ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    [​IMG]

    ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

    ڊاڪٽر صاحب 1884ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 1905ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي اي 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم اي پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان Ph-D جي ڊگري وٺي آيو. ڊي جي ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ پوءِ پرنسيپل ٿي رهيو. 1947ٿ ۾ وفات ڪيائين.

    ڊاڪٽر صاحب جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين عالمن ۾ ٿئي ٿو. جن پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ کي سنواريو ۽ سينگاريو آهي.

    ڊاڪٽر صاحب جي Ph-D جيئن ته تصوف جي موضوع تي هئي. تنهن ڪري کيس تصوف سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. انهيءَ دلچسپي سبب هن شاهه لطيف جو رسالو مرتب ڪيو. جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي.

    ڊاڪٽر صاحب شاهه جي رسالي جا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل نسخا هٿ ڪري انهن ۾ ڏنل بيتن کي شاهه لطيف جي معيار مطابق پرکيو. جيڪي به بيت سندس نظر ۾ ان خاص معيار مطابق نه هئا. انهن کي شاهه جي رسالي مان ڪڍي رسالي کي چئن جلدن ۾ مرتب ڪيائين.

    رسالي جي سرن جو متن ۽ انهن جو روحاني راز هر سُر جي منڍ ۾ لکيائين ته جيئن سڀ ماڻهو شاهه جي فلسفي کي چڱي طرح سمجهي سگهن. ان کان علاوه هر بيت کي صحيح طريقي سان پڙهڻ لاءِ لفظن تي اعرابون ڏنائين جيڪو هڪ ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم هو.

    ڊاڪٽر صاحب رسالي جي شروع ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري سندس اسلوب بيان ۽ ٻوليءَ تي هڪ جامع مقدمو لکيو. ادب جي جديد رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر صاحب جيڪو مقدمو لکيو، اهو پوين محققن لاءِ به مشعل راءِ بڻيو.
    رسالي ۾ آيل نيم تاريخي قصن کي آسان ٻوليءَ ۽ خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿس. مقدمي ۽ رسالي ۾ آيل احوال مان پوءِ ٻه ڪتاب الڳ ڪري “مقدمه لطيفي” ۽ “روح رهاڻ” جي نالي ڇپايائين.

    شاهه جي رسالي کان سواءِ، ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ ناول “نورجهان” جي نالي سان به لکيو. ڊاڪٽر صاحب، جنهن وقت اهو ناول لکيو ان وقت سنڌي ادب کي ناولن جي سخت ضرورت هئي، ڇو ته ان وقت گهڻو ڪري رڳو ترجمو ٿيل ناول ئي ڇپيا پئي ويا.

    “نورجهان” هڪ تاريخي ناول آهي جيڪو مغلن جي حڪومت جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن ناول جو انداز عالمانه ۽ ٻولي شاعرانه استعمال ڪيل آهي. ڊاڪٽر صاحب محاورن ۽ تجنيس حرفي جو به بهترين استعمال ڪيو آهي. قصي ۾ تسلسل به آهي ته ڪردار نگاري ۽ منظر نگاري به اعلى پايي جي آهي. پر هن ناول جي سڀ کان وڏي خصوصيت آهي ان جي “ٻولي”.

    ڊاڪٽر صاحب ٻولي نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪئي آهي. سندس ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. “سليم اڃان تخت تي پير رکيو ئي ڪين ته توبن جي ٺڪا ٺوڪي ٿي ۽ نغارن ۽ شرنائين جو غلغلو مچي ويو.

    امير ۽ وزير قطارون ڪيو بيٺا هئا، تن نئڙي سلام ڪيو ۽ هڪڙي نقيب اڳتي وڌي بلند آواز سان پڪاري چيو ته ”اڄ شهنشاهه نورالدين جهانگير يعني اسلام جي روشاني ۽ “دنيا جو فتح ڪندڙ “ تخت نشين ٿيو آهي. هي اهو صاحب قرآن آهي جنهن جو زحل دربان آهي ۽ آسمان آستان، چنڊ سندس پيغام رسائيندڙ آهي ۽ زهره راڳيندڙ، قضا سندن نگهبان آهي ۽ قدر ثناخوان، تجمل ۽ توانائي جو مايو آهي ۽ شان ۽ شوڪت جو پايو، سخا جو بحر آهي ۽ عطا جو ڪڪر. امير اصل آهي ۽ امير نسل آهي، ملائڪ روءِ آهي ۽ ملائڪه خوءِ آهي. شل جهان هميشه سندس بنده هجي ۽ سندس زندگي پابنده هجي”
    ڊاڪٽر صاحب مٿين ڪتابن کان علاوه هڪ ٻيو به ڪتاب “لنواريءَ جا لال” جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ لنواريءَ جي چئن بزرگن جون سوانح عمريون لکيائين. اهي بزرگ هي آهن. خواجه محمد زمان، خواجه گل محمد خواجه محمد زمان ثاني ۽ خواجه محمد حسن.

    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگي ۾ تصنيفون ۽ صرف اهي ئي ڪيون جن جا نالا مٿي اچي چڪا آهن، پر ان سڌي طرح هن سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. هن پنهنجي لاءِ استاديءَ جو پيشو اختيار ڪيو ۽ بهترين شاگرد تيار ڪيائين جن پنهنجن ڪاوشن سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو سندس خاص شاگردن مان هو.



    محترم اڪبر لغاري جي لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو تان ورتل



    sadayeen gud
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 فيبروري 2015
    انيس احمد جوڻيجو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد هن ڀيري به توهان هڪ عظيم شخصيت جو تعارف پيش ڪيو آهي ان لا۽ توهان کي مبارڪون هجن

    سدائين گڏ

    مهرباني جاني
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا سائين تحرير کي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين زاهد اوهان جي مهرباني جو اهڙا قيمتي مضمون سنگت سان شيئر ڪيو ٿا۔
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا زاهد اوهانکي جس ھجي جو مور ماڻهن جو تعارف ڪرايو ٿا اوهانجي مهرباني
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين مولوي رحيم بخش سائين اوهان جي همٿ افزائي ڪرڻ جي مهرباني، جڏهن به ٿورڙو وقت ملندو آهي ته پوءِ سنگت سان ونڊ ڪرڻ جي ڪجهه نه ڪجهه ڪٿان نه ڪٿان پيا لکندا آهيون۔۔۔۔۔ بس دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو۔۔۔


    محترم عبدالغني صاحب مٺا جس آهي اوهان کي جو اوهان اسانجي لکڻين کي پسند ڪندا آهيو۔۔۔ pasand
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا زاهد توهان جا لکين نه ڪروڙين، نه اربين، پر کربين قرب، جو توهان پنهنجو قيمتي وقت اسان سنگت لاءِ اهڙيون ناياب شيئرنگس شيئر ڪيو ٿا.
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مهرباني مٺڙا قمبراڻي۔۔۔ دراصل اوهان سنگت جو قرب آهي جو اسان کي ڇڪيون پيو اچي سنڌ سلامت تي نه مٺڙا اسان ٻانهي جا ٻار۔۔۔۔۔sadayeen gud
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي : شاهه جو شارح ۽ نقاد

    جي ايم سيد

    هي صاحب حيدرآباد جي گربخشاڻي عاملن جي خاندان مان هو. سندس ڏاڏو ديوان نئنسکداس زمينداري ڪندو هو. سندس والد ديوان مولچند, پڙهي روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي. ڪهڙي عهدي تان رٽائر ڪيائين، ان جو پتو پئجي نٿو سگهي. هي اصل واڌواڻي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا، جتان لڏي پوءِ مارڪيٽ جي ڀر ۾، آغا خاني خوجن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺا. هن ابتدائي تعليم ڪنهن مڪاني پرائمري اسڪول ۾ ورتي هئي. سيڪنڊري تعليم اين. ايڇ. ائڪيڊمي حيدرآباد ۾ وٺي، 1899ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. هو 1900ع ڌاري، ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، جتان 1905ع ۾ هن بي. اي. جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هي بمبئي جي ولسن ڪاليج ۾ ويو، جتان 1907ع ۾ هن ايم. اي جي انگريزيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد ٿوري وقت لاءِ هي انهيءَ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. ٻئي سال 1908ع ۾ هي موٽي سنڌ ۾ آيو، ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر ٿي، ملازمت ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ سمورو وقت انهيءَ ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو رهيو. انهيءَ ڪاليج ۾ گهڻو وقت وائيس پرنسيپال ٿي رهيو، ۽ 1937ع ۾ پرنسيپال جي عهدي تي مقرر ٿيو. وچ ۾ 1928ع ۾ هي وڌيڪ تعليم لاءِ ولايت ويو، جتان لنڊن يونيورسٽيءَ مان ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ جي مضمون تي ڊاڪٽريءَ جي سند ورتائين. سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا هئا. جن جي لاءِ، چوڻ ۾ اچي ٿو ته؛ اصل ۾ شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي، ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفياڻي تعليم ۽ تربيت مليل هئي. مثنوي مولانا روم، ٻين پارسي شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ خاص درڪ هوندو هوس. هو گفتگوءَ ۾ اڪثر انهن جا شعر مثال طور پيش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي شاگردن ۽ دوستن جو دائرو نهايت وسيع هو. منهنجي ٽهيءَ ۾، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي صاحب سندس شاگردن مان هئا. سندس شاگردن ۾ هن لاءِ عزت ۽ احترام حد درجي تي پهتل هو.منهنجي ڊاڪٽر صاحب سان واقفيت 1927ع کان برادرم ميران محمد شاهه جي معرفت ٿي هئي. نومبر 1928ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيس، ان وقت کان پوءِ سنڌ ڪاليج بورڊ تي ميمبر هئڻ ڪري، ساڻس اڪثري ملاقاتون پيئون ٿينديون هيون.
    هن جي زندگيءَ جو مکيه ڪم، جنهن هن کي لاثاني شهرت بخشي آهي، سو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇپائي، پڌرا ڪري سگهيو. شاهه صاحب تي گهڻن صاحبن لکيو آهي، پر انهن مان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪو به مقابلو ڪري نٿو سگهي. هن جي شرح کي پروفيسر نڪلسن جي مثنويءَ جي شرح، مسٽر برائون جي ايراني شعر جي تاريخ ۽ حڪيم ثنائي جي ”حديته الحقيقت“ جي شرح (ميجر اسٽيفنسن) سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي. انهيءَ شرح لکڻ وقت هن شاهه صاحب جي رسالن ۾ آيلن ڌارين بيتن ۽ سرن جي گهڻي ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪلام جي صحيح متن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو جو مکيه ڪم هن ڪيو آهي، سو هيءُ ته شاهه صاحب جي ڪلام جي هر پهلوءَ تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ نهايت عمدو مقدمو لکيو اٿس. جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح عمريءَ، صورت ۽ سيرت، مذهب، وحدانت ۽ تصوف سان تعلق ۽ سندس شعر ۽ شاعريءَ تي تفصيلي نظر وڌي اٿس. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم، ان جي ٻوليءَ، نحوي بناوتن جو پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس. افسوس آهي ته سندس شرح جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ عدم پيدا آهي. هن وقت جڏهن شاهه صاحب تي سوين مضمون، ڪتاب ۽ شرح لکجي چڪا آهن، ته به ڊاڪٽر صاحب جو شرح سڀ کان مٿانهون، مفصل ۽ سٺو پيو نظر اچي. سچ ائين آهي ته جهڙيءَ طرح شاهه صاحب سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، روايات، اخلاق کي گمناميءَ جي عالم مان ڪڍي، روز روشن وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ غواص يا ٽوٻير جو ڪم ڪيو آهي، جنهن ان بحر ذخار مان ٽٻي ڏيئي، املهه ماڻڪ ڪڍي، صرافن جي سامهون ڇڏيا آهن. انهيءَ شرح لکڻ ۾ هن جا محنت ڪئي آهي، ان جو پتو انهن کي پئجي سگهي ٿو، جن پوري توجهه سان اهو ڪتاب نظر مان ڪڍيو هوندو. سندس مقدمه شاهه جي ڪلام ۽ مسئله تصوف جي معلومات جو ڪوزه ۾ درياءُ بند ٿيل آهي. شاهه صاحب جي رسالي تي وڏي پيماني تي کوجنا جي اها پهرين ڪوشش هئي ۽ اڃا تائين ڪو به ماڻهو هن کان زياده ان جو سٺو شرح لکي نه سگهيو آهي. ڊاڪٽر مرحوم جا ٻيا هيٺيان ٻه ڪتاب به تصنيف ڪيل آهن: (1) نورجهان (ناول)، ۽ (2) لنواريءَ جا لعل. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ڪيترن ئي عالمن پڙهايو، جن ۾ پرنسيپال صاحب سنگهه شهاڻي، صورت سنگهه بٽاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند، پروفيسر اجواڻي، آڏواڻي، ملڪاڻي، پروفيسر شيخ ۽ ٻيا پنهنجو مٽ پاڻ هئا - جي اڪثر صوفي خيالن جا هئا؛ پر پرنسيپال بٽاڻي ۽ پرنسيپال گربخشاڻي ٻيئي انهيءَ رستي ۾ مکيه بزرگ شمار ڪيا وڃن ٿا. ٻيئي شاهه عنايت عرف شاهه شهيد جهوڪ جي سلسله همه اوست سان واسطو رکندڙ هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو والد ۽ ڏاڏو جهوڪ جي درگاهه سان واسطو رکندڙ هئا، ۽ پرنسيپال بٽاڻي وري اڻ سڌيءَ طرح ڪنڊڙيءَ جي نصير فقير معرفت انهيءَ تعليم ۽ تربيت مان سبق پرايا هئا؛ ۽ جي چڱيءَ طرح کوجنا ڪبي، ته خود شاهه صاحب به انهيءَ شاهه شهيد جي ميخاني مان مستفيد ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو.ڊاڪٽر گربخشاڻي مرحوم پرنسيپال ٿيڻ بعد ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان وقت هن لا ڪاليج ۽ ڪامرس ڪاليج برپا ڪرايا. سندس انتقال اوچتو دل جي ٽٽڻ ڪري 11 فيبروري 1947ع تي ڪراچيءَ جي شهر ۾ ٿيو. ان وقت سندس عمر چوهٺ سال هئي.
    کيس هڪ فرزند موهن نالي هو، جنهن مسٽر ڀيرومل مهرچند جي نياڻيءَ، ستيءَ، سان شادي ڪئي هئي، جو ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. هن وقت اُهي ٻيئي زال مڙس گذر ڪري ويل آهن. سندن پٽ منگهارام موهنداس هوتچند گربخشاڻي، هن وقت ويراوال اسٽيٽ ۾ ويونگ سپرنٽينڊنٽ آهي. ٽيهه سال کن عمر اٿس، انڊين ريان ڪارپوريشن ۾ نوڪري ڪري ٿو.

    (جي ايم سيد جي ڪتاب جنب گذاريم جن سين تان ورتل)
     
    انيس احمد جوڻيجو هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي

    رسول بخش ٻگهيو رفيعي گيچيراڻي

    ڊاڪٽر هوتچند ولد مولچند هڪ سکئي ستابي خاندان ۾ ۱۸۸۴ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو نئنسکداس زمينداري ڪم ڪندو هو ۽ سندس والد مولچند روينيو کاتي ۾ ملازم هو. پرائمري تعليم مقامي اسڪول مان ورتي. ميٽرڪ جو امتحان اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد مان ۱۸۹۹ع ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن بي اي ڏيارام جيٺمل آرٽس ڪاليج مان ۱۹۰۵ع ۾ ڪيائين. ان بعد ولسن ڪاليج بمبئي مان انگريزي ۽ فارسي ۾ ايم اي جي ڊگري ۱۹۰۷ع ۾ حاصل ڪيائين ۽ هن ئي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۰۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج فارسي جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتان۱۹۲۸ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان انگريزي شاعري ۾ تصوف جي مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي. وري واپس اچي ڊي جي ڪاليج ۾ پروفيسر، وائيس پرنسپل ۽ پرنسپل جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سيد ميران محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر عمر بن محمود دائودپوٽي جهڙا شاگرد پيدا ڪيائين. ڊي جي ڪاليج جي پرنسپل طور رهڻ دوران ڪاليجز جو سيڪريٽري به رهيو ۽ ان وقت لا ڪاليج ۽ ڪامرس ڪاليج پڻ برپا ڪيائين.


    ڊاڪٽر هوتچند مولچند جو خاندان صوفي ازم جو قائل هو ۽ حضرت شاهه عنايت شهيد صوفي جو پيروڪار هو ان ڪري هوتچند تي پڻ تصوف جو رنگ ڇانيل هو ۽ ننڍي هوندي کان ئي کيس سندس والد مولچند ۽ ڏاڏي نئنسکداس کان تصوف جي تعليم ملي، مثنوي مولانا روم ۽ ٻين ڪيترن فارسي شاعرن جو شعر ۽ شاهه لطيف جي شعر ۾ خاص ادراڪ هوندو هئس. گفتگو ڪرڻ وقت انهن جا شعر مثال طور پيش ڪندو هو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏئي شاهه صاحب جي زندگي جو احوال، مقدمي، معنيٰ ۽ تعليم ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکيو. رسالي کي ترتيب وقت عالمي اصولن کي سامهون رکيائين ۽ سڀني ڇپيل رسالن جو مطالعو ڪيو. پهريون جلد۱۹۳۰ع ۾ شايع ڪرايائين. ٻيو جلد ۱۹۳۲ع ۾ ۽ ٽيون جلد ۱۹۳۴ع ۾ شايع ڪرايائين. اهڙي طرح ٽي جلد پنهنجي حياتي ۾ ئي شايع ڪرايائين ۽ چوٿون جلد جيڪو پڻ مڪمل هو سو نه ڇپجي سگهيو جيڪو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سندن پوئينرن وٽ محفوظ آهي، جيڪي هندستان ۾ رهن ٿا. شاهه صاحب جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڌاريون ڪلام رسالي مان جدا ڪيائين. ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت ٽي ڳالهيون هن سامهون رکيون. هڪ شعر جي ٻولي، ۲ ڇند وديا مطابق شعري جي بيهڪ ۽ ۳شاهه صاحب جي آفاقي اپروچ يا بلند خيالي، هن ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي به ڏني آهي. عربي ۽ سنسڪرت لفظن جا ڌاتو به ڄاڻايا آهن. هن شاهه صاحب جي شاعري جي خوبين تي پڻ بحث ڪيو آهي. جنهن کي بعد ۾ هن ۽ مقدمه لطيفي جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. هر سر آڏو قصي کي بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن قصي مان شعر سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. انهن قصن ڪهاڻين کي بعد ۾ الڳ ڪري روح رهاڻ جو نالو ڏئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي مقدمه لطيفي ۾ شاهه صاحب جي صورت، سيرت، مذهب، وحدانيت، تصوف ۽ شعر ۽ شاعري تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي مضمون ۽ عبارت، نظم ان جي ٻولي نحوي بناوت جو پوري طرح ذڪر ڪيو اٿس. سچ ته ايئن آهي ته جهڙي طرح شاهه صاحب سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، روايات ۽ اخلاق کي گمنامي جي عالم مان ڪڍي روز روشن وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ غواص جو ڪم ڪيو آهي. جنهن ان بحر بيڪران ۾ ٽٻي ڏئي املهه ماڻڪ ڪڍي، صرافن جي سامهون ڇڏيا آهن. ان کانسواءِ لنواري جا لعل ۽ نور جهان سندس ڪتاب تصنيف ڪيل آهن.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي دل ٽٽڻ جي ڪري ۱۱ فيبروري ۱۹۴۷ع تي اٽڪل۶۳سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ ئي فرزند موهن نالي هو جو ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
    [1884ع – 1947ع]

    ميمڻ عبدالغفور سنڌي

    شاه جو شارح، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، 8 مارچ 1884ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. مئٽرڪ 1900ع، بي – اي 1905ع، ايم – اي 1907ع، ۽ لنڊن مان 1928ع ۾ پي ايڇ – ڊي (PH: D)جي اعليٰ سند حاصل ڪندي؛ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون بجا آڻيندو رهيو، جتان پرنسپال جي عهدي تان رٽاير ڪيائين.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، علم ادب جي ميدان ۾ گهڻين ئي خوبين ۽ صفتن جو صاحب هو. انهيءَ لکڻ ۾ شايد وڌاءُ نه ٿئي، ”ڊاڪٽر صاحب جو هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ئي ”علم“ هو“ . فيبروري 11، 1947ع تي سرڳواس ماڻيائين. سندس لکيل ڪتاب حالانڪ ٿورا آهن، جن جو تعداد فقط پنج آهي، جيڪي : ”شاه جو رسالو“ (مڪمل چئن جلدن مان ، ٽي جلد ڇپجي چڪا آهن)، ”روح رهاڻ“ ، ”نور جهان“، (1915ع) ۽ ”لواريءَ جا لعل“ ، (1934).
    ڊاڪٽر صاحب جون مذڪوره تصنيفات، موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ غير فاني حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جي مڪمل شرح ۾ ساڻس اڃا ڪو ٻيو برميچي نه سگهيو آهي. خود يورپ وارن به سندس محنت کي داد ڏنو هو. شمس العلماع علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب (1896 – 1958) به سندس شاگردن مان هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه لطيف جي رسالي جي شارح ۽ نقاد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ورسيءَ تي سندس ياد

    [​IMG]
     
  13. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    لاکيڻي لطيف جو ناميارو پارکوسنڌي زبان جو باڪمال نثر نويس

    محمد ابراهيم لاشاري (وارهه )

    ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي

    والد جو نالو مولچند گربخشاڻي

    ڏاڏي جو نالو ديوان نئنسکداس

    زندگي جو سفر شروع ڪيائين 8 مارچ1884

    ڪيائين سنڌي ادب ۾ ڪي نالا اهڙا به آهن جن پنهنجي سموري حياتي ادبي ۽ علمي خدمت ڪندي بسر ڪئي ۽ پنهنجي وس آهر سنڌي ادب جي آبياري ڪئي اهڙين شخصيتن منجهنان ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جو نالو وسارڻ جوڳو ناهي .علمن جي خاندان ۾ هي جنم وٺندڙ شخصيت شروعاتي تعليم چرچ مشين اسڪول حيدرآباد مان ورتي سيڪنڊري تعليم وري اين _ايڇ اڪيڊمي حيدراباد منهنجان وٺي 1889 ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين جنهن بعد 1900 ڌاري ڊي _جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيوجتان 1905 ۾ بي _اي جي ڊگري مليس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ بمبئي جو رخ ڪيائين جتي ولسن ڪاليج منجهنان 1907 ۾ فارسي ۽ انگريزي مضمونن ۾ ايم _ اي پاس ڪيائين ان بعد ٿورڙي عرصي لاءَ هي ان ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو ٻئي سال سنڌ واپس موٽي آيو ۽ ڊي _ گي سنڌ ڪاليج ۾ فارسي جو پروفيسر مقرر ٿيو اهڙي طرح گربخشاڻي صاحب انهي ڪاليج ۾ ڪافي عرصو وائيس پرنسيپل ٿي رهيو بعد ۾ 1937 ڌاري ڊي _ جي سنڌ ڪاليج جو پرنسيپل پڻ مقرر ٿيو زندگي جي آخري گهڙي تائين ان عهدي تي فائز رهيو .پاڻ 1928 ڌاري برطانيه ويو اتي (انگريزي شاعري ۾ تصوف ) جي موضوع تي مقالو لکي لنڊن يونيورسٽي منجنهان ڊاڪٽر جي سند حاصل ڪيائين ڊاڪٽر گربخشاڻي علم ادب جي ميدان ۾ گهڻين ئي صنفن جو صاحب هو سندس لکيل ڪتاب ٿورا آهن پر هن جو ادبي پورهيو معياري ۽ سنڌي ادب سان سينگاريل آهي . ڊ اڪٽر گربخشاڻي صاحب سنڌي ۾ لکڻ جي ابتدا ناول جي صنف سان ڪئي هن 1915 ڌاري ( نور جهان) نالي عظيم تاريخي ناول لکيو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو سڀ کان وڏو ۾ وڏو علمي پورهيو (ڪارنامو) اهو آهي جو هن سڄي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عظيم سنڌي زبان جي شاعر ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا مختلف ڇپيل اڻڇپيل نسخا هٿ ڪري انهن ۾ ڏنل بيتن کي لطيف سرڪار جي معيار مطابق پرکي جيڪي بيت نظم ۾ ان معيار جا نه هئا انهن کي شاهه جي رسالي منجهان ڪڊي رسالي کي نئين سر چئن جلدن ۾ ترتيب ڪيو اهڙي ريت پهريون جلد 1923 ٻيو جلد 1924 ۽ ٽيون جلد 1931 ۾ ڇپائي سنڌ ۽ سڄي دنيا جي آڏو پيش ڪيو سندس چوٿون جلد ڇپائي کان رهجي ويو ڊاڪٽر صاحب رسالي جي سرن جو متن ۽ انهن جو روحاني راز هر هڪ سر جي ابتدا ۾ لکيو آهي ته جئين هر هڪ پڙهندڙ شاهه صاحب جي فلسفي کي چگي نموني سمجهي سگهن .۽ هر بيت کي چگي ۽ صحيح نموني سان پڙهڻ لاءَ لفظن تي اعرابون ڏنائين.رسالي جي منڊ ۾ شاهه سائين جي سوانح عمري سندس اسلوب بيان ۽ ٻولي تي هڪ جامع مقدمو لکيائين ڊاڪٽر صاحب جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو سنڌي ٻولي ۾ اهم لکيو وڃي ٿو . گربخشاڻي صاحب شاهه جي رسالي جو ڪلام جو اهو شارح آهي جنهن شاه جي رسالي کي نه رڳو سنڌ ۾ بلڪه سڄي دنيا ۾ مقبول ڪيو انهن سلسلي ۾ يورپ وارن به سندس محنت کي مڃو آهي جيڪا سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءَ سندس هڪ خدمت کان گهٽ ناهي گربخشاڻي صاحب هڪ جيد اديب هو سندس تصنيفون جو تعداد ايترو گهڻو ناهي پوءَ به موضوع ۽ تحقيقات جي سلسلي ۾ تمام اهم آهن سندس ادبي پورهيو ڪتابن جو تفصيل هن نموني آهي .

    شاهه جو رسالو (ٽي جلد )

    روح رهاڻ (رسالي جو مقدمو )

    مقدمه لطيفي (لطيفيات )

    نورجهان (ناول 1915 )

    لنواري جا لال (سوانح 1934 )

    سر سهڻي (لطيفيات )

    Mysticism in the Early Ninteenth Century poetry of England

    ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب معياري ۽ اهم ڪتاب پڌرا ڪري سنڌي ادب جو ڳاٽ هميشه لاءَ اوچو ڪري ڇڏيو آهي سندس مقام نثر نويسن ۽ شاه جي شارحن منجهه اتم اعلي درجي جو آهي سندس تحرير سادي ۽ سولي پرڪشش دلفريب آهي ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا جن پنهنجن علمي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان سنڌي ادب مالامال ڪري ڇڏيو اهڙن شاگردن منجهان علامه عمر بن محمد دائود پوٽي جو نالو سر فهرست آهي آخر ڪار 11 فيبروري 1947 ڌاري دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ۾ سنڌ جو هي ڏاهو اديب هميشه لاءِ پنهنجي زندگي جو سفر پورو ڪري هن جهان مان هليو ويو

    . ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو