1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    32000

ٻوليءَ جو غلط استعمال

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    303
    ورتل پسنديدگيون:
    876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ٻوليءَ جو غلط استعمال
    وحيد محسن
    ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ جي حوالي سان جڏهن تحقيق ۽ کوجنا ڪئي وڃي ٿي ته سڀ کان پهريائين ان قوم جي ٻوليءَ کي مرڪز بڻايو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه مان اهو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته ٻولي جي ڪيتري اهميت آهي! موجوده دؤر ۾ سنڌي ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪيتري قدر موزون رهيو آهي، ان حوالي سان جڏهن مون مختلف ڪتابن جو مطالعو پئي ڪيو ته آئون دنگ رهجي ويس! بهرحال جڏهن اسان جا جڳ مشهور ليکڪ ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن جو استعمال عام ڪندا ته نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي ڪهڙي ميار ڏيون.
    ”ٻولي فرد کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ٿي ۽ هُن ۾ پنهنجي ذاتي گڻ جي موجودگيءَ ۽ ان جي واڌ جو احساس پيدا ڪري ٿي. ٻولي فرد لاءِ ۽ قوم لاءِ، دنيا ۾ ۽ مشترڪ انساني زندگيءَ ۾ پنهنجي مخصوص جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تمام مڃيل ۽ ثابت ٿيل تمام وڏو ۽ سگهارو وسيلو آهي. جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي، تڏهن ان جو پهريون ڌيان پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي.“
    سنڌي ٻولي دنيا جي مهذب ٻولين مان هڪ آهي، جنهن جي تاريخ پنج هزار سال پراڻي آهي، جنهن وٽ قديم ادب سان گڏ جديد ادب جو ڀنڊار موجود آهي. موجوده دَور ۾ سنڌي ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو استعمال جيڪو ٿي رهيو آهي اهو اوهان سڀني جي سامهون آهي. اخبارن، رسالن ۽ ان سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا چئنل تي استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو جيڪو معيار ۽ ماپو آهي، اهو ڏسي ڪري پنهنجي مٿي کي ڌڪ هڻڻا پون ٿا.
    ايتري سياسي سجاڳي ۽ صحافتي سرگرمي هوندي به، تعجب هي آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ جا سونهن سوڀيا اچڻ گهربي هئي سا اڃا سوڌو ڏسڻ پسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. نوان لفظ ايجاد ڪرڻ يا ڌارين اکرن جي استعمال ڪرڻ تي ڪا بندش نه آهي، پر شرط هي آهي ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ جڏهن ڪا کوٽ هجي يا اڻاٺ، ته پوءِ سڀ ڪجهه جائز آهي، چوندا ڪيئن آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.
    ٻوليءَ جي هاڻوڪي بگاڙ ۾ جنس جو غلط استعمال سرفهرست آهي. خاص طور جڏهن جملي ۾ ڌارين ٻولين جا اکر ڪتب آندا ٿا وڃن. مثال طور ”آپريشن“ انگريزي اکر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڊاڪٽري وڍڪٽ، جراحي يا ڪارروائي. جنس جي لحاظ کان هي لفظ مؤنث طور ڪتب ايندو آهي، پر اڄڪلهه هن لفظ کي جنس مذڪور طور عام استعمال ڪيو ٿو وڃي ته ”آپريشن“ ٿيندو يا ڪيو ويندو. آپريشن هميشه ٿيندي آهي يا ڪئي ويندي آهي، نه فقط آپريشن پر اهڙا هڙئي انگريزي اکر، جن جي پٺ ۾ ”ش“ لاڳو ٿيل آهي، سي سڀيئي جنس مؤنث ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، جيئن ٽرانسليشن، ڊڪٽيشن، ڪوآپريشن، سيپريشن، وغيره. هي اصول سڄاڻ استادن اڳي ئي طئي ڪري ڇڏيا آهن. هن ڏس ۾ فقط هي چوڻ ڪافي نه آهي ته لاڙ ۾ اسان وٽ آپريشن ٿيندو آهي، نه وري هي ڪو مناسب دليل آهي ته ڊاڪٽري آپريشن ٿيندي آهي، باقي ملٽري آپريشن ٿيندو آهي.
    جنس جو دارومدار لفظ جي ذاتي حيثيت ۽ نوعيت تي آهي، جيئن آچر جو چولو، آچر جي قميص، آچر جو بوٽ، آچر جي جُتي، قلم سٺو آهي، پينسل سٺي آهي، چاقو مُڏو آهي، ڪاتي تکي آهي، ڪاٺين ڏارڻ جو ڪهاڙو، لام وڍڻ جي ڪهاڙي، خبر ملي آهي، خيال چڱو آهي، اخبار آئي آهي، رسالو شايع نه ٿيو آهي، صورتحال سٺي آهي، فرياد داخل ٿيو آهي، اسيمبلي اجلاس اڃا ٻه ڏينهن هلندو، اليڪشن ٿيندي، وغيره.
    اهو بحث حقيقت ۾ نئون ڪونهي. هن صديءَ جي اوائل ۾، جڏهن کان سنڌي ٻولي وڌ ۾ وڌ تحريري شڪل ۾ آئي آهي، تڏهن کان ان ڏس ۾ خيالن جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. شروع کان وٺي اسان جا سينئر، هر نئين ليکڪ يا صحافيءَ هٿان استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ٽيڪاٽپڻي ڪري ڳڻتي ظاهر ڪندا رهيا آهن، جيئن اڄڪلهه ٿي رهيو آهي. سو، اهو هڪ تسلسل آهي ۽ انهيءَ جو بنيادي مقصد پنهنجيءَ ٻوليءَ جا اصل روح، انفراديت ۽ شڪل کي قائم رکڻ آهي.
    ٻولين ۾ بگاڙ جو مسئلو سڄيءَ دنيا ۾ آهي. دنيا جي ڪابه ٻولي اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ بگاڙ نه آيو هجي. بگاڙ ان لحاظ کان چيو وڃي ٿو ته انهن ٻولين ۾ دنيا جي مختلف ٻولين جا لفظ شامل ٿيندا وڃن ٿا، خاص طور تي انگريزي ته ان لحاظ کان وڌيڪ بگڙيل چئبي، جيڪا دنيا جي هر خطي ۽ قوم سان لهه وچڙ ۾ اچي، ڌارين ٻولين جا بي شمار لفظ پاڻ ۾ سموئي، هڪ بين الاقوامي ٻولي ٿي وئي آهي. انگلينڊ جي ننڍڙي ٻيٽ تان ڦُٽل اها ٻولي، اڄ دنيا جي هر خطي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر ان جو اصل روح ختم نه ٿيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سِک ٽيڪسي ڊرائيورن جو انگريزي ڳالهائڻ جو انداز مختلف هوندو، ته ڏور اوڀر ايشيا يا آفريڪا ۾ اسٽائل الڳ هوندو، ڪٿي اڌ اکري ڳالهائي ويندي آهي، ته ڪٿي ماڻهو انگريزيءَ کي چٻاڙي ڳالهائن ٿا. ورڪنگ ڪلاس جي ٻولي هڪڙي آهي، ته پڙهيل لکيل طبقي جي ٻي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ يا وڌاءُ ناهي ته شيڪسپيئر جي زماني جي انگريزي اڄ نه رهي آهي ۽ نه ئي اڄ جو عام ماڻهو ان کي پڙهي يا سمجهي سگهي ٿو، جيئن ڀٽائيءَ جي زماني جي سنڌي ٻولي اڄ جي سنڌيءَ کي ٿوري ڏکي لڳي ٿي، پر فرق اهو آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ وڏو ڦيرو اچڻ جي باوجود ان جو گرامر نه بدليو آهي، ان ۾ جنس ۽ جَمع واحد جا اصول نه ڦيريا ويا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ سان اهڙو ڪيسُ ڪيو پيو وڃي، جو ٻين ٻولين مان لفظ کڻي، ان کي امير بنائڻ ۽ سنڌيءَ جي مروج لفظن کي اڃا وڌيڪ ٺيٺ بنائڻ جي چڪر ۾ بي ڍنگا لفظ ٺاهڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، جنس ۽ جمع واحد جي اصولن ۽ قاعدن کي ئي پاسيرو اُڇلايو ويو آهي، مڃون ٿا ته وقت گذرڻ سان گڏ ٻوليون Refine يعني ڇنڊجي ڇاڻجي، صاف ٿي، ساديون ۽ سلوڻيون ٿين ٿيون، پر ٻوليءَ کي سادو ۽ سولو بنائڻ جي چڪر ۾ ان جي روح کي ته ختم نه ڪجي!
    اخبارن ۾ لاڳيتو اردوءَ جي حساب سان لکيو ويو ته ”سڀاڻي سج گرهڻ ٿيندو“ يا ”اڄ سج گرهڻ ٿيندو.“ اردوءَ ۾ ”سورج گرهن هوگا“ انهن جي گرامر جي حساب سان ته صحيح آهي، پر سنڌيءَ ۾ سج گرهڻ مذڪر بدران مؤنث ٿيندي، ڇو ته، گرهڻ جي ”ڻ“ جي هيٺان زير اچي ٿي. سنڌين ۾ اها عادت ايتري پختي ٿي چڪي آهي، جو جڏهن اولاد جو ذڪر ڪن ٿا ته اردوءَ جي جملي ”ميري اولاد“ جو ترجمو ڪري ”منهنجي اولاد“ لکن ۽ ڳالهائن ٿا، جڏهن ته اولاد جي ”د“ تي پيشُ ڏجي يا زبر، اهو مذڪر ئي رهندو. مثال طور ”منهنجو اولادُ“ يا ”منهنجي اولاد کي“ سنڌيءَ ۾ بگاڙ جا نمونا گهڻا ئي آهن. مثال طور اڄ ڪلهه دُڪان جو جمع دُڪانون، لفظ جو الفاظ، لاش جو جمع لاشون، ڪلاس جو جمع ڪلاسون، افواهه جو جمع افواهون لکيو ۽ ڳالهايو وڃي ٿو.
    اڄوڪي دؤر ۾ ٻوليءَ جي بقا جون ضامن ان ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ اخبارون آهن، جيڪڏهن اخبارن پنهنجي عملي حيثيت جو اندازو نه لڳايو ۽ ٻوليءَ جي بيهڪ بناوت ۽ اچارن سان هٿ چراند جو سلسلو جاري رکيو، ته ٻولي پنهنجي شڪل تبديل ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته اخبار کي ان ٻوليءَ جي درسي ڪتابن واري ٻوليءَ جي معيار مطابق شايع ڪرڻ گهرجي. مثال طور سنڌي درسي ڪتاب حيدرآباد جي ٺيٺ ۽ صاف شفاف سنڌيءَ ۾ لکيا ويندا آهن ته اخبارون به اُن لهجي ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. جيتوڻيڪ لاڙ ۽ سري توڙي شهري ٻوليءَ جو ڌار ڌار لهجو آهي پر اخبار کي ان جو محتاج نه بڻايو وڃي.
    ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم هڪ ڀيري سنڌيءَ ۽ اردو کي ڀيٽيندي، ڏاڍي ڀروسي سان چيو هو ته ”اردوءَ ۾ ’دل‘ مذڪر ۽ ’ڪتاب‘ مؤنث آهي، جنهن جو ڪوبه منطق ڪونهي ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي اُبتڙ ’دل‘ مؤنث ۽ ’ڪتاب‘ مذڪر آهي، جائي ڳالهه سچي آهي ته سمجهه ڀري به آهي.“ پر، افسوس جو تازو مون هڪ نامياريءَ روزاني سنڌي اخبار ۾ اردو وانگر ”ڪتاب“ کي مؤنث ۽ ”دل“ کي مذڪر جي صيغي ۾ ڪم آندل پڙهيو. اهڙيءَ ريت ”توجهه“، ”دليل“، ”تاڪيد“، ”اُمنگ“، ”نظم“، ”فرياد“، ”داد“ ۽ ٻيا ڪيئي لفظ جي پڌري پٽ اسان وٽ مذڪر آهن، اڄ اسان جي ڪن اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ مؤنث وانگر پيا لکجن ۽ هوڏانهن مثال طور، لفظ ”ستيا“ کي مذڪر وانگر ڪم آندو پيو وڃي.
    ”ستيانياس ٿي ويو!“ ۽ ائين اردوءَ جي اثر هيٺ، ڪيترائي اسان جا لفظ مذڪر بدران مؤنث ۾ مؤنث بدران مذڪر ۾ ڪم ايندا رهن ٿا ۽ اسان جي ٻوليءَ کي بنيادي ڌڪ لڳندو رهي ٿو.
    سنڌي ٻولي گرامر جي خيال کان، گهڻيءَ حد تائين، هڪ پوري قاعدي واري ٻولي آهي. اُن جا اسم، ضمير، صفتون، ظرف ۽ فعل هميشه عدد، جنس ۽ حالت سان گڏ پنهنجي صورت بدلائين ٿا. لفظن جو هيءُ ڦيرو يا گردان سڀني ٻولين ۾ سندن پنهنجي پنهنجي گرامر جي قانون هيٺ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ هيءُ گردان لازمي طرح ڪرڻو پوي ٿو. افسوس جو اسان جا ڪي ليکڪ، ٻين ٻولين جي اثر هيٺ، پنهنجي ٻوليءَ جي بنيادي ڳالهه کان بي خبر يا لاپرواهه بڻجي ويل ڏسجن ٿا.
    ٻولي کي بگاڙ کان بچاءَ لاءِ اسان کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا ۽ اخبار، ريڊيي، ٽيليوزن تي اسان کي معياري لهجو آڻڻو پوندو. اڄڪلهه ايف ايم ريڊئي وارن سنڌي ٻولي سان ويڌن ڪئي آهي، پروگرام جا ميزبان ڳالهين ڳالهين ۾ چئي ويندا آهن ته ”اڄ موسم سٺو آهي“ جيڪو صحيح هن طرح آهي ”اڄ موسم سٺي آهي“، ”ڏاڍي سُٺي نظم آهي“ جيڪو صحيح هن طرح آهي. ”ڏاڍو سٺو نظم آهي.“ اهڙيءَ طرح اهڙا مثال گهڻا ڏئي سگهجن ٿا.
    بهرحال ڳالهه اها آهي ته ان حوالي سان ڪڏهن سجاڳ ٿينداسين ۽ عملي طرح پنهنجي ٻوليءَ کي بگاڙ واري بگهڙ کان بچائي وٺنداسين يا هڪ ٻئي ڏي پيا واجهائينداسين! وقت اڃا به اسان جي وس ۾ آهي، جيڪڏهن اهو گذري ويو ته پوءِ ٻين کي ميار ڏيڻ کان اڳ ۾ پنهنجو پاڻ کي ميار ڏيڻي پوندي. هن وقت به اسان وٽ سنڌيءَ ٻولي جا ماهر موجود آهن ۽ اسان جي نوجوان طبقي کي انهن کان رهنمائي وٺڻ گهرجي، جيئن اُهي مستقبل ۾ ساڳئي روشني کي جاري ۽ ساري رکن. اهو اسان سڀني تي قومي فرض آهي ته پنهنجي ٻوليءَ کي صحيح نموني سان روشناس ڪيون.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,581
    ورتل پسنديدگيون:
    27,083
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وحيد محسن صاحب جو ليک دل کي لڳو ۔۔۔۔۔ اصل ۾ اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي به هاڻي اها ذميواري لاڳو ٿي ٿئي ته ٻوليء جو صحيح استعمال ڪجي۔ ان سلسلي ۾ اسان جي سڄاڻ دوستن کي رهنمائي ڪرڻ گهرجي۔
     
  3. استاد عبدالرحمان بروھي

    استاد عبدالرحمان بروھي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    پرائمري اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    محرابپور
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو