اڄوڪو ڏينهن 19 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 19 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    19 ڊسمبر 1822ع ٽالپر حڪمران مير شهداد خان جي پيدائش ٿي.
    19 ڊسمبر 1879ع سنڌي نثر ۽ نظم جو وڏو نالو ليکراج عزيز جو جنم ڏينهن آهي.
    19 ڊسمبر 1953ع ناليواري محقق ۽ ليکڪ بدر ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    19 ڊسمبر 1975ع سياسي ورڪر قاضي واجد احمد مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    19 ڊسمبر 2007ع ناليواري مصور اسماعيل گل جي کي سندس گهرواري ۽ نوڪر سان گڏ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.
    19 ڊسمبر 2013ع تي سماج سڌارڪ ۽ شھري اتحاد جو اهم رڪن عبدالله بلوچ راهه رباني ورتي آخري آرامگاهه ميان لال ۾ اٿس.

    اڄوڪي ڏينهن 19 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

    19 ڊسمبر 1873ع تي جذام جي علاج جي دريافت ناروي جي مشھور سائنسدان هنس ڪئي.
    19 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي سابق صدر يحى خان پنھنجي عھدي تان استعفى ڏني.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    19 ڊسمبر 2007ع تي ناليواري مصور گل جي ، سندس گهرواري ۽ نوڪر جا لاش سندن گهر مان مليا۔ گل جي ناميارو مصور هو جنهن کي سندس خدمتن تي صدارتي اوارڊ به مليو هو۔ هو ناميارن شخصيتن جا پورٽريٽ ۽ اسلامي خطاطي سبب گهڻو مشهور ٿيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو