سنڌ سلامت – ساهه سلامت ، ناطق ڪمبوه هالاڻوي جو شعري مجموعو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2013۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ سلامت – ساهه سلامت
    ناطق ڪمبوه هالاڻوي جو شعري مجموعو
    *****


    ڄايس کڻي جالنڌر، آهي سنڌ مان خمير منهنجو،
    سچل ۽ لطيف سائين، مرشد ۽ پير منهجو،
    سارا ئي ناتا ٽوري، ڇڏيا مون سنڌ سان جوڙي،
    سنڌ جسم، ذهن منهنجو، سنڌ آهي ضمير منهنجو.
    ---
    [​IMG]
    منهنجي هٿن ۾ ناطق ڪمبوه هالاڻوي صاحب جو شعري مجموعو “سنڌ سلامت – ساهه سلامت” موجود آهي جيڪو سندن صاحبزادي علي محمد بابر مونکي سوکڙي طور ڏنو. هي مجموعو عطا پبليڪيشن، هالاڻي، سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي. ڪنهن غير سنڌيءَ پاران سنڌي شاعري تي ايترو عبور ۽ سنڌ سان ايتري محبت ڏسي مان مجبور ٿي پيس ته اوهان سان سندن شاعري ونڊيان. سندن مختصر تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو.

    5 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي وڏڙن سان ڀارت جي رياست ڪپور ٿله ضلع جالنڌر کان اچي سنڌ آباد ٿيا. پرائمري تعمليم کان ويندي ايم-اي تائين سندس ذريعه تعليم يعني ميڊيم اردو رهيو اٿن. جڏهن ته سندن وڏڙن جي مادري زبان پنجابي هئي ۽ آهي. هن وقت ماشاءالله 69 سالن جي ڄمار اٿن. 1960 ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون ۽ 1964 ۾ تعليم کاتي سنڌ ۾ بحيثيت جونيئر اسڪول ٽيچر (ڊرائينگ اينڊ آرٽ ٽيچر) هاءِ اسڪول نئون ديرو ،ضلع لاڙڪاڻي ۾ ملازمت ڪيائون.

    ناطق صاحب جي زيرِ عنوان شاعري جي مجموعي ۾ شاعري جو گهڻو حصو سنڌسان محبت ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين جي نشاندهي تي مشتمل آهي.

    پاڻ پنهنجي شاعري جي باري ۾ ڪجهه هن لفظن ۾ وضاحت ڪئي اٿن:
    “وزن، بحر مان بنهه ڪونه ڄاڻان، گهاڙيٽن جي به ڄاڻ پوري ساري اٿم تنهن ڪري مسلسل بي وزن شاعري ڪندو ٿو اچان، جيتوڻيڪ مون پاڻ ۾ شاعر هجڻ جي سگهه نه ساري آهي ، البته سڌ ضرور ڪئي اٿم . جيڪڏهن منهنجا ڏاها دوست ۽ صاحبِ علم ڏات ۽ ڏانوَ ڌڻي مننجي هن تُڪبندي کي شاعريءَ جو شرف ڏئي شاعر چوندا ته اها انهن جي وڏوڙائي هوندي”

    سندن شاعريءَ ۾ شامل ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو جيڪي ناطق جي سنڌ سان جنون جي حد تائين محبت جو ثبوت آهن...
    ----
    اسان جي آزادي آ اسان جي هٿن ۾،
    اجايو لِڪون ٿا ٻين جي ڪڇن ۾ .

    پراون محلن کي اسين ڇا ڪنداسين،
    اسان کي فرحت پنهنجي ئي ڪکن ۾.

    مران جڏهن مان “ناطق” ته مونکي به ويڙهجو
    ڦُليءَ واري ڳاڙهي اجرڪ سان ڪفن ۾.

    ******

    جي ڪنڌ ڪپائي وينداسين،
    ڪي ڪنڌ جهڪائي وينداسين.

    نئين ڳالهه ٻڌائي وينداسين،
    ڪا الک جڳائي وينداسين.

    ڪري ڳاڙهي رت سان گُــل ڪاري
    هر سينڌ سجائي وينداسين.

    سِر ساهه جو سانگو لاهي “ناطق”
    سُرُ سورٺ ڳائي وينداسين

    *******
    سنڌسلامت، ساهه سلامت،
    جيت جڻو گندگاه سلامت .

    ڀِٽون.، برپٽ، باغ باغيچا،
    سِنڌو ساگر، درياهه سلامت.

    سنڌي ٻولي سُڳنڌ پکيڙي،
    سامي، سچل شاهه سلامت.

    رهن سدائين واهڙ وهندا،
    نارا، ڍورا، واهه سلامت.

    اڀرا سَڀرا هاري ناري،
    چون سڀيئي واه واه سلامت.

    سنڌڙي تنهنجي وَڻن ٽِڻن جا،
    “ناطق” رهندا لاهه سلامت.

    *******

    هي سنڌ سموري شيرن جي،
    آهي مانجهي مُڙس مٿيرن جي.

    آهي ٻچو ٻچو شهباز جيان،
    ڪا جاءِ نه ڪانون ڳيرن جي.

    متان سمجهي ڪو ڪمزور آهيون،
    ڪيون ڳالهه ٿا ڳالهه نبيرڻ جي.

    *******
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻولي سُڳنڌ پکيڙي،
    سامي، سچل شاهه سلامت.

    سنڌ سلامت اسان جو به نعرو آهي ۽ اوهان جو تبصرو وڻيو ۔۔۔ ڀلا اهو ڪتاب جيڪڏهن سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ ملي وڃي ته پوء واهه واهه ٿي ويندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌسلامت، ساهه سلامت،
    جيت جڻو گندگاه سلامت .

    ڀِٽون.، برپٽ، باغ باغيچا،
    سِنڌو ساگر، درياهه سلامت.

    سنڌي ٻولي سُڳنڌ پکيڙي،
    سامي، سچل شاهه سلامت.

    رهن سدائين واهڙ وهندا،
    نارا، ڍورا، واهه سلامت.

    اڀرا سَڀرا هاري ناري،
    چون سڀيئي واه واه سلامت.

    سنڌڙي تنهنجي وَڻن ٽِڻن جا،
    “ناطق” رهندا لاهه سلامت

    شاعر جي لفظن جي تڪ تور ايترو ته موهت ڪيو جو ساڻس ملڻ لاءِ دل اڇل کاڌي۔۔۔
    ادا ساجد ڪتاب تي موجود شاعر جي ايڊريس ۽ رابطو نمبر ادا سليمان ڏانهن ڏياري موڪليو ۽ جي بهتر سمجهو ته مون ڏانهن پڻ ساڻس فون تي ڳالهائي کائن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي جي درخواست سان گڏ ملڻ جو وقت به گهر سگهجي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو