سنڌ جي ماڻهن جو ڀٽو لاءِ انڌو عقيدو ئي هو جو هتان مان پيپلز پارٽي ٻيهر کٽيو..

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مان اڪثر فرنٽ لائين جي ميزبان ڪامران شاهد جو ذڪر ڪندو آهيان۔۔۔ جو هو هميشه ڪنهن به موضوع تي پنهنجي پروگرام کي جامع پيش ڪرڻ خاطر اتان جون زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ پهريان ايريا ڏسڻ سان گڏ اتان جي رهندڙن سان گفتگو پڻ ڪندو آهي ته جيئن کيس ڳالهه جي درست سمجهه اچي سگهي ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو پروگرام کي هر پاسي کان مڪمل طور پيش ڪندو آهي۔۔۔ رمضان ڪريم ۾ گهڻو وقت ٽي وي تي ويهي نه ٿو سگهجي پر ڪامران شاهد جي هن پروگرام مجبور ڪيو جو پروگرام لاڙڪاڻي شهر جي علائقي ڳڙهي خدا بخش يعني سنڌ تي ۽ ڀٽو خاندان تي تيار ڪيل هيو۔۔۔
    سندس پروگرام ۾ لاڙڪاڻي جي شهرين جو چوڻ هو ته سموري زندگي لاءِ انهن جو ووٽ صرف ۽ صرف ڀٽو کي آهي۔۔ ڪا ٻي پارٽي انهن کي گهر ٺهرائي ڏئي، سڪول بڻائي ڏئي ۽ سڀ سهولتون به ڏئي ته به ووٽ صرف ۽ صرف ڀٽو کي ئي ڏيندا۔۔۔ ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو انهن جي لاءِ وليءَ جو درجو رکندا آهن۔۔۔ هتان جا ماڻهون زرداري حڪومت کان به بيحد خوش آهن۔۔ حالانڪه پروگرام جي اينڪر ڪامران شاهد جو چوڻ هو ته هتي اچي کيس پتو پيو ته غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيئن زندگي گذاري ويندي آهي۔۔۔۔
    ڀٽو هتان جي ماڻهن لاءِ صرف هڪ سياسي ليڊر نه هو پر هو ان کي پنهنجو روحاني پيشواه به سمجهندا آهن۔۔ ڪجهه ماڻهون ته شرڪ ڪرڻ کان به مڙندا آهن ۽ ڀٽي جي قبر تي اچي سجدا ڪندا آهن۔۔۔ هوُ ته اهو به چوندا آهن ته ”ڀٽو بي اولادن کي اولاد ڏيندو آ۔۔“ (استغفرالله)
    لاڙڪاڻي جا ماڻهون ڀٽو جي عقيدت ۾ ڪيتري حد تائين اڳتي نڪري چڪا آهن۔۔۔ اڙدو پروگرام جي هن هڪ ننڍي ڪلپ ۾ ڏسو ۽ ٻڌو۔۔۔۔

    لاڙڪاڻو زوال جي هڪ داستان آهي۔۔۔ جنهن خطي جي بنجر زمين کي سنڌ درياء جون لهرون به آباد نه ڪري سگهيون۔۔۔ جتي سجدن لاءِ قبرون آهن، پوڄڻ لاءِ شهيد ۽ ووٽن لاءِ صرف ڀٽو۔۔۔ لاڙڪاڻي جا ماڻهون ۽ بي بي جي عقيدتمندن جي راءِ مطابق۔۔۔ ”بي بي جنهن کي ظالمن ماري ڇڏيو۔۔۔ جي اڃان عمر ئي مرڻ جي نه هئي۔۔ هاڻي زرداري هجي يا ڪو ٻيو سنڌي ۔۔ اسان لاءِ جتي به بي بي جو نالو ايندو ۔۔۔ اسان ووٽ صرف ان کي ئي ڏينداسين۔۔ اهو کڻي ڪهڙو به هجي۔۔ اسان سموري زندگي بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏينداسين۔۔۔ عمران خان هڪ پراڻو گنهگار ماڻهون آ۔۔۔ اسان لاءِ ڀٽو خاندان جا سڀ ماڻهون پاڪ ۽ صاف آهن۔۔۔ چاهي اهو زرداري ئي ڇو نه هجي۔۔۔ جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ ايتري ترقي نه ٿي آ ته اندرونِ پنجاب جي حالت ڪهڙو بهتر آ۔۔ نواز شريف جي حڪومت ڇا ڏنو آ۔۔۔ پهريان هتي صرف 4 ڪلاڪ بجلي ويندي هئي پر هاڻي 8 ڪلاڪ ٿي وڃي۔۔۔“


    مٿي پروگرام جا ڪجهه ٽڪڙا ان ڪري پيش ڪيا آهن ته هن اهم پروگرام کي وقت گهٽ هجڻ ڪري به دوست ڏسي سگهن۔۔ پر جيڪي دوست وڌيڪ دلچسپي رکندا هجن۔۔۔ اهي مڪمل پروگرام ڏسڻ لاءِ هيٺين وڊيو کي پلي ڪن۔۔۔۔

     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين وڊيوز ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن!1
    The attempt to connect to the server failed.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڳالهه اها آهي ته ماڻهن ۾ جڏهن ويساهه پيدا ٿيندو آ تڏهن ئي هو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن۔ اوهان ڀٽائيء جي مزار تي به هلو ۽ ماڻهن کان پڇو ۔۔۔۔ اوهان کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملندا جن کي لطيف جي شاعريء جي خبر ئي نه هوندي۔ هو ته لطيف کي مرشد سمجهي پنهنجون مرادون پوريون ڪرڻ لاء اچن ٿا۔

    اها صرف ڀٽي جي ڳالهه ناهي پر اها سنڌ جي ماڻهن جي سوچ آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واقعي سائين سليمان وساڻ سچ ٿو چئي۔سنڌي ماڻهن جي پنهنجي سوچ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڳالهه وري به تعليم جي اچي ٿي۔ علم سان ئي صحيح ۽ غلط عملن جي پروڙ پوندي آهي۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيل لازوال ڪارنامن کان منهن نٿو موڙي سگهجي پر اڄ جيڪو ڪجهه اُتي ٿي رهيو آهي ان جو دنياوي يا مذهبي طور تي ڪو به جواز نه آهي۔
    عظيم شخصيتن جي سندن مرڻ کا پو پوڄا ڪرڻ جي ريت اڄ جي ناهي۔ دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته آڳاٽي دور کان انسانن پنهنجي پنهنجي قوم جي وڏين هستين کي مرڻ کانپو عقيدت جي جذبي سان ياد رکڻ لا انهن جا بُت ۽ ٻيون يادگارون ٺاهي انهن جي عبادت ڪرڻ شروع ڪئي۔ شرڪ ۽ ڪفر جون ريتون رسمون انهن غلط عملن جي نتيجي ۾ ئي عام ٿين ٿيون۔
    الله پاڪ سنڌ کي ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي امان ۾ رکي۔ شل اسان سڀ دين اسلام ۽ دنياوي علم سان مالامال ٿي وڃون۔ آمين۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سنڌ جي ماڻهن جو ڀٽو لاءِ انڌو عقيدو ئي هو جو هتان مان پيپلز پارٽي ٻيهر کٽيو......اهڙي دعوى بلڪل غلط آهي ـ ٻين سياسي پارٽين جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسو ته اوهان کي ڏندين آڱريون اچي وينديون ـ بلدياتي آرڊيننس کانپوءِ، سنڌ جي ماڻهن ٻين سياسي پارٽين ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو هو ۽ هنن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه هاڻوڪي پير پاڳاري سان ڪيتريون اميدون وابستا ڪيون پر پير صاحب، پيري مريدي جي چڪر کي ڇڏي عوام ۾ ڪونه نڪتو، سوکيس سٺي موٽ ڪونه ملي ـ مٿان هاڻوڪي پير پاڳاري جي ڀاءُ جو اهو به بيان اخبارن ۾ ڇپيو ته فنڪشنل ليگ رڳو حرن جي پارٽي آهي ـ سوال آهي ته جيڪڏهن اها رڳو حرن جي پارٽي آهي ته ٻيا ان ۾ ڇو شامل ٿين؟
    جيستائين قومپرست پارٽين جو واسطو آهي ته سندن افعالن جي سڀني کي خبر آهي ـ تازو صحافي اسد چانڊئي پنهنجي اسٽيٽس تي لکيو ته هڪ وڏي قومپرست تنظيم جي ٻئي نمبر وڏي اڳواڻ ۽ سندس ڀائرن خلاف 22 ايف آءِ آر جون ڪاپيون هن سندس هڪ دوست کي ڏنيون جيڪي ڌاڙن، ڀنگ ۽ ريپ جي مقدمن جي باري ۾ آهن، سو قومپرستن کان به سنڌ جو عوام سخت مايوس آهي ـ
    حيدآباد جي هڪ نظرياتي قومپرست وڪيل جو ڪريڪٽر پنهنجي جاءِ تي سواليا نشان بڻيل آهي ـ 4 مارچ 1967 واري واقعي کانپوءِ جڏهن سنڌي ڇوڪريون پهريون ڀيرو سنڌ جي قومپرستيءَ واري تحريڪ ۾ شامل ٿيون ته سندس ڪرتوت انهن کي بي آبرو ڪرڻ هوندو هو ـ ڏسندي ڏسندي اهو قومپرست معمولي وڪيل مان ارب پتي بڻجي ويو ـ سو هاڻ سنڌ جو عوام ڀروسو ڪري ته ڪنهن تي ڪري؟
    هاڻ ڪا اهڙي پارٽي ٺهي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ فرق نه هجي ۽ عوام جي به خدمت ڪري ته عوام پ پ پ جي ڀيٽ ۾ ان کي ووٽ ڏيندو ـ في الحال پ پ پ، خراب ڪارڪردگيءَ وارين پارٽين مان ٿوري بهتر آهي، سو عوام ان کي ووٽ ڏئي ٿو ـ
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو