وقت اها ٿئي وير دوئي دور ڪرڻ جي، ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل، هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل، متان ٿيئي اويل اولھـ سج نه الهي۔
ماري ويو ڪالھ رات، سونھن ڀريو سو تا ساميَڙو! راتو ڏينھان روح کي، طَلبَ تَنھن جي تات. ڪينَ سُڃاتم سرتيون، تا ڪھڙي آھي ذات. سور نه جھلڻ جِھڙو، ھاريون ڙي ھيھات. اَٺئي پھر تنھن جِي وائِي، �سَچوءَ� کي آھي وات.