سچل ڳوٺ سان تعلق رکندڙ سونهن رستماڻي پينسلوانيا اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ پهرين سنڌياڻي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچل ڳوٺ ڪراچي جي انهن ڳوٺن مان آهي جتان جا شاگرد چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ته ڪاميابي ماڻيندا رهيا آهن پر تازو سچل ڳوٺ سان تعلق رکندڙ سونهن لڌي رستماڻي پينسلوانيا اسڪالر شپ حاصل ڪندڙ پهرين سنڌي شاگردياڻي بڻجي وئي آهي۔ ڪراچي يونيورسٽي جي لائبريري سائنس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پهرين سنڌياڻي آهي جنهن 2012 جي آمريڪي حڪومت جي اسڪالرشپ تي ڪلرين يونيورسٽي پينسلوانيا ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي۔

    سونهن رستماڻي ڪراچي يونيورسٽي جي پهرين سنڌياڻي آهي جنهن پنهنجي محنت ذريعي اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔ سونهن لڌي رستماڻي سماجي اڳواڻ ڪرم رستماڻي جي نياڻي آهي۔ هن ميٽرڪ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ مان جڏهن ته انٽر گلشن اقبال سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج مان پاس ڪئي۔ سونهن رستماڻي اخبارن ۾ ڪالم به لکندي رهي آهي۔

    سونهن رستماڻي وائيٽ هائوس سميت ٻين ادارن ۾ پهچي سنڌي ثقافت جون شيون اجرڪ، گج ۽ رليون تحفي طور پيش ڪيون جنهن جي گهڻي تعريف ٿي آهي۔

    روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي چيئرمين تاج محمد وساڻ سونهن راڻي جي ڪاميابيء تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان سنڌي هاڻي تعليم ذريعي ئي انقلاب آڻينداسين۔ هن روشن تارا اسڪول انتظاميه پاران سونهن راڻي ۽ سندس والدين کي مبارڪباد ڏني آهي۔

     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مشتاق احمد مگسي

    مشتاق احمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سليمان وساڻ سنڌ ڌرتي سنڌ واسين لاءِ آهي ؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادي کي لک لک واڌاين سان گڏ ڌڻي در اها دعا ته اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون اڃان به تعليم ۾ اڳرا ٿين. سنڌ هن وقت هڪ انتهائي ڏکئي دؤر مان گذري رهي آهي. جتي هر ڪو مسئل جي ور چڙهيل ۽ مسئلن کان بيزار نظر ٿو اچي. پر ڪنهن وٽ به ڪو حل ناهي. ها جيڪڏهن اسان جو سڀ سنڌي ڀيڻون ۽ ڀائر تعليم جي ميدان ۾ اڳي هجن ته جلد ئي تبديلي جي اميد رکي سگهجي ٿي ۽ نوجوان هڪ بهتر مسقبل جي ضمانت ٿي سگهن ٿا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي کي مبارڪون پيش ڪيان ٿيو جنهن جي محنت سان سنڌ جي نياڻي سنڌ کي مان ڏنو ۽ اسان جي ڀيڻ پنهجي والدين سان گڏ سنڌ جو ڳاٽ بلند ڪيو ، ڊاڪٽر صاحب سخت تڪليفن ۾ پنهجي زندگي جا ڏينه گهاريا آهن اميد ته وقت انهن تڪليفن کي هاڻي ضرور دور ڪيو هوندو ۽ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي پنهجي اولاد ۽ سنڌ لاء پاڻ پتوڙيندڙ لمحن تي سرخرو هوندو۔
    منهجي طرفان ڊاڪٽر صاحب کي واڌايون،اگر ڪو دوست پهچائي ته ان جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان جون مبارڪون ضرور پهچائبيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو