استادن جا قسم ۽ علم جي اهميت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    ”علم حاصل ڪيو پينگهي کان قبر تائين“

    مٿئين حديث ته اسان مان سڀني ٻڌي هوندي، پر انکان به اڳتي ڏسجي ته الله جو رسول صلي الله عليه وسلم علم سان ايترو چاهه رکندو هو جو جڏهن ڪو جنگي قيدي ٿي ايندو هو ته انکان سوال ڪندو هو ته لکڻ پڙهڻ ڄاڻين ٿو،؟ ۽ جي هو ها ڪندو هو ته انکي چوندو هو ته اسانجي ڪنهن هڪ ماڻهونءَ کي لکڻ پڙهڻ سيکار ته تون آزاد آهين.“

    پنهنجي قوم ۽ ماڻهن کي علم جي روشنيءَ سان سنوارڻ پنهنجي معاشري جي سڀ کان وڏي خدمت آهي، جيڪي استاد يا معلم پنهنجن اسڪولن ۾ علم جي روشني وڌائن ٿا اهي جنتي آهن ۽ جيڪي استاد صرف وقت وڃائي صرف پگهارو کڻن ٿا اهي هن پيغمبري ڪم کان منهن موڙي دوزخ جي باهه پيٽ ۾ ڀرن ٿا. ۽ قوم ۽ معاشري ۾ گناهن جي واڌ جو سبب بڻجن ٿا.

    اچو ته اسين قوم سان ڀلائي ڪريون ۽ علم جي روشنيءَ کي وڌائڻ جا سڀ جتن ڪريون ... ياد ڪريو! اهو علم ئي آهي جيڪو اوهانکي غلاميءَ يا آزاديءَ جو احساس پئدا ڪري ٿو، اهو علم ئي آهي جڪيو اوهانکي پنهنجن حقن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. اهو علم ئي آهي جنهن سان معاشري ۾ سونهن پئدا ٿئي ٿي.

    اوهانجي مٿان ظالم حڪمران ان ڪري به آهن جو اوهان جي قوم اڻڄاڻ ۽ لاعلم آهي.​


     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واقعي استاد ئي آهي جيڪو سڀ ڪجهه بڻائي ٿو ۔۔۔۔

    هڪ سٺو استاد اهو آهي جو، چڱي ريت سمجهائي ۽ نه بغير دليلن ۽ ثبوتن جي پنهنجي ڳالهه مڃرائي، هو پنهنجي ٻڌندڙ جي دل ۾ اهو روح ڦوڪي جيئن هو خودبخود سکڻ جي خواهش ڏيکاري. (ائڊورڊ رابرٽ بلور)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    استاد اسان کي اُٿڻ ويهڻ،لکڻ،پڙهڻ،۽ مهذب يافته ماڻهو
    بڻايو،استاد اسان جا روحاني والدين آهن۔۔۔
    منهنجو استاد سائين حُسين سومرو لائق استاد هو
    آئون اڄ به هن سان هڪ شاگرد جي حيثيت سان
    ئي ملندو آهيان۔۔۔اسان کي استادن سان پيار ۽ احترام
    ڪرڻ گهرجي۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هميشه ماءُ ٻار کي عرش کان کڻي فرش تي ڦِٽي ڪندي آهي، ۽ هڪ عظيم استاد ئي انهي ٻار کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائيندو آهي۔
    منهنجا سڀيئي استاد عظيم آهن پهرين درجي کانوٺي هن وقت تائين ۔
    سائين غلام محمد سنديلو، سائين محمد پنهل شيخ، سائين احمد بخش ميمڻ، سائين علي نواز پٺاڻ،سائين محمد اڪرم چانڊيو، سائين محمد عثمان کهاوڙ، سائين علي محمد مغيري، سائين رسول بخش سولنگي، هر دل عزيز سائين مسڪين محمد ڄام کوکر، سائين نورالدين چانڊيو، سائين محمد صالح تنيو، سائين عبدالحڪيم، سائين حشمت الله، سائين ماڻڪ راءِ، سائين جميل احمد شيخ، سائين حبيب الله، سائين محمد اعظم ميمڻ،سائين قمرالدين چانڊيو، سائين قمرالدين لغاري، سائين محمد عظيم چانڊيو، سائين مصري خان، ڊرل ٽيچر سائين ارشاد، سائين قمرالدين قريشي، سائين نور بيگ ۽ سائين ڪريم دادا۔ هي اهي استاد آهن جن پنهنجي محنت سان اسان واري ٽَهي کي سٺي منزل تي رسايو آهي۔ مان پنهنجن انهن استادن لاءِ دعاڳو آهيان جي هن جهان ۾ نه رهيا الله سائين انهن کي جنت الفردوس ۾ ڪُشادي جڳھـ عنايت ڪري جن جو سهارو الله سائين اسانجي مٿان قائم رکيو آهي الله سائين انهن کي سکيو ستابو رکي ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري۔ آمين ثم آمين
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    واهه واهه سائين ۔۔پنهنجي استاد کي ياد رکڻ ۽ ان جي لا دعا ڪرڻ نهايت اعلي ا ظرف وارو ڪم آهي۔۔اسان ب پنهنجن استادن جي لا دعا گو آهيون جن اسان کي تعليم جي زيور سان سينگاري هن منزل تائين رسايو آهي۔۔الله پاڪ شل انهن جا رتبا اعلي ا رکي ۔۔آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مان به پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو مان حاصل ڪئي، ان وقت منهنجو استاد سائين انور حسين مسڻ هو (مرادي)، ان کان پو سائين نادر علي ڪلهوڙو(باغ علي ڪلهوڙو)، سائين حمزه علي واهوچو(واهوچا وارهه)، سائين شير محمد واهوچو(واهوچا وارهه)، سائين عبدل الغفار سومرو(سائين عبدل الرحمان (نصيرآباد)، اهي سڀ استاد منهنجي پرائمري پنجين درجي تائين ترتيب وار استاد رهيا۔ ان کان پو مان پنجو پاس ڪيم ته منهنجي والد سڳوري مونکي پنهنجي هڪ حافظ دوست جي مدرسي ۾ ويهارڻ ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لا ضلعي دادو جي شهر خانپور ۾ جيڪو حاجي خان محمد جوڻيجو مرحوم (پ پ جو اڳوڻو رهنما) جي زير نگراني هلندڙ هو ،موڪلي ڏنو جتان مان ديني تعليم ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪرڻ لڳس، اتي والد صاحب جي محسن دوست سائين حافظ حاجن ڪلهوڙو (سيتا روڊ) جي نگراني ۾ قرآن پاڪ جي ناظره جي تعليم مڪمل ڪيم، اڄ سائين جن دنيا ۾ موجود نه آهن پر سندس جي رهنمائي، محبت ۽ تعليم جو انداز هميشه ياد رهندو الله سندس جا درجا بلند ڪري ۽ جنت ۾ اعلي ا جڳهه نصيب ڪري۔ آمين۔۔ ۽ وري پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ موجود ها اسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتي جتي منهنجو استاد سائين سعيد احمد ڀٽي (باڊهه) انگريزي پڙهائيندو هو، ۽ سائين ذوالفقار علي سيال (حمزو ڀٽي) ڊرائنگ ۽ سائين نظر حسين ڪلهوڙو پرنسپال رهيو، وري مان ستين درجي کان ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي به سٺا استاد مليا، جن ۾ ليڊي ٽيچر مس فاطمه، مس خورشيد، سر سالار احمد ۽ ٻيا پڻ هُئا جن جا نالا ذهن مان نڪري ويا آهن۔۔ وري ڪجهه اهڙو معاملو ٿي پيو جو مان نائون ۽ ڏهون درجو وري پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيو، جتي به اهي ساڳيا استاد موجود هيا جن بهترين رهنمائي ڪري علم سان نوازيوسن 1997۔۔ ڏهون درجو پاس ڪري، نصير آباد ۾ موجود ڊگري ڪاليج ۾ يارهين درجي لا داخلا ورتم جتي سائين پروفيسر لعل بخش ڪلهوڙو(بائيو لاجي) جي گهڻي محبت ۽ شفقت نصيب ٿي، ۽ اتي پڻ سائين هارون احمد (اردو) سائين لطف الله وڳڻ (فزڪس) ۽ ٻيا استاد پڻ هُيا جن جا نالا ذهن ۾ نٿا اچن۔۔ٻارهين جماعت پري ميڊيڪل ۾ سن1999۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لا مان شاهه عبدل الطيف يونيورسٽي مان سن 2004 ۾ بي اي پاس ڪئي۔۔ٻارهين درجي ۽ بي اي جي مڪمل ٿيڻ جي وچ واري عرصي ۾ مان ڪراچي ۾ ئي ڪمپيوٽر ۽ انگلش لينگويج ۾ ڊپلوما ۽ ننڍا ننڍا ڪورس پڻ ڪيا پرائيويٽ ڪاليج مان ئي بي اي جي ڊگري حاصل ڪيم ان کان پو ڪراچي ۾ فيڊرل اردو يونيورسٽي مان ايم اي (آ ۔آر) مان سن 2010 ۾ پاس ڪئي جيڪا پرائيويٽ تعليم هُئي، ان کان پو هڪ نجي يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لا شام جا ڪلاس وٺڻ لڳس جتي به تمام بهترين استاد مليا جن مونکي هيومن ريسورس ۽ بزنس پڙهايو جيڪو هاڻ مڪلم ٿي ويو آهي بس ڊگري جو انتظار آهي۔۔اهڙي ريت هن مهل تائين منهنجي تعليم ، ايم بي اي تائين ٿي آهي انشا الله اهو تعليم حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    استد جی عظمت کی سلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو