ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو راڳ ۽ ان جا راڳائي تي ڊاڪومينٽري فلم ٺاهڻ تي ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر ناز سهتو کي تنڊو محمد خان پريس ڪلب پاران آجياڻو ڏنو ويو.​

    16 فيبروري 2010ع تي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پاران ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتوکي هڪ آجياڻو ڏنو ويو، هن تقريب جي ٻين مهمانن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ بهترين ڪمپيئر محترم نصير مرزا، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او مهر صاحب، روزاني شام اخبار جو ايڊيٽر زاهد ملڪ، ضلع حيدرآباد جو انفارميشن ڊاريڪٽر، نامور ڏاهو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر سائين پير بخش پياسي، پروفيسر سائين فدا احمد سرهيو، ڊاڪٽر جي ايم گُل، ضلع جو نائب ناظم پير اشفاق جان سرهندي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان جو سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر مشڪور ڦلڪارو، يونين ڪائونسل جو سابق ناظم محترم خليل ميمڻ، کان علاوه صحافي برادريءَ جي وڏي انگ ۽ شهر جي معززين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته هن تقريب جي صدارت خيرپور يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسلر ۽ نامور اديب محترم حميد سنڌي ڪئي.
    سڀني ڳالهائيندڙن ناز سهتي جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ ۽ ان جا راڳائي جي ڊاڪومينٽري واري ڪم جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. اها ڊاڪومينٽري قسطن ۾ ڪي ٽي اين تان ڏيکاري وئي هُئي. آخر ۾ ناز سهتي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان وارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ جا اڃا به ڪيترا ئي رنگ عوام الناس جي سامهون اچي نه سگهيا آهن، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اهي رنگ محنتن سان ئي نڪري نروار ٿي سگهن ٿا، هن شاهه جو راڳ ۽ ان جا راڳائي جي ڊاڪومينٽري ٺاهڻ جي باري ۾ ڪافي ساريون ساروڻيون ونڊيون. پيش آهن هن آجياڻي جي تصويري ڪهاڻي. دوستن کي اهو ٻُڌائيندو هلان ته اهي تصويرون مون 16 فيبروري 2010ع تي ڪڍيون هيون پر ڪجهه ڳاٽي ڀڳل مجبورين سبب بروقت توهان سان ونڊ نه ڪري سگهيس . پر سائين نثار ابڙو جِي چواڻي موجب دير آيد درست آيد .

    [​IMG]

    [​IMG]
    پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران تمام خوبصورت ۽ وڏو بينر لکرايو ويو جيڪو ٻن حصن ۾ توهان جي خدمت ۾ پيش آهي​


    [​IMG]
    محفل جو مور ڪي ٽي اين نيوز سنڌي چينل جو سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو اجرڪ جي پٽڪي ۾ تمام خوبصورت لڳي رهيو آهي​

    [​IMG]
    جناب قلندر شاه لڪياري، محترم حميد سنڌي، محترم نصير مرزا ۽ ناز سهتو اسٽيج تي موجود آهن​

    [​IMG]
    جيئن ته 16 فيبروري 2010ع تي سيءُ تمام گهڻو هو، ان ڪري سائين نصير مرزا شال ۾ ۽ محترم ناز سهتو اجرڪ ۾ ويڙهيا پيا آهن​

    [​IMG]
    محترم حميد سنڌي، سائين نصير مرزا ۽ محترم ناز سهتو خوشگوار موڊ ۾​

    [​IMG]
    هن آجياڻي ۾ موجوده دور جي سنڌ مشهور فنڪاره صنم ماروي ۽ سندس ننڍي ڀيڻ پڻ مهمانن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي​

    [​IMG]
    جيئي سنڌ ترقي پسند خواتين ونگ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر مسز خاصخيلي پڻ هن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي​

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه جناب ناز سهتو کي گُلدستي جو تحفو ڏيئي رهيو آهي۔​

    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪاره صنم ماروي خوشگوار مُوڊ ۾​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو

    [​IMG]
    معروف ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، محترم ناز سهتو ۽ مشڪور ڦلڪارو خوشگوار موڊ ۾ ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ورهين کان پوءِ مليا هُجن​

    [​IMG]
    محفل جو مور جناب ناز سهتو، پنهنجي ڊاڪومينٽري فلم شاهه جو راڳ ۽ راڳائي جي باري ۾ ساروڻيون شرڪت ڪندڙن سان ونڊ ڪري رهيو آهي​

    [​IMG]
    سنڌ مشهور ڪيمپيئر جناب نصير مرزا ناز سهتي جي شيخصيت ۽ سندس ڪاوش شاهه جو راڳ ۽ ان جا راڳائي واري ڊاڪومينٽري فلم تي پنهنجي ويچار ونڊي رهيو آهي​

    [​IMG]
    ضلع ٽنڊو محمد خان جي ڊي پي او جناب مهر صاحب پڻ هن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻه لفظ ڳالهايا​

    [​IMG]
    حيدرآباد ضلع جو ڊائريڪٽر پريس انفارميشن ناز سهتي جي ڊاڪومينٽري واري ڪم جي تعريف ڪري رهيو آهي​

    [​IMG]
    روزانه شام اخبار جو ايڊيٽر محترم زاهد ملڪ ناز سهتو جي گهڻ رُخي شخصيت تي ڳالهائي رهيو آهي​

    [​IMG]
    پريس ڪب ٽنڊو محمد خان صدر محترم سرفراز ڀٽي ناز سهتو ۽ آيل سڀني معزز مهمانن کي آجياڻو ڏئي رهيو آهيو​

    [​IMG]
    پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري جناب رند صاحب تقرير ڪري رهيو آهي​

    [​IMG]
    ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش ضلع ٽنڊو محمد خان جو نمائندو محترم غلام نبي ڪيريو جناب ناز سهتو جي شخصيت تي ويچار ونڊي رهيو آهي​

    [​IMG]
    ضلع ٽنڊو محمد خان جو سابق نائب ناظم محترم پير اشفاق احمد جان سرهندي پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو

    [​IMG]
    خيرپور يونيورسٽي جو سابق وائيس چانسلر ۽ سنڌ مشهور اديب محترم حميد سنڌي پنهنجو صدارتي خطبي ۾ خطاب ڪندي۔​

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو نامور صحافي محترم اعظم ڀٽي جنهن هن تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض ادا ڪيا۔​

    [​IMG]
    سنڌ جو ڏاهو پروفيسر سائين قلندر شاهه لڪياري شاهه جو راڳ ۽ سندس راڳائي واري ڊاڪومينٽري فلم تي ڳالهائي رهيو آهي​

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو مشهور صحافي نالو وسري ويو اٿم پڻ محترم ناز صحتو جي شخصيت تي ڳالهائي رهيو آهي​

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ميمبر محترم سائين ڊاڪٽر پروفيسر قادربخش منگسي صاحب پڻ هن تقريب ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا​

    [​IMG]
    هن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ هڪ ناري
    [​IMG]
    پروفيسر سائين فدا احمد سُرهيو، يوسي 3 ٽنڊو محمد خان جو سابق ناظم محترم خليل ميمڻ ۽ هڪ شهري​

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جا شهري​

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي نوجوان ميمبر ۽ ڪي ٽي اين ضلع ٽنڊو محمد خان جو مين ڪيمرا مين سيد غلام علي شاهه کان سواءِ شهر جي هر تقريب اڌوري هوندي آهي​

    [​IMG]
    سُهڻا ماڻهون ٻيا به هزار پر سنڌي ماڻهون پڌرا لکن ۾​

    چڱو دوستو يار زنده صحبت باقي وري ڪنهن نئين تقريب ڪنهن نئين ادبي ميڙاڪي يا ڪنهن نئين آجياڻي ۾ ملنداسين الله حافظ
     
  4. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو

    ادا
    ناز سهتي صاحب جي شخصيت جنهن ڪاوش سان شاهه صاحب جو راڳ ۽ ان جا راڳائي واري ڊاڪومينٽري فلم تيار ڪئي آهي ان لاء کيس جيتري بـ جس ڏجي تـ بـ گهٽ آهي، جنهن لاء لطيف سرڪار ، ناز صاحب کي پاڻ نوازئيندو ، ڇو تـ الله وارن جي صحبت ۽ سندن پيغام جي پرچار ئي انسان جي شخصيت کي باوقار بنائي ٿو.
    ان سان گڏ اوهان جنهن حب سان ناز کي ڏنل آجياڻي کي تصويرن ۾ سموئي پيش ڪيو آهي ان لاء اوهان کي داد ڏيڻ کان لئوائي نٿو سگهجي

    lajwab-sharing
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو

    ادا نثار ناز ! ... ناز سهتي تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ اسانکي اها خبر پئي ته ڪي ٽي اين جي سهڪار سان شاه جي راڳ ۽ راڳائن تي ڪا مفصل ڪهاڻي ٺهي آهي، پر ان سان گڏ ان ڊڪيومينٽِري جي ڪا جهلڪ هجي ها ته هوند سون تي موتين جو ڪم ٿي پوي ها ۔۔۔

    لک ٿورا ادا ناز ۔۔۔۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪي ٽي اين جي سينئر رپورٽر محترم ناز سهتو کي پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو

    ناز سهتو جي تحقيقي ڪم جي تعريف نه ڪرڻ واقعي بي واجبي هوندي۔۔۔ هوئن ته پاڻ سنڌ جي مسئلن بابت به ڪافي ڊاڪيومينٽريز بڻايون آهن۔۔۔ سنڌ جي مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا انٽرويوز پڻ ورتا آهن۔۔۔ پر سندس لطيف سرڪار جي راڳ بابت ڊاڪومينٽري فلم شاهه جو راڳ ۽ راڳائي ڪافي مشهور ٿي ۔۔۔ ان ڊامڪيو مينٽري فلم جون ڪجهه جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=C-bai8oaPzY

    تمام مهرباني سائين نثار ناز جن جي جن هن تقريب بابت هڪ مفصل رپورٽ سنڌ سلامت جي زينت بڻائي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو