اچو ته هاڻ ڪوهاڙي يا ڪوهاڙو ڏهاڙو به ملهايون

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته هاڻ ڪوهاڙي يا ڪوهاڙو ڏهاڙو به ملهايون. اجرڪ ٽوپي ۽ سنڌو ڏهاڙو ملهائجي ويو، پر افسوس جو سنڌوءََ ڏهاڙي کي ٻين سنڌي چئنلن موٽ نه ڏني؟ سبب ايوينٽ علي قاضي شروع ڪيو تڏنهن نه؟ توهان به ڪري سگھيئو پئي؟ قومي ايونٽ آهن، توهاکي به ايتري موٽ ملي ها. اهي ئي وڇوٽيون آهن جيڪي هڪ نٿيون ٿيڻ ڏين. ڀلا ڪُهاڙي ڏينهن لاءِ ڇا خيال آ؟

    ڪُهاڙو ، سختي مائل لفظ آهي ميل جو جيسچر ڏي ٿو ۽ اهو عمومن جنگلن ۾ ڪاٺ ڪٽڻ لاِ استعمال ٿيندو آهي ۽ ، روزگار جي ٽول لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ڪنهن قوم جو ڪلچر نٿو ٿي سگھي، ها البته، ڪُهاڙي قدري سافٽ لفظ آهي، فيميل يا نرمائي جو جيسچر ڏي ٿو، ڪلچر کي پڻ پريزنٽ ڪري ٿو، ڇو جو، اسان جي اسي پرسينٽ ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجي حفاظت لاِ هي ۡولهي تي رکيل هوندي آهي، جتي، اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو پاتل هوندو، اُتي ڪُهاڙي به ڪنڌ جي هڪ پاسي ضرور رکيل هوندي آ. ثابت ٿيو ته اهو اسان جي تهذيب و تمدن جو ٽيون نشان آهي، جنهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ تي به اسان فخر مان ڳاٽ اوچو ڪري هلندا آهيون. ڪٿي هي ايونٽ متنازيه نه ٿي وڃي ۽ ڪي شخصيت پرستي ۽ فوبيا جي ڪري هن قومي ايونٽ تي خاموش رهن ۽ ٻڙڪ به نه ڪڍن، اسانجي صلاح آهي ته هن ايوينٽ کي ملهائڻ لاِءِ هن جي ڊيٽ ڪو سنڌي ڏاهو ڏي ۽ اهو تفصيل پڻ ٻُڌائي تي ان تاريخ جي اهميت ڇا آهي ۽ پوءِ اسان هن فورم تي يا هر فورم تي راءِ ڏئي ڊيٽ فڪس ڪريون، جنهن ۾ هر سنڌي سمجھي ته هي هُن جي ڏنل تاريخ ۽ ايوينٽ اهي، يا سنڌ گورنمنٽ جو ڪلچر ڊپارٽمينٽ هن جي انائونسنگ ڪري جيئن ڪُهڙي ڏهاڙو جوڌن جي جدو جهد جو ڏينهن سمجھي هر سال سرڪاري طور ملهايو وڃي

    جيئن امتحان کا پهرين ٻار سبق ورجائيندا آهن ته جيئن سبق پڪو ٿي وڃي، هي ڏهاڙا به ائين ئي آهن. امتحان ته اڃا اچڻو آهي، غير جھموري قوتون تيزيءَ سان مُتحد ٿي رهيون آهن، ٽارگٽ هميشه جيئان سنڌ ، سنڌ جا ادارا، سنڌ جون نهرون يا درياءَ سنڌ جي تهذيب، تمدن يا سنڌ جا ميدان ئي هوندا آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو ئي آهن، جيڪو 61 سالن کان ڏسندا اچون، سائين صببغت الله شاه راشدي هُجي قاعد اعظم هُجي، لياقت علي خان هُجي، جي. ايم سيد هُجي، شهيد ذوالفقار عليڀُٽو هُجي، شهيد شاه نواز هُجي، شهيد مُرتضي ا هُجي، سجاد علي شاه هجي يا شهيد بينظير ڀوٽو هُجي، قربانيءَ جو ٻڪرو معاشي توڙي سماجي، سنڌ ۽ سنڌين کي ٿيڻو پوندو آ، قربانيون به سنڌ رهواسين جون کپن، شهادت به سنڌ جا جوڌا ماڻيندا، ، پاڪستان کُٽندو آ، ته سنڌ جا ماڻهو ئي جھولي جھلي دنيا کا اوڳاري ڪري ايندا آهن، ۽ جڏنهن خزانه ڀرجي ويندا آهن ته آءِ جي. آءِ جا ايجنٽ بس تيار ويٺا آهن، احتساب به اُنهن جو ٿيندو جيڪي اڳئي احتساب ٿيل هوندا، باقي ٻيا ته خُدائي فوجدار آهن، جنگل جا بادشاه وڻين ته بيضه ڏين وڻين ته جئندا ڄڻين، سنڌي مانهن جو احتصاب پُٺيان ٿيندو، هي بّش ڪيل آهن جو هي ڏوه ڪري قسم پيا کڻن ته آئيندا ڪون ڪنداسون، مڪمل معافي، ڀلي پي سي او سائين ڪيو ته چا، ڀلي معافي وٺي ٻاه ويا ته ڇا؟ ڀلا اهو ڇو، ان ڪري جو گھهر جا ڀيدي جي خريد ڪيل آهن، پنهنجڻ سان ملڻ ۾ عيب، انا، ايگو، ڌارين جي در تي جُتيون گسيندا؟ واه سنڌي وڏيرا، ڇا ته تُهنجي پاليسي آ.. پوءِ سنڌ ۽ سنڌي بچن يا مَرن؟ تون ئي سوچ.. اڃا وڪڻ سنڌ جا اثاثه ڌارين ۾؟

    . وا لله اعلم به ثواب ۽ جزاڪ الله، الله سائين قوم کي شعور ڏي آمين ثم آمين
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اچو ته هاڻ ڪوهاڙي يا ڪوهاڙو ڏهاڙو به ملهايون

    سائين منهنجا، ليک ته انتهائي ڳوڙهو آهي ۔۔۔ سمجهه وارن لئه ؟
    باقي ڪهاڙي ڏهاڙو ملهائڻ لئه منهنجو هٿ مٿي آهي ۔۔۔ يعني ها آهي ۔۔۔ باقي پاڪستاني سرڪار يا فوج چاهي ٿي ته اسان سنڌي ڪهاڙيءَ ۾ ئي راضي هجون جو هو پاڻ جديد کان جديد اسلحي سان سنوارجي دنيا جا خطرناڪ ترين ٿي چڪا آهن ۔۔۔

    مونکي هڪ انگريزي فلم ياد ٿي اچي جنهن ۾ هڪ پهلوان ڪردار هڪ سنهي سيڪڙي ڪردار ڏانهن ڪهآڙي ڦيرائيندو ۔۔۔ وڏيون وڏيون رڙيون ڪندو ايندو آهي ۽ هو سيڪڙو سنهڙو ڪردار آرام سان کيس ڏسندو رهندو آهي، جڏهن پهلوان کيس ويجهو ٿيندو آهي ته پاسي مان پستول ڪڍي هڪ ئي فائر ڪري کيس پورو ڪندو آهي ۽ پستول جي ناليءَ کي ڦوڪ ڏئي وري پاسي ۾ رکي ڇڏيندو آهي ۔۔۔

    سو ادا سائين مطلب ته هاڻ ڪهاڙيءَ کان ڳالهه چڙهي وئي آهي ۔۔۔ جديد دور آهي جديد هٿيار ۽ حڪمت عمليون آهن جي ڪنهن قوم کي دنيا جي حالتن ۾ جيئرو رکي سگهنٿيون ۔۔۔

    باقي ڳالهيون اوهانجون سون ورنيون ته سنڌي وڏيري ڀاڙيائپ ۾ دنيا جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو