سنڌي ادب ۽ تحقيقي جو معتبر نالو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ناليواري محقق، دانشور ۽ شاعر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سنڌ سلامت سٿ پاران سندس سالگرهه جي ڏينهن ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ دعاگو آهيون ته هي سال ڊاڪٽر صاحب جي زندگيء ۾ خوشين جا خزانا آڻي ۽ پاڻ صحتمند رهن۔

    سنڌي ادب ۽ تحقيق جو معتبر نالو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    محمد سليمان وساڻ

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو ڪنهن کان به لڪل ناهي. سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ کان وٺي ان تي تحقيق لاء پاڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو اٿن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ملازمت جي شروعات 1973 کان ليڪچرر طور ڪئي، 1985ع کان 1990ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيو۔ ان عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر، ضلعي تعليمي آفيسر ۽ مختف ادارن ۾ پنهنجون خدمتون ادا ڪيون۔ جهڙوڪ:

    سابق پرنسيپل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
    ڊائريڪٽر نان فارمل ايڊيوڪيشن سنڌ
    ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڄامشورو
    پرنسپل زيبسٽ انٽرميڊئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
    باني گل حيات انسٽيٽيوٽ
    باني ميمبر لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
    صدر سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
    شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي تعليمي ڪائونسل جو رڪن
    سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر
    انٽرميڊييٽ بورڊ لاڙڪاڻو جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر
    ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي۔

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين سان گڏ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ايم ڦل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جو رهنما ۽ ممتحن پڻ رهيو آهي۔ ڊاڪٽر پٺاڻ هميشه تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ سان گڏ ادارن کي ٺاهڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔ هن پنهنجي ڳوٺ آريجا ۾ گُل حيات جي نالي سان ادبي ادارو ۽ لائبريري پڻ جوڙي آهي۔ سندس ويب سائيٽ گُلِ حيات قيمتي معلومات جو اهم ذريعو آهي۔

    سندس ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 30 کان مٿي آهي جن ۾ ؛ ”اسانجا اديب“،”آئينا ۽ اولڙا“ ، ادب ۽ ماحول“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، موتي مور ملوڪ جا، جو ڪيو مطالعو مون، شامل آهن۔ سندس لکيل ڊراما ”اونداهيءَ جا اولڙا“ ۽ ٻيا ڊراما پي ٽي وي تان نشر ٿيا آهن۔ ڊاڪٽر در محمد ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکڻ سان گڏ تنقيد نگار پڻ رهيو آهي۔

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس ڪيل ادبي ڪم تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل اوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل، سگا گولڊ ميڊل اوارڊ، لاڙڪاڻو اوارڊ ۽ ادب ۾ ڪيل خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو آهي۔

    دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ سنڌي ادب جي آبياري ڪندو رهي.

    [​IMG]

    ___________

    [​IMG]

    روزانه سڪار ۾ 25 مئي 2013 تي ڇپيو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 مئي 2014
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    واهه ادا سليمان صاحب..... سٺو ڪم آ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي صدارتي اوارڊ ملڻ جي موقعي تي ساڻس ڪيل ملاقات واري تصوير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو