صنف بابت تبديل ٿيندڙ رويا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    [ صنف بابت تبديل ٿيندڙ رويا
    ( تحرير عاجز سمون )

    صدين کان وٺي عورت جي بابت هر سماج ۾مختلف رويا موجود آهن ـ توڙي جو انسان گلوبلائيزيشن، ٽيڪنالاجي، ٽيليڪميونيڪيشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ رهي پيو تڏهن به هو صدين بلڪه هزارين سالن کان سندس دماغ جي اونهاين ۾ ويهي ويل انهن غير حقيقي ڳالهين کان جان نه ڇڏائي سگهيو آهي ـ عورت جي پنهنجي پاڻ سڃاڻپ جي تحريڪ يورپ ۽ آمريڪا ۾ گذريل ويهين صديءَ جي شروعات ۾هلي ۽ اتي هڪ حد تائين عورت پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب وئي ـ پر مڪمل طرح نه، ڪنهن بہ سماج ،طبقي، گروہ، ذات، پارٽي کي گهرائي سان پرکڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان جا قدر پرکجن، تيئن عورت جي آزاد هجڻ جا پڻ هر سماج ۾ مخصوص قدر آهن ـ انهن قدرن تي پورو لهندي يورپ، آمريڪا ۽ هاڻ اوڀر ڏکڻ ايشيا جون عورتون پنهنجو پاڻ کي مرداني حاڪميت مان آزاد سمجهن ٿيون ـ پر اهي قدر پڻ مرداڻي بلڪه جاگيرداڻي، ان کان اڳ غلاماڻي ۽ هن صقت سرمائيدارنه سماج جا جوڙيل قدر آهن ـ
    هڪ طرف تہ عورت انهن قدرن تي پوري لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ٻي طرف وري مرد جي سگهاري هجڻ جي قدرن تي پوري لهڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجو روپ تبديل ڪندي ذري گهٽ مرد ٿي پئي آهي ـ لاشعوري طور تي اها ڳالهہ ثابت ڪئي آهي تہ مرد جنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي اعلا چورائي ٿو تہ ان تي پوري لهڻ کان پوءِ عورت مرد جو مقابلو ڪري سگهي ٿي ان جي برابر ٿي سگهي ٿي ان کان بالاتر ٿي سگهي ٿي ـ اڄ اسان کي پنهنجو پاڻ کي ماڊرن عورت چورائيندڙ ۾ اهي ٻئي رجحان ملن ٿا پر اهي ٻئي رجحان عورت جي سڃاڻپ ، انهن جي انفراديت ۽ سندس مخصوص صلاحيت جي راه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن ...
    هن ڪائنات ۾ جيڪي بہ شيون آهن انهن جا پنهنجا پنهنجا ماپ، تورجا پيمانہ آهن ـ جيڪي ائٽم جي اندر اليڪٽران جي رفتار جا پيمانا آهن اهي ڌرتي يا سج جي رفتار سان ڪونہ ٿا لاڳو ٿين هر هڪ شي پنهنجي اندر هڪ مخصوصيت انفراديت رکي ٿو ـ هر هڪ شيءِ ۾ پنهنجون اوليتون، برتريون پنهنجون ڪمتريون آهن جن جو تعين حالتن ۽ ماحول تي دارومدار رکي ٿو ـ
    اڄ جيڪڏهن اسين پنهنجي سماج ۾ موجود مڙسي، سگهہ، هوشياري، برداشت سختي جي پيمانن ۽ قدرن جو تجزيو ڪنداسين تہ اهي اسان کي مردن جي برترين تي دارومدار رکندي نظر اينداـ ڇاڪاڻ تہ انهن جو تعين مرداڻي سوچ آهي ـ برترين کي قرن ۽ پئمانن ۾ ڪيئن تبديل ڪيو وڃي ٿو ـ تنهن کي ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي ـ هڪ ڊگهو انسان ڊگهو هجڻ ۾ برتر آهي ۽ هڪ بندرو انسان بندرو هجڻ ۾ برتر آهي، جيڪڏهن هڪ ڊگهو انسان خوبصورتي عظمت ۽ بهادري جي قدرن کي ڊگهي هجڻ سان ڳنڍي ته اهو شخص ازخود خوبصورت عظيم ۽ بهادري جي پئمانن تي پورو لهندي نظر ايندو فطري طرح اهو شخص ڊگهي هجڻ ۾ به بر تر آهي ۽ ان ڊگهي هجڻ کي خوبصورت عظمت ۽ بهادري سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ـ
    تيئن ئي عظمت، بهادري، سگهہ، هوشياري، ڏاهپ، برداشت جا پئمانہ۽ قدر اهي طئہ ٿيل آهن جنهن ۾ مرد فطري طرح برتر آهي ـ اصل ۾ اهي سڀ قدر ۽ پئمانہ سواليہ آهن ـ تنهن ڪري عورت پئمانہ ۽ قدرن تي پورو لهندي ڪڏهن بہ پنهجين فطري برترين کي نہ ٿي سڃاڻي سگهي ـ اهي مرداڻين فطري پئمانن تي ٻڌل پئمانہ غير جانبدارانه بلڪه جانبدار آهن ـ تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ هڪ طرف مرد جي قدر ۽ پئمانن کي ڪيو وڃي ٻي طرف عورت پنهنجي فطري، سماجي ۽ تاريخ ۾ برترين کي ڳولهي لهي ـ
    Ajizsamoon@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو