شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ان جو دور حڪومت

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ Asif Ali Jhatial طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2012۔

  1. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    شهيد ڀُٽو جو وڏڙو ”شيتو“ راجستان کان لڏي رتوديرو ڀرسان آباد ٿيو،ان وقت سنڌ تي اورنگزيب جي حڪومت هُئي-شيتو مسلمان ٿيو ۽ کيس تمام گھڻي زمين اورنگزيب طرفان ڏني وئي ،شيتو خان چالاڪ ۽ هوشيار هئڻ ڪري ڀرپاسي جي زمينن تي قبضو ڪيو-ڀُٽو خاندان هميشه حڪمرانن جو ساٿي رهيو آهي،ان ڪري سدائين فائدا حاصل ڪندو رهيو آهي-شهيد ڀُٽو جو والد شاهنواز ڀُٽو انگريزن جو حمايتي هيوان ڪري کيس ”سَر“ جو خطاب مليو-سَر شاهنواز ڀُٽو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هيو-پنهنجي علائقي ۾ انگريز عملدارن جون دعوتون ۽ شڪار ڪرائيندو هيو،جنهن ڪري وڏا مالي فائدا ورتائين-سَر شاهنواز سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو مخالف هيو،جنهن ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کان پنهنجي تَڪَ لاڙڪاڻي ۾ شڪست کاڌائين-۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ذوالفقار علي ڀُٽو ولايت مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1957ع ۾ صدر اسڪندر مرزا جي حڪومت ۾ وزير تجارت ٿيو. 1958ع ۾ اسڪندر مرزا جي حڪومت جنرل ايوب خان ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو- ذوالفقار علي ڀُٽو صدر اسڪندر مرزا لاءِ چيو ته اسڪندر مرزا قائد اعظم کان به وڏو ليڊر آهي.صدر ايوب جي حڪومت ۾ به وزير تجارت ۽ آبپاشي جو وزير رهيو-1960ع ۾ صدر ايوب ڀارت سان سنڌ طاس معاهدو ڪيو ،جنهن ۾ صدر ايوب “03” ٽي نديون راوي،بياس ۽ ستلج ڀارت کي ڏئي ڇڏيون-انهن ندين عيوض ڀارت کان اربين روپيا وصول ڪيائين-انهن ٽنهي ندين ۾ سنڌ جو به حصو هيو،پر سنڌ کان پڇيائون به ڪونه-
    ان ناانصافي تي ذوالفقار علي ڀُٽو هڪ لفظ به نه ڪُڇيو-ون يونٽ جي دؤر ۾ سنڌ جي چاليھ لک ايڪڙ زرعي زمين پنجابين۽ پٺاڻن کي ڏني وئي، ذوالفقار علي ڀُٽو اهڙي ناحق تي اعتراض ڪرڻ بجاءِ صدر ايوب کي “ڊيڊي” سڏيندو رهيو- ذوالفقار علي ڀُٽو صدر ايوب کي مشورو ڏنو ته مسلم ليگ جي ضلعي عهدن تي صدرڊپٽي ڪمشنر کي
    ۽ جنرل سيڪريٽري ايس پي کي بڻايو وڃي-اهو هيو جھموريت پسند ڀُٽو شهيد-
    1965ع جي جنگ کان پوءِ صدر ايوب آمريڪا جي ڌُر ڇڏي روس سان تعلقات وڌايا-آمريڪا جي چوڻ تي ذوالفقار علي ڀُٽو وزارت ڇڏي صدر ايوب جي مخالفت ڪرڻ لڳو-
    سنڌ جي اديبن ،شاگردن ۽ سياستدانن جڏهن ون يونٽ خلاف جدوجهد تيز ڪئي ته ذوالفقار علي ڀُٽو ان جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ چيو ته مان اهڙي ڪنهن به جدوجهد ۾ حصو نه وٺندس ،جنهن سان پنجاب کي نقصان پوي-1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽوپيپلز پارٽي ٺاهي-بظاهر عوام عوام ڪرڻ لڳو پر اليڪشن م ٽڪيٽون ڪُڪَڙ ۽ ڪُتا ويڙهائيندڙ وڏيرن.پيرن ۽ سردارن کي ڏنائين-1970ع ۾ ون يونٽ صدر يحيٰ ٽوڙيو-1970ع واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب بنگال مان 160 سيٽون کٽي اڪثريت ۾ آيو،۽ ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌ ۽ پنجاب صوبن مان 81 سيٽون حاصل ڪيون- سرحد ۽ بلوچستان مان جمعيت ۽ اي اين پي ڪامياب ٿيون-يحيٰ خان اقتدار شيخ مجيب کي نه ڏنو- ذوالفقار علي ڀُٽو به شيخ مجيب جو پاسو وٺڻ بجاءِ فوج ۽ صدر يحيٰ خان جو پاسو ورتو ۽ بنگال ۾ عوام جو قتل عام ڪرايو-بنگالين جي قتل عام ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو هم صلاح هيو-ڀُٽو خاندان اقتدار جو وڏو بُکيو رهيو آهي-بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽو بچيل پاڪستان جو حڪمران ٿيو-ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ صدر يحيٰ خان اعلان ڪيو ته ٻين صوبن جي ملازمن کي پنهنجن اباڻن صوبن ڏانهن واپس ڪيو وڃي –بلوچستان ۽ سرحد صوبن ته ان حڪم تي عمل ڪيو،پر سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ ممتاز ڀُٽو پنجابين ۽ پٺاڻ ملازمن کي واپس نه ڪيو.ابتو ڪراچي ۾ پنج هزار پوليس سپاهي پناجب مان ڀرتي ڪري مقرر ڪيائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو حڪومت م اچڻ بعد جلدي تيرهن سؤ “1300” آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو،انهن
    برطرف ڪيل آفيسرن ۾ اڪثريت سنڌي آفيسرن جي هُئي-----
    ذوالفقار علي ڀُٽو بدلو وٺندڙ ماڻهو هيو-ون يونٽ جي دؤر ۾ پهريائين سنڌي آفيسر گھٽ هيا- ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ بجاءِ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنائين ،ان لاءِ جولاءِ 1972ع ۾ آرڊيننس نافذ ڪيائين---- ذوالفقار علي ڀُٽو ون يونٽ کي نئين روپ م لاڳو ڪرن لاءِ 1973ع جو آئين ٺاهيو-ان آئين سان صوبي پنجاب ۽ صوبي سرحد کي وڏو فائدو پيو،سنڌ ۽ بلوچستان صوبي کي وڏو نقصان پيو-سنڌ جا سڀ وسيلا معدنيات،تيل،گئس،بندرگاھ،انڪم ٽيئڪس،سيلز ٽيڪس ۽ سامونڊي بندر گاھ مرڪز حوالي ڪيائين-----صوبن جي صوبائي خودمختياري ختم ڪيائين—جيئن ته مرڪز تي قبضو پنجاب ۽ فوج جو هيو،ان ڪري سڃي مُلڪ تي پنجاب جي مالڪي ٿي وئي---- مرڪزي نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم ٺاهيائين،جنهن ۾ پنجاب جي ڪوٽا سٺ “60” سيڪڙو ۽ سنڌين جي ڪوٽا يارنهن ڏهائي پنج “11.5” مقرر ڪيائين------آئين ۾ اهو به لکيائين ته ڪنهن به صوبي جا ماڻهو سنڌ م رهي سگھن ٿا،۽ ملڪيت
    خريد ڪري سگھن ٿا---------
    سنڌ م رهندڙ ڌارين قومن کي قانوني تحفظ ڏنائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي مخالفت پسند نه ڪندو هو—جڏهن سنڌي ماڻهن ناانصافين تي آواز اُٿاريو ۽ احتجاج ڪيو ته ،انهن سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيل ۾ وجھرائي ڇڏيائين—انهن اڳواڻن ۾ رسول بخش پليجو،جي ايم سيد،عبدالواحد آريسر،قمر ڀَٽي ،شاھ محمد شاھ وغيره شامل هيا—ڪيترن سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابندي لڳايائين،اديبن کي جيل ۾ وجھرايائين-
    مشهور اديب طارق اشرف وڏو عرصو جيل ۾ رهيو---مرڪزي ليول تي مخالفن کي چِٿڻ لاءِ فيڊرل سڪيورٽي فورس “ايف ايس ايف” قائم ڪيائين—ان فورس جو ڪم مخالفن کي ڪُچلڻ هيو –ملڪ ۾ ڊفينس آف پاڪستان رولز “ڊي پي آر” لاڳو ڪيائين –جنهن تحت سوين سياسي مخالفن ۽ پير پاڳاري جي حُرَن کي جيل م بند ڪيائين-
    ولي خان تي قاتلاڻا حملا ڪرايائين،چوڌري ظهور الاهي تي حملا ڪرايائين ان تي مينهن چورائڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايائين-پي پي پي جو منشور ٺاهيندڙ جي اي رحيم کي ڏنڊا هڻايائين،شاھ احمد نوراني کي جيل م وجھي ان سا جيل جُٺيون ڪرايائين—صوبي سرحد ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون ختم ڪري عطاالله مينگل کي جيل ۾ وڌائين—بلوچستان م فوجي آپريشن ڪري هزارين بلوچ قتل
    ڪرايائين(اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي)-----
    سنڌ ۾ پروفيسر اشوڪ ڪمار کي قتل ڪرايائين (ممتاز ڀُٽو جي حڪومت ۾)-----
    ولي خان ،عطا الله مينگل،غوث بخش بزنجو،شير محمد مري ۽ ٻين سوين سياسي ڪارڪنن تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪري جيل ۾ وڌائين----
    چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺهرايائين،مخالفن جي جلسن ۾ نانگ اڇلرائيندو هيو ۽ مخالفن جي جلسن تي گوليو هلرايائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي دؤر حڪومت ۾ عوام عوام ڪندو رهيو،پر عملي طور وڏيرن ،پيرن ۽ سردارن کي مضبوط ڪندو رهيو—ڪنهن به وچولي طبقي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ کي اليڪشن م پارٽي ٽڪيٽ نه ڏنائين----1977ع ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيائين—جنهن به ماڻهو اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار سامهو فارم ڀرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي اغوا ڪري ٿر ۽ ڪاڇي م ڦٽو ڪري ايندا هيا---ان وقت اهڙي سواري به ڪانه هئي ،جو اهي مخالف وقت تي موٽي سگھن---ان ڪري سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ سڀني تَڪن تي پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا ---جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀُٽو ايمانداري سان شفاف اليڪشن ڪرائي ها ته تڏهن به ڪامياب ٿي وڃي ها ،پر مخالف اميدوار جي اليڪشن ۾ بيهڻ به بي عزتي سمجھندو هُيو---اقتدار جي آخري وقت ۾ مذهبي جماعتن جا سڀ مطالبا مڃيائين---شراب،جُوا،نائيٽ ڪلب،ريس ڪلب ۽ بازا
    حُسُن تي به بندش وڌائين-قايانين کي غير مسمان قرار ڏنائين----
    پوءِ به مُلن آمريڪا ۽ فوج کيس اقتدار تان لاهي ڦاهي جي تختي پهچايو—سنڌي قوم سندس ٺاهيل 1973ع وارو آئين جي سزا اڃا تائين لوڙي پئي-- ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي دؤر ۾ بنگال مان لکين بهاري گھُرائي سنڌ م آباد ڪيا—1974ع ۾ بهارين جو سامونڊي جهاز ڀرجي ڪراچي بندر تي پُهتو ته ان جهاز جو استقبال بيگم نُصرت ڀُٽو ڪيو—سڄي سنڌ ۾ بنگالي عوام جي قاتلن بهارين کي ڪالونيون ٺهرائي مفت ۾ گھر ڏنائين—هڪ ڪالوني ڌاٻيجي ۾ ٻي ڪالوني ڪوٽڙي ۾ ٽين ڪالوني هُوسڙي ۾ چوٿين ڪالوني روهڙي ۾ ٺهرائي هزارين قاتل بهارين کي مفت ۾ گھر ڏنائين—
    جن مسڪين سنڌين کيس ووٽ ڏنا انهن کي ڇَپَر به ڪونه ٺاهي ڏنائين—سندس روٽي .ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو به غير سنڌين لاءِ هيو—نوڪريون تعليم ۽ اهليت بجاءَ جاهلن کي ڏنائين—ايم اين اين ۽ ايم پي اي جي پُٽَن کي سڌو سئون آفيسر مقرر ڪيائين---پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪوبه ڪردار نه رهيو—امتحانن ۾ ڪاپي جو رواج ذوالفقار علي ڀُٽو جي حڪومت م پيو—ججن کان مرضي جا فيصلا ڪرائيندو
    هيو- ڪورٽن جا اختيار محدود ڪيائين،ان لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪيائين---
    سانگھڙ جي سيشن جج کي ڪورٽ مان گرفتار ڪرايائين—مخالفن کي تنگ ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪارا قانون ٺاهيائين،اقتدار کان لهڻ کان پوءِ جنرل ضياءِ اهي سڀ ڪارا قانون ذوالفقار علي ڀُٽو خلاف استعمال ڪيا – ذوالفقار علي ڀُٽو فوج جي پنجن سينئر جنرلن کي لاهي ،جنرل ضياءِ کي آرمي چيف مقرر ڪيائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو جنرل ضياءِ کي “ڀولڙو جرنل” چوندو هيو،ان ڀولڙي جرنل کيس ڦاهي ڏئي ڇڏي-------------
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي ۔۔۔ سائين جي ايم سيد، ڀٽي صاحب کي ” شو بواءِ“ سڏيندو هو ۽ پ پ پ کي سنڌين لاءِ زهر سمجهندو هو ۔۔۔ ان جو سبب پ پ پ جي پاليسي ۽ پنجاب پرستي هو ۔۔۔۔

    اکيون کوليندڙ ليک آهي ۔۔۔۔ هاڻ به پ پ پ جا ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري مصداق غداريون جاري ۽ ساري آهن ۔۔۔ الله پناه ۾ رکي سنڌ کي ۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي هن ۽ اڳئين موضوع ۾ زمين آسمان جو تضاد آهي، اوهان گذريل موضوع ورائي پڙهو۔ ٻيو ته هن موضوع ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اصل ۾ ڪردار ڪشي آهن جيڪا ڪنهن کي به ڪنهن به طرح نه ٿي سونهين، گهٽ ۾ گهٽ اوهان جهڙي ادب دوست شخص کي اهو لکندي سوچڻ گهربو هو۔

    مونکي اها به خبر آهي ته هتي پٽڪي ۽ ٽوپي واري جي ڪهڙي عزت هئي، اها به خبر آهي ته سنڌين جو ڪراچي اچڻ ڀٽي حڪومت کانپوء ڪيترو وڌيو،

    ڪاش ڪنهنجي مخالفت ۾ لکندي ان جي ذاتي ۽ گهريلو ڪردار تي نه وڃجي ۔۔۔۔ هتي ڪير بچيل آهي، اسان کي۔۔۔۔۔جي به خبر آهي، ته ۔۔۔۔۔جي به۔

    مضمون شخصيت جو آئينو هوندا آهن ۔۔۔ بس اڳتي ڪجهه لکڻ مناسب نه ٿو سمجهان۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نوٽ؛ هن ليک ۾ ڀٽي صاحب جي خاندان ۽ گهر بابت ڪيل ڳالهه کي ختم ڪجي ٿو؛ سبب؛
    1۔ هن اوطاق تي هر قسم جو دوست اچي ٿو جن جو تعلق پ پ پ سان پڻ آهي ۔۔۔۔ انڪري سياسي مخالفت ۾ ڳالهائڻ ۽ ڪنهنجي ذات تي ڳالهائڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن۔
    2۔ ذاتي يا گهريلو ڳالهيون لکڻ سان هر هڪ کي موقعو ملندو ته هو ٻين سياستدانن يا شخصيتن جي ذاتي يا گهريلو زندگيءَ تي ڳالهائين انڪري اهڙن ڪمن تي جن سان اسانجو واسطو هجي يا سنڌ سان واسطو هجي سي ته لکي سگهجن ٿيون پر جن جو تعلق انهن شخصيتن جي گهرن سان يا ذاتي زندگيءَ سان هجي سي لکڻ مناسب ناهن ۔۔۔
    3۔ ڪجهه جملا گارين جي وڪڙ ۾ اچن ٿا، اهڙن جملن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۔۔۔۔
    اميد ته دوست ان ڳالهه جو خيال ڪندا ۔۔۔۔ ذاتيات کان هٽي ڪري ڪردارن جي سياسي، سماجي يا ڪيل ڪمن تي ڳالهائيندا ته جيئن حقيقتون واضح ٿين۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پاڪستان ۾ ڪهڙو حڪمران بهتر رهيو آهي هر ڪنهن جا ڪرتوت بازار حسن کان پارليامينٽ تائين ۾ پڙهي سگهو ٿا پر هن هڪ تي ايترو تبصرو ۔۔۔۔
     
  6. جمشيد جوکيو

    جمشيد جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت روزاني سنڌ ضلعو ٺٽو
    ماڳ:
    ٺٽو
    سائين بهترين
     
  7. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    آصف ٍجهتيال جيڪا مٿي معلومات ڏني آهي سا درحقيقت 1972 جي ٻوليءَ وارن فسادن دوران اردو پريس صحافتي بدديانتيءَ ڏيکارينديَ ڪوڙا ريفرنس ڏئي ڇاپي هئي ڇاڪاڻ ته شهيد ڀٽي سال 1972 واري بل ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ۽ اهڙو قانوني ايڪٽ اڃا به برقرار آهي ـ اردو پريس کيس سنڌي ٻوليءَ جي حمايت ڪرڻ جي سزا ڏني هئي ـ اردو ڳالهائيندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو وڃي ۽ جيڪو شهيد ڀٽي ڪونه مڃيو ۽ جھيڙو به انهيءَ ڳالهه تان ٿيو هو ـ جيڪڏهن شهيد ڀٽو سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيئي ها ته اهو جھيڙو ڇو ٿئي ها؟ پر جيئن ته اهو ناجائز مطالبو هو سو شهيد ڀٽي ڪونه مڃيو جنهن ڪري اردو پريس شهيد ڀٽي تي ذاتي ۽ ڪريل حملا ڪرڻ لاءِ هندوستان جي ڪجھه چيٿڙن اخبارون جا ڪوڙا ريفرنس ڏيئي اهڙا مضمون شايع ڪيا هئا ـ لاهور جي الطاف قريشي پڻ ماهوار اردو ڊائجسٽ ۾ شهيد ڀٽي جي خاندان تي به ذاتي ۽ ڪريل حملن وارو مضمون ڇپيو جنهن تي شهيد ڀٽي سخت اعتراض ڪيو هو ۽ بعد ۾ الطاف قريشي اهڙي معذرت به شايع ڪئي هئي ـ
    منهنجو کليو لکايو چيئلينج آهي ته جيڪڏهن ڪير به 1972 واري ٻوليءَ جي ايڪٽ ۾ ثابت ڪري ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو ويو هو ته مان ڏوهه ڏنڊ ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ـ انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن سياسي اڳواڻ جو بيان نه گھرجي پر ايڪٽ مان اها ڳالهه قانوني طور ثابت ڪئي وڃي ـ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو هو ـ ان وقت مان سرڪرم صحافي هوس سو مون کي ڄاڻ آهي ۽ اها ڳالهه مان مڪمل ذميداريءَ سان چوان ٿوـ
    انهيءَ کان علاوهه، چون ٿا ته فرشتن سياستدانن جو اميج خراب ڪرڻ لاءَ نسوريَ ڪوڙ تي ٻڌل: بازار حسن سيَ پارليامينٽ تڪ ڪتاب شايع ڪيو هو ته جيئن ملٽري ڊڪٽيٽرن جي ڀيٽ ۾ سياستدانن تي انتهائي ڪريل ۽ ذاتي حملا ڪري انهن کي بدنام ڪجي ـ آصف جھتيال پاڻ به نادرا گلشن حديد ۾ سرڪاري ملازم آهي ۽ ساڳي وقت قومي عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن به رهيو آهي جيڪو ڪڏهن پنهنجي نالي ۽ ڪڏهن مختلف نالن ۾ ذاتي ۽ ڪريل حملن تي ٻڌل مضمون، شهيد ڀٽي خلاف شايع ڪرائيندو رهيو آهي ـ ان کي مون هڪ ڀيري سندن پڇڻ تي، ساريون حقيقتون لکي موڪليون هيون پر افسوس هن غير سنجيده شخص کي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ ڪانه آئي ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    اهو ڪو معتبر ڪتاب ڪونهي ـ ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِالحق جي دور ۾ اهو ڪتاب سياستدانن کي بدنام ڪرڻ لاءِ فرشتن لکرايو هو جنهن تي ڪير به سنجيدو ماڻهو ڀروسو ڪونه ڪندو ـ
     
  9. Mohammad Hashim Memon

    Mohammad Hashim Memon
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو