جي قوم ۾ اڳواڻي ۽ عهدي جي لالچ جو جيڪو ناسور آهي اهو ئي اسان جي ناڪامين جو بنيادي سبب آهي ۽ اها ئي رڪاوٽ آهي نه گڏجڻ جي۔ نه ڏسجي ته جيڪي ٻين جي مستقبل جي مفادن لاءِ سندن جهولين ۾ ڪريا پيا آهن هنن جي نظرين ۾ ڪو خاص فرق ناهي۔ بس رڳو اڳواڻي جي نشي ۾ ڌت آهن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مڪاني نظام جي آڻڻ سان مڪڙن کي ٻه فائدا ٿيا آهن
    هڪ طرف حيدرآباد ۽ ڪراچي ماڻڻ سان فائدو مڪڙن جو پيو ٿئي ۽ ٻئي طرف پيپلز پارٽيءَ جي هٺ جي ڪري سنڌي پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا پيا ٿين۔۔۔
    مون کي انگريزن وارو اصول ياد پيو اچي۔۔۔
    ڊوائڊ اينڊ رُول۔۔
    وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي نادانيءَ سان مڪاني ادارن واري نظام وسيلي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ اهڙو ڳٽ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ کي ون يونٽ جي تحريڪ جيان وڏا وس ڪرڻا پوندا. هڪ طرف پنهنجي ان سياسي نادانيءَ کي پيپلز پارٽي مڃڻ کان انڪاري آهي ته ٻئي طرف عوامي رد عمل کي ساڃاهه سان سمجهڻ بجاءِ اها پنهنجي روايتي وڏيرڪي هوڏ تي بيهي جيڪا صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جهڙو ماحول جنم وٺي رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي هن قانون ۽ ان کان پوءِ پيدا ڪيل ماحول ڪارڻ سنڌ ۾ هر پاسي ڄڻ ته پيٽرول هاريو پيو آهي ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي معمولي چڻنگ به ان کي ڀڀڙ بڻائي سگهي ٿي. ان قسم جي صورتحال ۾ ڪابه ڌر ٿوري ڪوشش سان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي پر پيپلز پارٽيءَ کي ان جو ڪوبه ادراڪ ناهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ لاء ڪيئي وس ڪيا ويا، ڪيئي جابر آيا پر پارٽي پوء به زندهه رهي پر هن دفعي پ پ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي پاڻ ئي هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جيڪو سندس سياسي موت ثابت ٿي سگهي ٿو۔

    پر هتي ڪيئي سوال اڀرن ٿا :

    ڇا ڪيل جدوجهد اقتدار لاء ناهي؟
    ڇا اين پي پي پي ، ف ليگ، ق ليگ يا ٻيا وڏيرا سنڌ جي مفاد لاء پيا لڙن؟
    ڇا قومپرست ڌڙا سڀ گڏ آهن؟
    ڇا اسان جي جدوجهد جو رخ سنڌ جي آزادي آهي؟
    ڇا پ پ پ جي هن ڪيل غلط فيصلي خلاف اٿيل آواز ڪنهن انقلاب ڏانهن پيو وڌي؟


    جيڪڏهن انهن جو جواب نفي ۾ آهي ته پوء مان هڪ ٻيو سيناريو پيو ڏسان، اهو اهو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ ڪافي سيٽون وڃائيندي پر کٽندڙ اڪثريت ۾ نه هوندا ۽ هڪ نئين کچڙي جنم وڄندي۔ جنهن ۾ نواز ليگ، ٻيا وڏيرا ۽ ڪجهه قومپرست گڏجي حڪومت ٺاهيندا ۽ وري به ايم ڪيو ايم اڳيان بليڪ ٿيندا، جنهن سبب پ پ پ جو گراف ٻيهر وڌندو ۽ هن جي سياسي حيثيت به اڀرندي۔ نواز ليگ ان ڪري اسان جي قومپرست ڌرين جي حامي آهي جو هو ڏسي رهيا آهن ته هن نظام سبب اثاثا پنجاب بجاء سنڌ جي هڪ شهري پارٽي ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن جيڪا ڳالهه هنن کان هضم ڪانه ٿيندي۔ ڇو ته هنن جي نظر به اسان جي اثاثن تي آهي۔ تنهنڪري نواز ليگ اسان جي قومپرست قيادت کي پنهنجي لاء استعمال ڪري اقتدار حاصل ڪري ويند ي۔

    ٿي سگهي ٿو مان غلط به هجان پر اسان سنڌين جي ڪاميابي تڏهن ئي ممڪن ٿيندي جڏهن اسان جي تحريڪ ۾ وڏيرا ، جاگيردار، قبضا پرست، ڀتا خور، ڌوڪيباز ۽ روز وڪامجندڙ ماڻهو شامل نه هجن۔ جيڪڏهن هن وقت به پ پ پ کي سياسي طور ختم نه ڪري سگهياسين ته ياد رکو پوء شايد ئي اهڙو موقعو ملي سگهي۔

    هڪ ٻي اهم ڳالهه ته هن جدوجهد کي جذبات کان هٽي سياسي ، سماجي، اخلاقي طرح وڙهجي ۽ عام ماڻهوء تائين پهچجي۔ جيڪا ڳالهه مونکي نظر ڪانه پئي اچي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پي پي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ته تڏهن ٿئي جڏهن ڪو متبادل هجي۔۔ سنڌين جو اڳواڻ ڪير آهي؟ ڪو هڪڙو نالو ته هجي جيڪو ذهن ۾ اچي ته فلان شخص سنڌين جو اڳواڻ آهي۔۔ نواز ليگ ته هن دفعي ڪجهه سيٽون کڻي ايندي۔۔ پر توهان کي لڳي ٿو ته قومپرستن کي ڪا سيٽ ملندي؟ جي ها ته ڪير ۽ ڪٿان؟ اهو ذهن ۾ هجي ته جلال شاهه نواز شريف سان گڏ آهي۔۔ مسلم ليگ فنڪشنل ته آرمي هيڊڪوارٽر تان هلي ٿي۔۔ ان کي قوم پرست چوڻ غلط آهي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي ڳالهين سان متفق آهيان ۔۔۔۔۔ پ پ پ جي هارائڻ سان ڪو قومپرست نه پر ڪو ٻيو جاگيردار يا وڏيرو ئي کٽي ايندو ۽ ها اوهان جا ڪيل سوال منهنجا به ته آهن ۔۔۔۔۔۔ قومپرستن جو گڏ ٿيڻ ڪو معجزو ئي هوندو ۽ ها قوپرستن کي هاڻ قومپرست به نه ٿا چئي سگهون ۔۔۔ ڇو ته هو به هاڻ وفاق پرست آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين وفاق پرست به نه بلڪ مفاد پرست آهن جي انهن کي قوم جو ذرو به خيال هجي ها ته هن وقت سڀ متفق ٿي ڪنهن هڪ کي اڳواڻ ڪري پاڻ ان جي سپوٽ ڪن ها ۽ نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم کان به وڌيڪ سيٽون سنڌي قومپرست کڻن ها ڇو ته پوري سنڌ ۾ اڪثريت ايم ڪيو ايم جي مقابلي ۾ سنڌي قوم جي آهي پر اهي ڀوتارن جي ڀوء کان ورهائجي ٿا وڃن ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا سنڌي اقليت ۾ نظر اچن ٿا ۽ اقليت وارن وارا حق به حاصل نه ٿا ڪري سگهن ۔پاڻ واري ديشي کي وٺي ڪنهن قوم پرست سان ملڻ جي ناڪام عملي ڪوشش ڪجي ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ورهاست جا حامي حرامي اٿوءَ
    حرامي به نامي گرامي اٿوءَ
    رڳو ڏوه ڌارين جو نه آهي ادا.
    گهڻائي وڏيرا مقامي اٿوءَ


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو