وڃايل دلبريون ڳوليون (ايوب کوسو)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم ساٿيو، سنڌ واسيو، هينئر مُنهنجي هٿن ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي چنڊ جهڙي خوبصورت شاعر محترم ايوب کوسو جو شاعري وارو ڪتاب ”ڪنارن جا سڏ“ موجود آهي، دوستو ايوب کوسو جو جيڪو به ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ڪوشش ڪري پهرين فرصت ۾ خريد ڪري وٺندو آهيان هي ڪتاب ڪافي عرصو مارڪيٽ ۾ اچي چُڪو هو، پر ڪيڏي مهل کيسي جو خان صفا ڪنگلو ٿيو پوي ته ڪيڏي مهل حيدرآباد وڃڻ ٿئي ته چائينيز هوٽل واري رستي تان گُذر ڪونه ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حيدرآباد جي حيدر بخش جتوئي وارو چوڪ سنڌي ڪتابن جي مرڪز وارو چوڪ سڏبو آهي پر انهي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو مسئلو آڏو اچيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ پاڙي ۾ هڪڙي فوتگي ٿي پئي سو مان قبرستان هليو ويس۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گهر آيس ته مون واري ٽيبل تي سامهون سامهون اهو ڪتاب پيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الا هي ڪتاب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنارن جا سڏ ڪير ڏئي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔خوشيءَ وچان مان ٻهڪي اٿيس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي ننڍڙي نياڻي ٻاتن ٻاتن ٻولن سان چيو ته ابو۔۔۔۔۔۔ ابو۔۔۔۔۔۔۔ اهو ڪتاب چاچا چريو سائين ڏئي ويو آهي توهان جي لاءِ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڙي سائين زُلفي آيو هو ڇا؟ مون گهر وارن کان پُڇيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها آيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ميرا ڪپڙا، ڏاڙهي وڌيل، وار وکريل۔ڪپڙا ليرون ليرون، پيرن اُگهاڙو، پوءِ توهان کيس ٻُڌايو ڪونه ته مان قبرستان ويل هُئس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها اسان کيس چيو هو ۽ ماني جو به پڇيو هو پر پاڻ صرف اهو چيائين ته ڪافي ڏينهن کان ادا نثار کي هن ڪتاب جي ضرورت هُئي؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس ته زُلفي ته ٽن مهينن کان مون سان مليو ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن درويش کي ڪيئن خبر پئي ته مونکي ايوب کوسي جي هن ڪتاب جِي ضرورت هُئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايتري ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق اهو چيو ته زلفي شاهه اهو به چيو پي ته ادا نثار لاءِ هي ڪتاب مان چوري ڪري آيو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بهرحال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔زُلفي شاهه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بغير مونسان ملڻ جي هليو ويو پر سندس نشاني ايوب کوسي جو هي ڪتاب مونکي ايترو ته وڻيو آهي جو پهرين فرصت ۾ هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر 159 پيجن جو هي ڪتاب پڙهي پورو ڪيم۔۔۔ ان جو هڪ غزل وڃايل دلبريون ڳوليون کي ڊيزائنگ سا به پاور پوائينٽ جوڙي راس ڪيو اٿم صرف ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايوب کوسي جي غزل جي تصويري شڪل توهان کي ڪيئن لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سُٺي لڳي هوندي۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين نثار ناز صاحب
    توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پنن وانگر هوائن ۾ رُلڻ بيڪار آ جانم
    عذابن کي هڻي تيلي، نيون ڳالهيون ڳريون ڳوليون۔۔۔۔

    واهه سائين۔۔۔۔! تمام بهترين ونڊ آهي۔۔ مونکي خبر نه هئي ته ادا ايوب کوسو شاعر آهي۔۔ ڪيڏو نه بيخبر ٿي ويو آهيان سنڌي ادب کان۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڦلپوٽا فقير مان صدقي وڃان توهان جي انهيءَ انتظار تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس هڪ ونڊ ونڊيون ٿا ته فقير فوري ٻي ونڊ جو انتظار ڪرڻ شروع ڪريو ڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير راضي ته الله راضي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مجبوري آهي فقيرن سان ڦٽائي ته نٿا سگهون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير به اهڙو جو دوست به آهي ته ڀاءُ به آهي، ڀاءُ ڇا پر اسان جو ويساهه به آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شال جُڙيو هجين پنهنجي پيارن سان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ادا ڄامشورائي سائين ايوب کوسي کي موجوده سنڌي ادب ۾ مان شاعريءَ جو امام ڪري ڪوٺيندو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايوب کوسي جي شاعري مونکي ايتري ته وڻندي آهي ايتري وڻندي آهي، جيئن پهرين پيار جو پهريون پل، جيئن شفق جي لالاڻ۔ جيئن دل ۾ سڄڻن جي ياد جِي تُون تُون، جيئن ڏکڻ جي هِيرَ، جيئن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيئن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيئن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الا ڄامشورائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تون شاعر۔۔۔۔۔۔۔ ايوب کوسي کان بي خبر هُئين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سندس هڪ نظم وري به تو سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ٿو ڪريان۔۔۔۔
    ڪو ته چوي​

    چُپ چاپ مِٽيءَ کي ڪو ته چوي
    ها ڪو ته چوي ها ڪو ته چوي
    ڪو ڳائي اهڙو گيت نئون
    جو ٽوڙي سڀ زنجير ڇڏي،!
    ڪو جوڙي اهڙو عشق نئون،
    جو بدلائي تقدير ڇڏي!
    چُپ چاپ پکين کي ڪو ته چوي،
    نئين صُبحن ۾ مخمورٿين،
    ڪي اهڙيون ٻولن ٻولڙيون،
    جو ٿڪ دلين جا دُور ٿين!
    چُپ چاپ اکين کي ڪو ته چوي،
    بي رنگ رُتن جِي ويلا ۾،
    ڪا چانڊوڪيءَ جي ريت ٿين،
    نئين خوابن جي مهڪار کڻي،
    من اُجڙيل هر جو ميت ٿين!
    چُپ چاپ سکين کي ڪو ته چوي،
    هي ٽاڻو آهي دردن جو،
    ڪي ٽهڪن کي انداز ڏين،
    ڪي سرگوشين جا شعر لکن،
    ڪي ڇيرن کي آواز ڏين!
    چُپ چاپ پرينءَ کي ڪو ته چوي،
    هِي بارش ناهي وڇڙڻ جِي ،
    ڪا معنى ارپي خوابن کي،
    ڪا خواهش ناهي وکرڻ جِي،
    ڪُجهه روڪي هاڻ حجابن کي!
    چُپ چاپ هوا کي ڪو ته چوي،
    خاموش سُتل هِن پن ڇڻ ۾،
    ڀل کولي هُن جا وارَ ڇڏي،
    هن شامن جو ڪجهه زنگ لهي،
    ڀل مهڪائي سنسار ڇڏي!
    چُپ چاپ نگر کي ڪو ته چوي،
    ها! ڪوته چوي، ها ڪو ته چوي،
    هر اُلڪي جو احساس ڪري،
    هر جذبي کي ڪا خوشبو ڏي،
    هر رستي تي ڪو واس ڪري!
    ها ڪوته چوي ها ڪو ته چوي!​

    (نوٽ : هي خوبصورت نظم ايوب کوسي جي شاعري جي ڪتاب” ڪنارن جا سڏ“ جي صُفحي نمبر 118 تان ورتو ويو آهي. توهان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته هن ڪتاب کي گُلشن پبليڪيشن حيدرآباد ... لاڙڪاڻو وارن 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)مهرباني ادا ڄامشورائي............
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شاعري جي لفظن کي پڙهندي پڙهندي تصور ڪنهن گهرائي ۾ وٺي وڃي ٿو۔۔۔ گهڙي پل لاءِ دنيا جي تيزي ۽ تنگي کان ڏور کڻي ويندڙ هن خوبصورت شاعري ڪندڙ سان توهان کي ملڻ جو اتفاق ٿيو آهي ۔۔۔۔ جي ها ته سندس جو ڪو انٽرويو وغيره سنڌ سلامت لاءِ ملي وڃي ته تمام ڀلو۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ادا وڏي ائڊمن جو حُڪم اکين تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ کان پهرين انهيءَ ٽاسڪ تي ڪم شروع ڪيون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايوب کوسي سان ملي ڪونه سگهيو آهيان باقي هڪ ٻئي جا سلام ضرور قبول ڪندا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايوب کوسو اسان کان ايترو پري ڪونه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيسين سائين ايوب کوسو جو انٽرويو ڪريون تيستائين سندس پوسٽل ائڊريس لکي ٿو ڇڏيان۔
    ايوب کوسو
    ٽپال گهر جُهڏو
    معرفت شاهه لطيف ميڊيڪل اسٽور
    بدين روڊ جُهڏو شهر ضلع ميرپورخاص سنڌ
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اصل ڪهي ڇڏيو آهي هن شاعر جي انداز۔۔۔۔۔ ماشاءَ الله تمام بهترين ۽ دلي شاعري آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو