اڄوڪو ڏينهن 20 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 20 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ معروف شخصيتون​

    جنم ڏينهن:

    20 ڊسمبر 1909ع عظيم راڳي ماسٽر چندر جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1914ع ترقي پسند ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن حشو ڪيولراماڻي (ڀريا / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1916ع تي سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هر چنداڻي، هوتچند واڌواڻي جي گهر ۾ هيرآباد حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
    20 ڊسمبر 1920ع سياستدان آغا صدرالدين دراني (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1920ع ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪاره ڪشنداس چندرا آڏوڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1935ع تي ناميارو اديب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڳوٺ پٺاڻ، حسين آباد حيدرآباد ۾ ڄائو.
    20 ڊسمبر 1942ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس رٽائرڊ ڀڳوانداس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1945ع ليکڪ فردوس جوڻيجوجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1946ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اديب فتاح عابد جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1948ع صحافي حاجي محمد قاسم ڏيرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1949ع سياستدان حسين بخش ناريجي جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1960ع شاعر عبدالجبار عبد جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1962ع ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر اسحاق جمالي جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1970ع تي آزاد ابن سنڌ، اصل نالو مختيار احمد سومرو گڏيجي شھر جي سومرا محلي ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ شاعر ۽ استاد اٿس.
    20 ڊسمبر 1971ع ليکڪ سهيل مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1974ع شاعر عبدالغفار آسي جو جنم ڏينهن آهي.
    20 ڊسمبر 1977ع شاعر حسن صغير جتوئي جي دادو ۾ پيدائش ٿي.

    وڇوڙو:

    20 ڊسمبر 1828ع سنڌ جو اڳوڻو حڪمران مير ڪرم علي ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو.
    20 ڊسمبر 1965ع اسڪالر محمد نواز سيٺار جو انتقال ٿيو.
    20 ڊسمبر 1981ع تي پاڪستان جي جسٽس حمود الرحمّٰن جو وڇوڙو ٿيو.

    اڄوڪي ڏينهن 20 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا

    20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو، صدر مملڪت ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو عھدو سنڀاليو.
    20 ڊسمبر 1976ع تي پاڪستان ٽيليويزن، رنگين نشريات جو آغاز ڪيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 فيبروري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    20 ڊسمبر 1971ع تي صدر يحى خان پنهنجو عهدو ڇڏيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صدر طور حلف کنيو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت

    ماسٽر چندر سنڌ جو اهو راڳي آهي جنهن کي نوجوان توڙي عمر رسيده ماڻهون اڄ به ٻڌندا آهن ماسٽر چندر 1907ع ۾ سنڌ جي شهر ٺارو شاه ۾ جنم ورتو سندس والد هڪ غريب هاري هو ماسٽر چندر ننڊ پڻ کان ئي راڳ رهاڻ ۽ موسيقي جو شوقين هو جڏهن ته هن جي خاندان ۾ راڳ سان واسطو رکندڙ ٻيو ڪو ماڻهون به موجود نه هو۔
    جڏهن سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور راڳي ڪنور رام ( جنهن کي سنڌ ۾ مذهبي ڪٽر پڻي تحت قتل ڪيو ويو هو ) صاحب هن ٻارڙي کي ڏٺو ته چيائين ته هي ٻارڙو وڏو ٿئي ۽ هڪ مشهور راڳي ٿيندو ۽ ڪنور رام جي اها ڳالهه سو فيصد صحيح ٿئي ۽ ماسٽر چندر سنڌ جو هڪ مشهور راڳي بڻيو۔
    ماسٽر 1933 ۾ باقائده ڳائڻ شروع ڪيو ۽ 1934ع ۾ هن جو نالو جهر جهنگ ۾ گونججي ويو۔ ماسٽر چندر ايڪٽر طور فلم ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي۔ ۽ ان کان علاوه ماسٽر چندر فلم لاء تقريبن ست گانا پڻ ڳايا آهن ماسٽر چندر نه صرف هڪ بهترين راڳي هو مگر هڪ بهترين شاعر ۽ موسيقار پڻ هو پنهنجن ڪيترن ڪلامن جون ڌنون پڻ پاڻ تيار ڪندو هو وڏي ڳالهه ته اهيا آهي ته شاعري به پاڻ ڪندو هو ، ڌن به پاڻ تيار ڪندو هو ۽ ڳائيندو به پاڻ هو۔ اهي سڀ صلاحتون هن هڪ شخص ۾ موجود هيون۔ ۔ سندس شاعري سولي سهڻي ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ ڪيل آهي۔ سندس شاعري جو انداز اهيو آهي جو هر ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته اهيا چندر ڄڻ مون سان مخاطب ٿيندي شاعري ڪئي آهي۔ ۽ مون کي ئي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهي۔
    سندس جڳ مشهور ڪلام ( رٺائي رهن پر هجين حياتي ) ٻچي ٻچي کي ياد آهي۔ ۽ سندس اهيو ڪلام سدابهار ڪلام آهي جنهن کي سنڌ جي ڪيترن فنڪارن پڻ ڳايو آهي۔توهان پاڻ ڏسو هن درويش صفت راڳي جو انداز۔ جيڪي ساٿ پيا ڏين انهن لاء ته هرڪو پيو دعا ڏيندو آهي مگر هي صاحب ته رٺلن کي ڪاوڙ ڪندڙن کي به پيو دعا ڏئي۔ماسٽر چندر سان گڏ ڪيترن فنڪارن سنڌ ۾ پئي ڳايو جن ۾ جيوڻي ٻائي، ڪنور رام، ڀڳت موٽن داس، وغيره ۽ اهي پڻ پنهنجي دور جا مشهور راڳي هئا مگر ماسٽر چندر انهن مڙني فنڪارن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو۔ ۽ سندس نالي کان سنڌ ۽ هند جو هر سنڌي واقف ٿيو۔ کيس اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ دل سان ياد ڪيو ويندو آهي۔
    منهنجو ڏاڏا ماستر محمد اسمعاعيل وگهيو ٻڌائيندو هو ته ماسٽر چندر دادو ۾ چاندني چونڪ تي هر چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي راڳ جي محفل ڪرڻ لاء ايندو هو ۽ سڄو چاندني چونڪ ڀرجي ويندو هو۔۽ خوب مزو پيو ايندو هو هڪ چانڊوڪي رات ٻيو ٺريل رات ۽ مٿان چندر جو مٺڙو آواز سهڻي شاعري سان گڏ، مطلب ته دل کي سڪون ۽ ڪرار اچي ويندو هو۔ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي وراست ٿئي ته ماسٽر چندر به پنهنجو اباڻو وطن سنڌ ڇڏي هميشه لاء هندستان هليو ويو۔ ۽ عمر جي آخر تائين پنهنجي اباڻي وطن کي ياد ڪندو رهيو۔ ۽ سنڌ کي ياد ڪندي هڪ ڪلام پڻ ڳايائين وڃڻ کانپوء به هن کي سنڌ جي ياد ستايو ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ 1955ع ۾ سنڌ گهمڻ آيو ۽ هن کي ماڻهن خوب عزت ڏني۔ ان آجيان هن جي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيو۔ ۽ کيس سنڌ لاء اڃان تڙپ وڌي وئي۔
    آخرڪار سنڌ جو هي مشهور راڳي هندستاب بمبئي ۾ 1984ع ۾ وفات ڪري ويو پر سندس آواز شاعري ۽ انداز سنڌ جي ماڻهن کي هميشه هميشه ياد رهندو

    ماسٽر چندر ۽ سندس گهرواري
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو