انسان يا شيطان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    حوالو ؛ انگريزي اخبار عرب نيوز ، تاريخ؛ اربعا 20/01/2010مـــ
    سعودي عرب؛
    ________________________________________
    سعودي عرب جي شهر قطيف ۾ ڪاري جادوءَ جو ماهر پڪڙيو ويو آهي جنهنکي عدالت موت جي سزا ٻڌائي آهي؛ هي ڪاري جادوءَ جو ماهر عورتن کي سندن مسئلن حل ڪري ڏيڻ جي عيوض کين پنهنجي گهر گهرائي، مٿن جادو ڪري نه فقط پاڻ ساڻن برو عمل ڪندو هو ... بلڪ ٻين ماڻهن کي پڻ دعوت ڏئي عورتن سان برو فعل ڪرائي پئسا اڳاڙيندو هو (3000 ريال هڪ رات جا) ... هن وقت تائين اهڙي قسم جا 100 کان به مٿي واقعا ڪري ۽ ڪرائي چڪو آهي ... سندس گهر تي جڏهن ڇاپو هنيو ويو ته گهر مان 200 فلمون 180 سي ڊيز مليون آهن جي هن عورتن سان زنا ڪندي ڀريون آهن يا ٻين ماڻهن کان ايئن ڪرائيندي ڀريون ويون آهن، سندس سڄي گهر ۾ لڪل ڪئيميرائون لڳل آهن ... هو انهن فلمن ذريعي عورتن کي بليڪ ميل (ٺڳيندو) ڪندو رهندو هو ۽ مهيني جا گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه هزار ريال (11 لک پاڪستاني روپيا) ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ مان گڏ ڪندو هو ... سندس بئنڪ ۾ هن وقت 10 ڪروڙ پاڪستاني روپيا پيا آهن ...
    ________________________________________
    جيئن آءُ سمجهانٿو ته ايماني جون ڪمزور عورتون (۽ مڙد پڻ) اڪثر پنهنجي خاندان جي ڪنهن ماڻهونءَ کي مطيع ڪرڻ يا ڪنهنجي پيار پائڻ لئه يا ڪنهن کي هيٺاهون ڪري پريشان ڪرڻ لئه يا وري رزق جي فراواني لئه ... اهڙي قسم جي شيطاني ڪردارن وٽ ڦاسن ٿيون ... ۽ پوءِ اهڙي قسم جا شيطاني عمل ٿين ٿا ...

    اسانجو فرض اهو آهي ته پنهنجي آس پاس تي نظر رکون ۽ جي ڪي اهڙو ماڻهون جو ان جهڙي ڪنهن عمل ۾ رڌل آهي ته کيس پنهنجي وس آهر روڪيون ۽ جي نه مڙي ته کيس حڪومت جي حوالي ڪريون ۽ جي اڃان به انصاف نه ٿئي ؛

    لطيف چواڻي ته ؛ اهڙو ٺلهو ٿانءُ ڀنڃي ڇونه ڀورا ڪجي !!!

    رب العالمين کان دعا آهي ته انسانيت کي اهڙن شيطاني ڪردارن کان بچائي ۽ اسانجي معصوم ماڻهن کي عقل عطا ڪري ته هو ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪن جي سندن حق ۾ ناهن ... آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: انسان يا شيطان

    سائين واقعي ڪافي ٺڳ پير بنجي يا ڪي اهڙا غلط جادو وغيره جا عمل سکي پنهنجو ته ايمان برباد ڪن ٿا ليڪن ٻين کي به گنهگار ڪري پنهنجي عاقبت خراب ڪن ٿا الله اهڙن ظالمن کان امان ۾ رکي ۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: انسان يا شيطان

    سائين اهي ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪيترا ڏينهن هلندا۔ نيٺ ته قدرت واري کيس سزا ڏني۔۔۔ اهڙا الائي جي ڪيترا قصا اسان جي ملڪ ۾ به عام آهن۔۔ توهان جي ڳالهه وانگر نادان عورتون پنهنجي خاوند يا پنهنجي گهرڀاتين کي زيراثر ڪرڻ جي لالچ ۾، ڪمائي ۾ برڪت جي نالي تي لالچ ۾ اهڙي درندي صفت انسان (نه بلڪه شيطان چئو) جي هٿن اچو وڃن پوءِ هو پنهنجي درندگيءَ جو ۽ حوس جو نشانو بڻائڻ ۾ دير نه ٿا ڪن۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انسان يا شيطان

    ادا سائين الله رحم ڪندو ۔۔۔ بس اُن جي بارگاه ۾ هٿ مٿي کڻي منٿون ڪندو رهجي ته جيئن اهڙن شيطانن کان معاشرو پاڪ رهي ۔۔۔ بس هڪ ٻئي کي اهڙين خبرن پهچائڻ جو مقصد آهي، هڪ ٻئي کي هوشيار ڪرڻ ته جيئن ڪو اسانجي ويجهڙائي وارو انسان ان ٺڳي جي ٺاه ۾ نه ڦاسي ۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انسان يا شيطان

    ادا مست جي ڳالهه وانگر اهڙا واقعا اسان جي ملڪ ۾ به عام آهن۔۔۔ توهان ڪراچي شهر ۾ ديوارن تي لکيل اهڙن کوڙ عاملن جا اشتهار به پڙهيا هوندا ۔۔۔ ڪي عامل ٿا سڏائين ته ڪي وري بنگالي۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت انهن خلاف ڪريڪ ڊائون به ڪيو ۽ اهڙن جعلي عاملن کي ٽي وي تي آڻي دنيا آڏو وائکو به ڪيو پر جيڪڏهن انهن عاملن وٽ به ڪروڙين روپيا بينڪن ۾ موجود آهن ته هو ان ذريعي پنهنجا اپاء وٺي سگهي ٿو يا وري سندس ڪرتوتن مان فائدو وٺندڙ به حڪومتي حڪمران ٿي سگهن ٿا۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي۔۔۔
    جس آهي سعودي حڪومت کي جنهن اهڙي ماڻهون کي پڪڙي ٻين لاءِ سبق آندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو