اڄوڪو ڏينهن 14 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 14 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    14 جنوري 1900ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1928ع صحافي ڪرنتي ڪمار (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1940ع سنڌ جي مشهور راڳي استاد محمد يوسف جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1945ع استاد، اديب ۽ مترجم پروفيسر سليم سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1955ع صحافي نور محمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1962ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سليم اختر ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي.
    14 جنوري 1966ع شاعر منظور مولائي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:
    14 جنوري 1935ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند اچاريا گدواڻي ديهانت ڪري ويو.
    14 جنوري 1961ع آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو انتقال ٿيو.
    14 جنوري 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا عزيز الله ساند جي وفات ٿي.
    14 جنوري 1974ع شاعر غلام شاهه مست جو انتقال ٿيو.
    14 جنوري 1978ع تي شاعر، ڊرامه نويس ۽ استاد پروفيسر الف ب ت ميروخاني لاڏاڻو ڪيو. اصل نالو الله بخش هئس.
    14 جنوري 1987ع ڪهاڻيڪاره نيلوفر جويو جو انتقال ٿيو.
    14 جنوري 2011ع ناليواري چترڪار اي آر ناگوري جي وفات ٿي.
    14 جنوري 2012ع دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر (9 سال) جي مائڪرو سافٽ سند يافته ارفع ڪريم لاهور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي.
    اڄوڪي ڏينهن 14 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا​


    14 جنوري 1956ع روس، سڀ کان پھرين پنھنجو جهنڊو خلا ۾ پھچايو.
    14 جنوري 1966ع تي نائيجيريا ۾ ميجر جنرل آپرنسي اقتدار سنڀاليو.
    14 جنوري 1984ع تي چوٿين اسلامي ڪانفرنس مراڪش جي شھر ڪاسابلانڪا ۾ ٿي.

    حواله:


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جنوري 2015
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي راڳ جو راڻُو، سنڌ جو مهدي حسن اُستاد مُحمد يُوسفُ
    ٿڌڙي هَوائُن جي هير لڳندڙ شهر حيدرآباد ۾ ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو ”اُستاد مُحمد يُوسُف “14 جنوري 1940ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو. پاڻ ذات جو منڱڻهار ۽ لونگ فقير جو فرزند هو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن (دُهلاڙي) ۾ ڳڻيو ويندو آهي جيڪو ڳائيندو به هو ته وچائيندو به هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڏيڪ پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    ماشاالله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    يوم پيدائش حفيظ جالندري ( پاڪستان جي قومي تراني جو شاعر )
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو