حجاب يا پردو

'سورنهن سينگار' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  2. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: حجاب يا پردو

    محترمي ومڪرمي سائين نثار صاحب هوءَ ته سڀ ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي سوچَ هوندي آهي۔ پر پنهنجي دينِ اسلام ۾ پردي جي تمام وڏي اهميت آهي۔ پر افسوس جو هن وقت اسانجي سَماج ۾ جن بُراين ڪَرُ کيون آهي انهن ۾ گهڻي قدر هٿ بي پردگيءَ به جو آهي جنهن جي ڪري روز به روز اِنهن برائين ۾ واڌ اچي رهي آهي۔ سائين توهانجي هيءَ تحرير پردي ۽ بي پردگي لاءِ بلڪل ٺَهڪي بيهي ٿي۔
    شل سدائين آباد هجو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حجاب يا پردو

    سائين ان ۾ سمجهه وارن لا۽ هڪ عظيم نياپو آهي

    اهڙي بهترين نموني سان سمجهاڻي لا۽ اوهان جس لهڻو

    سدائين گڏ
     
  4. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    جواب: حجاب يا پردو

    سائين عقل وارن لاٌء اشارو ئي ڪافي هوندو آهي ، توهان بهترين سمجهاڻي ڏني آهي ۔ سائين اسان جا سنڌي دوست نما دشمن چئنل بي پردگي جهڙي برائي کي عروج تي پهچائڻ جي دل و جان سان ڪوشش ڪري رهيا آهن ڇا انهن جي بيان ڪيل ثقافت واقعا سنڌ جي ثقافت آهي !!!
    بي پردگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ايڊز
    asul matt
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: حجاب يا پردو

    سائين ڍڪيل شيء ۾ تازگي سندس اصل جوهر تا دير قائم رهندو آهي ليڪن اڻ ڍڪيل شيء تي ماحول جو گرد وغبار خزان جي سخت هوا کيس جلدي بي رونق بنائي ڇڏيندي آهي ان ڪري هر شيء جو مناسب ڍڪ ضروري آهي گوشت جو مثال وٺو فرج ۾ ڍڪي رکو ڪافي ڏينهن تائين سلامت رهندو کلي فضا ۾ رکو جلدي بدبودار بنجي پوندو ۔ اسلام جو هر اصول انسانيت جي فطرت لاء سنوار آهي بس اسان کي سمجهه اچي سائين اوهان ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا واري مصداق تحت گهڻو ڪجهه ٻڌائي ويا آهيو۔ الله تعالي توهان کي جزائي خير عطا فرمائي۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: حجاب يا پردو

    اڄ هڪ ٽي وي تي پروگرام ڏٺم ۔۔۔ جنهن مان خبر پئي ته عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو آهي جنهن مطابق هاڻي ڪنهن به عورت کي ڊيڄاريو نه ويندو۔۔۔
    ان قانون تي بحث لاءِ ٽي وي تي هڪ عالم صاحب ۽ ٻن حڪومتي عورتن کي گهرايو ويو۔۔۔ افسوس ته عورتون عالمِ دين کي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ئي تنقيد ڪري رهيون هيون ۔۔۔ هڪ جاءِ تي هڪ عورت ته ايتري قدر چيو۔۔۔۔ ”سموري معاشري ۾ برائي جي پاڙ مرد آهي۔۔۔۔ جيڪڏهن قرآن پاڪ جي تعليم مطابق مرد پنهنجي نظر هيٺ رکي ته ڪا به برائي نه ٿي ٿي سگهي۔۔۔۔“
    جڏهن ته شو ۾ هڪ وزير فون جي ذريعي ٻڌائيندي اهو به چيو ته ۔۔۔”ان قانون سان عورت ڪنهن به نيڪ مرد کي بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي۔۔۔ ان لاءِ اسيمبلي کي مردن جي حقن بابت پڻ قانون پاس ڪرڻ گهرجي۔۔۔“

    هاڻي توهان ڇا ٿا چئو۔۔۔؟
     
  7. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: حجاب يا پردو


    سائين منهنجا، اصل ڳالهه اها آهي ته سمجهه جو ڦير آ، باقي سڀ خير آ
    اسان وٽ هڪ عام تاثر اهو آهي ته عورت کي پردو ڪرائڻ معني ان جا حق مارڻ آهي ۽ جيڪا عورت ننڍن ڪپڙن ۾ گهمي ته ان کي حق حاصل آهن۔۔
    جيڪڏهن اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي اسلام ۾ عورتن جو مقام ڇا آهي ۽ ٻين مذهبن ۾ عورتن کي ڪهڙا حق مليل آهن ته اصلي بحث ئي ختم ٿيو وڃي، پر علمي ڳالهيون سمجهڻ ۽ ڪرڻ لاءِ ڪير تيار ئي ناهي ته پوء ايئن ئي ٿيندو جيئن توهان ٽي وي تي ڏٺو۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حجاب يا پردو

    ادا سائين اسين ڇا چئون؟ عورتن کي ويچارا مرد ڪٿي ٿا ڊيڄارن، ڊڄ ته عورت جي پنهنجي نفس ۾ آهي ۔۔۔ ڪاڪروچ کان ڊڄڻ، وڇنئيءَ کان ڊڄڻ وغيره وغيره، اسين مرد ويچارا ته دنيا کان ڊڄون يا نه ڊڄون پر پنهنجي عورت کان ڊڄڻو ضرور آهي !!!

    ۔۔۔ پاڪستان ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا عجيب قانون ڪڏهن ۽ ڪٿي پاس ٿيندا ، ڀلا انهن جي ڪو پڪ ڏئي سگهي ٿو !!! دراصل جڏهن ماڻهون پاڻ کي چون ته مسلمان ۽ قانون اسلامي هجي ته انجي مخالفت ڪن ته انهن کي ٻين لفظن ۾ منافق چيو ويندو آهي ۔۔۔ يا وري منهن ۾ مسلمان اندر ۾ ابليس ۔۔۔
    باقي جنهن عورت اهو چيو ته مرد کي پنهنجي نظرون هيٺ رکڻ گهرجن ته اها ڳالهه به ٺيڪ دين جو حصو آهي ۔۔۔ حضرت علي ڪرم الله وجهه، پنهنجي نظرن کي ايترو ته هيٺ رکندو هو جو سندس لقب ئي ڪرم الله وجهه پئجي ويو ۔۔۔

    باقي ته ڀائڙا اسين پنهنجي معاشري لئه دعا ئي ڪري سگهونٿا ۔۔۔
     
  9. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: حجاب يا پردو

    محترم مڪرم جناب سائين نثار احمد ابڙا صاحب جڙيا هجو شال ۔۔۔۔
    قبلا سائين ڳالهڙي ته ڀلي لکي اٿوَ پر عمل ڪون ڪــــــــنداسين ڇو ته اسان وٽ علم شرعي آهي پر عمل نه آهي پر جن بزرگن وٽ عمل آهي ته اهي بزرگ مجور آهن جو انهن جي چوڌاري لکن جي تعداد ۾۔۔۔۔۔۔ رهن ٿا۔ سائين قبلا اسان جي پاڙي جي مسجد ۾ ڳوٺ وارن دعوت ڏئي مولوي صاحب جن کي گھرايو ۽ مولوي صاحب جن آيا سڄي شهر ۾ خبر پئجي وئي ته رات مسجد ۾ واعظ آهي ۔ منهنجي چاچا مرحوم کي پنهنجي دوست چيو ته رات مسجد ۾ واعظ آهي مون سان گڏجي هلجان واعظ تي۔
    چاچا ۔ ادا توهان وڃجو مان ٿڪيل آهيان۔۔۔۔۔۔
    دوست ۔ يار توهان کي ضرور هلڻون پوندو ۔ مولوي صاحب جن پري کان آيا آهن توهانکي هلڻون پوندو
    چاچا۔ انهن دوستن کي جواب ڏنو مان هلڻ جهڙو نه آهيان توهان وڃو۔۔۔۔۔۔ دوست ويا ۽ چاچا نه ويو
    دوست ۔ صبح ٿيوچاچا وٽ آيو
    چاچا۔ پنهنجي دوست کان پڇو ادا رات مولوي صاحب جن ڇا ٻڌايو
    دوست ۔ ادا مولوي صاحب جن رات ڏاڍي ٻڌائي
    چاچا۔ ادا مولوي صاحب جن ڪجه ته ٻڌايو هوندو بسڙي ادا ڇاٿو پڇين ڏاڍي ٻڌايائين۔
    قبلا سائين ڏاڍي ٻڌائڻ جو مقصد مولوي صاحب جن جو آواز يعنى مٺڙو سر ٻڌي آيا آهن جيڪـڏهن ان جاءِ تي ڪو فنڪـار جو راڳ هجي هان ....
    سڀ ڪلام ياد هجن هان .
    قبلا سائين عورت امڙ به آهي عورت ڀيڻ به آهي عورت زال به آهي عورت ڌيءَ به آهي ۔
    قبلا سائين عو رت ڪـــڏهن به ڪنهنکي سڏ ڪــري چيو................ آهي
    قبلا سائين ڪـا ب عورت غلط نه آهي نه ٽيليويزن جو قـصور آهي نه فلم وارن جو قصور آهي . قصور گھرجي پاليندڙ جوآهي .
    جيڪـــا پوکيندو اهائي لڻندو
    مثال : اڄ يارهين بجي حضرت مولوي رحيم بخش صاحبن جي ٽيليوزن تي اسلامي تقــرير آهي انجو جواب توهانکان ٿو گھران عوام ٻڌندو....... يا .....
    مثال : اڄ پنجي بجي پٿر دنيان ڊامون هلي رهيو آهي انجو جواب توهانکان ٿو گھران عوام ڏسندو .... يا .........
    قبلا سائين هڪـ ٻڌل قصو آهي پڙهيو ناهي الله سائين کي علم آهي
    صحيح يا غـلط عالم الله
    جمع جو ڏ ينهن هو مولانا خطبوڏئي رهيو هو۽ توهان وانگر حجاب جي نصحت ڏئي رهيو هو چوڻ لڳو اگر حجاب واري عورت جي پير جي کڙي کان مٿي ٽڻيئنءَ تي نظـر پئجي وڃي ته وضوءُ ڀڄي پوندو ۽ ٻهر وضوءُ ڪــــرڻو پوندو
    اهي لفظ پاڙيسري عورت ٻڌا ۽ عصر جي نماز کان ٿورو اڳ۾ اچي مسجد جي دروازي تي بيهي مولانا کي سڏڻ لڳي مولانا جواب ڏنس وضوءُ ٿو ڪــيان ٿورو صبر ڪــر مائي جڏهن مولانا صاحب جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ لڳي يقد م صلوار کي پڪـڙي مٿي ڪــرڻ لڳي پنيون ظاهر ٿيڻ لڳس مولانا آيو مائي کان سوال ڪيو مائي خير ته آهي . هاڙي ادا خير نه آهي ٻڪـري ته مسجد ۾ ڪـــان آئي آهي نه مائي مولانا واپس مسجد وڃڻ لڳو مائي آواز ڏنس اڙي ادا توهان اڄ مسجد ۾ واعظ پي ڪيو ته جيڪڏهن عورت جي ٽڻين تي نظر پوندس وضوءُ بڄي پوندو . مولانا سمجهي ويو ، مولانا مائي کي چوڻ لڳو هڪـــ منٽ بيه مولانا مسجد ۾ ويو هڪــ ڪتاب کڻي آيو اچي مائيءَ کي ڏ نائينس ۽ مائي کي چيائين هي ڪتاب فلان جي گهر ۾ ڏي ۽ فلاڻون ڪتاب وٺي اچ ته پوءِ مان توکي تنهنجي سوال جو جواب ڏيان ٿو .
    مائي فلان جي گهر ڏانهن وئي خير سان پهتي دروازو کڙڪايو ۽ مائي آواز ڏنو دروازو کول مان فلاڻي آهيان مولانا توهان جي لاءِ ڪتاب ڏنو آهي ۽ فلاڻون ڪتاب مولانا کي کپي ۽ در کول مان اندر اچان اندران آواز آيو ٿورو صبر ڪر اهيو چئي ڪتاب کيائني پر ڪتاب کڻڻ کان اڳ۾ پنهنجي هٿ کي ڪپڙو ويڙهي ڍڪي ٿورڙودروازو کولي ٻانهن ڪڍي چيائينس ته ڪتاب ڏي مائي ڪتاب ڏنو ۽ ٻيو ڪتاب وٺي آئي مولانا وٽ مائي چوڻ لڳي مولانا کي ڪهڙي ماڻهن جي گهر موڪليو اٿئي جو دروازو به نه کوليائون۽ هٿ کي ڪپڙو ويڙهي پوءِ ڪتاب ورتائين ۽ ڏ نائين مائي ڪاوڙ مان چيو .
    مولانا چيس اي مائي مون جمع جي خطبي ۾ ان حجاب وارين عورتن جي ڳاله ڪئي هئي انهن عورتن جي ٽڻين تي نظر پئي ته وضوءُ ڀڄي پوندو. باقي تون سڄي ............. ٿي بيهين تڏهن به وضوءُ نه ڀڄندو
    آخر ايترو چوندس جن بزرگن جي گهر۾ قرآن جو درس آهي ان جاءِ تي حجاب ضرور هوندو .
    ادا نثار نصيحت ڏيڻ لاءِ جزاڪ الله خير رب العالمين توهانکي ۽ توهان جي اولاد کي صالح ڪندو ۽ دعائون ڪيون ٿا انهن ادڙين ڀينرن کي رب سائين پناه ۾ رکي ۽ سڌي رستي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين

    الله نگھبان
    توهان جودعاڳو
    مڪو پاڪ کـان
    علي منير لوهار پاٽائي shal judy hujeen
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حجاب يا پردو

    سائين محترم پاٽائي صاحب، اوهانجو ليک ته سون تي موتي مڙهڻ واري ڳالهه آهي ۔۔۔

    پر جيئن ته اسين ۽ اوهين سڀ ان ڳالهه ته متفق آهيون ته ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ سو مٺا همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ اسانجي همٿ سان ممڪن ڪنهن قدر سڌارو ٿي پوي ۔۔۔ پوري سماج کي سڌارڻ جي شروعات به ڪنهن هڪ کي سڌارڻ سان ٿيندي آهي ۔۔۔ ڪٿي مون تازو پڙهيو ته ڏهه هزار ڪوهن جو پنڌ به پهرين وک سان شروع ٿيندو آهي ۽ منزل کان وڌيڪ اهميت رستي جي هوندي آهي ۔۔۔

    سو ادا اچو ته سڀ گڏجي وکون کڻون ممڪن آهي ته پنهنجي سماج کي اڳ کان اڳرو ڪري سگهون ۔۔۔
    ۔۔۔ کس ڪم جهان پاڪ ۔۔۔ برائيءَ جيتري گهٽ، جهان اوترو پاڪ ۔۔۔
     
  11. درويش

    درويش
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: حجاب يا پردو

    پيارا سائين خوش هجو شال
    ادا اسين ٻڌو آهي حضرت علي عليه السلام ڪڏهن به بتن جي پوڄا نه ڪئي هئي سو اهو لقب مليو هيس۔ باقي توهان کان مو اها نئين ڳاله ٻڌي آهي
    باقي ادا حجاب اسلامي نقطه نگاه سان عورت جو هڪ زيور آهي الله سائين سڀني عورتن کي توفيق ڏئي ته ان زيوار سان هميشه سنواريل هجن۔
     
  12. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    جواب: حجاب يا پردو

    shal judy hujeen
    سائين وري به مرد ڏوهاري ادا اسان کي قبول آهي پر ڪجه عورتون به پنهنجي پوشاڪ صحيح ڪن تاڪه ڪنهن مرد کي به انهن جي طرف ڏسڻ جي لالچ نه ٿئي باقي ادا سائين مرد اکين تي پٽيون ٻڌي ته نه گهمندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔کچه دو کچه لو وارو حساب هجڻ گھرجي بهرحال اسان کي بي پردڱي ۽ بي ديني جا برا اثر يورپ ۽ آمريڪا سيميت هر ان ملڪ ۾ ڏسڻ وٽان ملن ٿا جتي بي پردگي بي ديني عام آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو