اڄ 18 ذولحج 1340 هجري آهي دوستو اڄ کان چوڏنهن

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عظيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2009۔

  1. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڄ 18 ذولحج 1340 هجري آهي دوستو اڄ کان چوڏنهن سو ويھ سال پهريان هڪ حج جو ڪاروان مديني طرف وڃي رهيو هو ان ڪاروان ۾ اسان جي پياري نبي رسول اڪرم خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه وآله والسلم ۽ حضرت علي عليه السلام ۽ ٻيا اصحاب به گڏ هئا انهن جو تعداد ڪن راوين نوي هزار ڪن هڪ لک ڪن هڪ لک چوويه هزار بيان ڪيو آهي اهو ڪاروان 270 ڪيلو ميٽر طي ڪرڻ کان بعد هڪ اهڙي علائقي ۾ پهتو جنهن جو نالو رابغ آهي رابغ جحفه جي ويجھو هڪ شهر آهي ۽ جحفه حج جي پنج ميقاتن مان هڪ ميقات آهي اهڙي جڳه آهي جتي ملڪ شام مان ايندڙ ۽ جيڪي جدي کان مڪي جي طرف و ڃڻ وارا اتي احرام ٻڌن ٿا .
    جحفه جو فاصلو مڪي کان تقريبا 250 ڪلو ميٽر آهي ۽ رابغ تائين 25 ڪيلو ميٽر آهي
    اتي الله جي نبي مٿان هڪ وحي نازل ٿئ
    ” اي رسول اسان جيڪو ڪجھ الله تعالى جي طرفان نازل ڪيو آهي اهو ماڻهن تائين پنهچاء جيڪڏهن هن ڪم کي انجام نه ڏنئي ته ڄڻ رسالت جو ڪو ڪم انجام نه ڏنائين ۽ الله توهان کي ماڻهن کان امان ۾ رکندو بتحقيق خداوند ڪريم ڪافر قوم کي هدايت نه ٿو ڪري “ سوره مائده آيه 67
    هن وحي الاهي جي نازل ٿيڻ سان پيغمبر سڀني حاجين کي انهي ميدان ( غدير خم ) تي گڏ ڪري هڪ عظيم اجتماع برپا ڪيو
    سڀ کان پهريان هڪ طويل خطبو ( جنهن ۾ خدا جي حمد ثناء ۽ وعظ ، نصيحت ڪيائين ) ڏنائين ان کان بعد فرمايائين :
    من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه
    ” جنهنجو جنهنجو مان مولا آهيا انهي جو علي ع مولا آهي “
    هن جملي کي ٽي مرتبه تڪرار ڪيائين
    هي حديث شريف اهل تشيع ۽ اهل سنت جي بزرگ مورخين نقل ڪيو آهي
    گهٽ ۾ گهٽ تقريبا سٺ ڄڻن علمائن ، محدثين ( فقط حديث نقل ڪرڻ وارا ) تاريخ نگارن نقل ڪيو آهي ته اعلان غدير کان بعد حضرت ابو بڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه هن جملي ” بخ بخ لک ياعلي “ ياڪلمه ” اصبحت و امسيت مولي ڪل مومن و ...“ سان حضرت علي عليه السلام کي مبارڪ باد ڏنائون .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو