سنڌ سلامت تي ڪتاب ڪيئن اپلوڊ ڪجي.

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ مصور عالم طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2013۔

  1. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    دوستو، سنڌ سلامت تي ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ لاء رهنمائي ڪندا ته مهرباني ٿيندي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄڪلهه سنڌ سلامت تي ڪتاب سڌو سنئون اپلوڊ ڪرڻ ۾ مسئلا پيا اچن۔ تنهنڪري ٿي سگهي ته ڪتاب اي ميل ڪيو جيئن درست نموني پيش ڪري سگهجن۔

    سڌو سنئون ڪتاب ڏيکارڻ لاء اسان گوگل ڊاڪس تي ڪتاب اپلوڊ ڪري پوء ڊاڪ جي ڪوڊ سان پيش ڪيون ٿا۔ جڏهن ته ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء اسان ڪتاب فائلڊن يا ان قسم جي ويبسائيٽ تي اپلوڊ ڪري لنڪ ڏيون ٿا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ۽ ٻيو ته لنڪ ته موڪلجي وڃي ٿي پر ان جو پري ويو (preview) نه ٿو اچي جيئن اوهان جي موڪليل ڪتابن ۾ ايندو آ۔ اهو ڪيئن ايندو رهنمائي طلب
     
  4. نديم مڱريو

    نديم مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    هالا
    هالارپورٽ : نديم مڱريو 01-12-2013

    ايشيا جي عظيم بزرگ هستي ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي 270 هون عرس مبارڪ 14 صفرکان ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي رهيو آهي. عرس مبارڪ کان اڳ اوقافکاتي، ٽي ايم اي، روڊس کاتي، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگ کاتي سميت ٻين کاتن پاران شهر جي روڊن، رستن، پارڪن، فٽ پاٿن ۽ هيلي پيڊ سميت ٻين سرڪاري عمارتن جي مرمتي ڪمن کي ميلي کان اڳ ۾ ئي مڪمل ڪيو ويندو آهي پر هن دفعي مٽياري ضلعي جي ٽنهي تعلقن جي ميونسپل ايڊمنسٽريشن ۾ ساڍا ست ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ ٺيڪيدار، ميونسپل عملدارن سميت ٻين اعليٰ عملدارن تي ڪرپشن جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪرپٽ آفيسر گرفتارين ۽ انڪوائرين ۾ بيان ڏيڻ جي خوف کان آفيسن ۾ اچڻ ڇڏي انڊرگرائونڊ ٿي ويا آهن جنهن سبب هن وقت تائين ڀٽائي جي ميلي جي تيارين جي سلسلي ۾ ٻن کان مٿي گڏجاڻيون پڻ ٿيون آهن جن ۾ بلديا کاتي، روڊس کاتي، پبلڪ هيلٿ ۽ بلڊنگ کاتي جا عملدار يا انهن جو ڪو نمائندو شريڪ نه ٿيو آهي نه ئي حضرت شاهه عبداالطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ ڪي ڪم ڪار شروع ٿي سگهيا آهن انهن جي لاپرواهي ۽ غائب ٿيڻ سبب ڀٽ شاهه شهر جو مين روڊ ۽ ڊرينيج سسٽم نه ٺهڻ سبب شاهه ڀٽائي جو ميلو وڏي پئماني تي متاثر ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آهن. ٽي ايم اي جي نا اهلي ۽ ڪرپشن سبب لطيف سائين جي نشاني طور لڳل تنبورا چوڪ تي تنبورو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي ۽ شاهه جي رسالا چوڪ کان تنبورا چوڪ تائين فٽ پاٿ تي لڳل خوبصورت گرلون ٽٽِي ويون آهن جيڪي هن وقت پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويٺيون آهن. ناليون ۽ ڪراسن جي مرمت نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي شهر جي روڊن رستن تي بيهجي ويو آهي جيڪو ڀٽائي جي ميلي جي خوبصورتي لاءِ بدنما داغ بڻجي ويو آهي. ٽي ايم اي ۾ هر ماهه مرمتي ڪمن جي مد ۾ لکين رپيه اچڻ جي باوجود ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي بلڪه ترقياتي ڪم ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن ڀٽ شاهه ۾ زائرين جي پيئڻ جي لاءِ ٺهيل سبيلون مڪمل طور بند پيون آهن درگاهه جي وي آئي پي روڊ جي نالين جي مرمت نه ٿيڻ سبب ناليون مڪمل طور تباهه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي روڊ تي بيٺو آهي. اهڙي طرح روڊن ۽ بلڊنگن جو ڪم نه ٿيڻ ڪري ميلي جا انتظام اڻپورا ٿيڻ ڪري ايندڙ زائرين ۽ وي آئي پيز کي وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هالا ميونسپل، نيو سعيدآباد ميونسپل۽ مٽياري ميونسپل ۾ ترقياتي ڪمن جي فنڊن ۾ ڪرپشن ۾ ايف آءِ پاران شروع ڪيل جانچ ميلي کي به وڏو متاثر ڪيو آهي. ڇو جو ان ڪرپشن ۾ ملوث بلديا کاتي جا عملدار آهن ۽ ڀٽائي جي ميلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميواريون انهن جون هونديون آهن. بلديا کاتي جا عملدار گرفتارين ۽ جانچ جي خوف کان گذريل 20 ڏينهن کان پنهنجي آفيسن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ انهي ڪري هن وقت تائين ڀٽائي جي ميلي جا انتظام شروع نه ٿي سگهيا آهن. ڀٽ شاهه جي سياسي سماجي مذهبي، واپارين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀٽائي جي ميلي جي موقعي تي زائرين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ 14 صفر کان اڳ انتظام مڪمل ڪيا وڃن ۽ انهي ۾ سستي ڪندڙن عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃِي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو