جهرڪ جي باري ۾ انگريزن جا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جهرڪ جي باري ۾ انگريزن جا خيال ( تاريخ جا ورق )
    ـ ٺٽو ضلعو طبعي لحاظ کان وارياسي ڀٽن ، ڪلراٺي زمينن ۽ ساحلي ايريا تي مشتمل آهي ، پرجابلو پٽي پڻ هن ضلعي ۾ شمار ٿئي ٿي ـ درياء سنڌ جي ڪنڌي تي اوچين ٽڪرين جي اوٽ ۾ آباد جهرڪـ جو شهر جيڪوبدقسمتي سان حقيقت جي باوجود سرڪاري طور قائد محمد علي جناح جي جنم ڀومي تسليم نہ پيو ڪيو وڃي ! اهو شهر درياه بادشاه جي موجن جي ماٺي ٿيڻ سبب ڏينهنون ڏينهن غربت ۽ افلاس جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ، مستين ڀرئي زندگي گذاريندڙ هن شهر جا پيڙاتا "گندي ۽ گدنهہ : لاء بہ پريشان آهن ـ
    هن شهر جو ماضي مؤج ۽ مستين ڀريو هو ان جي شاهدي تاريخي ورقن مان انگريز جاسوسن جا خيال ئي ڏين ٿا ـ ناٽن ڪرد 1800ع رپورٽ ٻڌائي ٿو تہ ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جهرڪ جو شهر واقح آهي جتي اَنُ ، چوپايومال ۽ گيھ جام ملي ٿو ـ

    رچرڊ برٽن جهرڪ کي 1821ع سنڌو ندي ء جي ڪپ سان ٽڪري ء تي ٻڌل هڪ سهڻو شهر ٻڌايو آهي ـ

    ڪئپٽن اي پي دلهو سٽ 1832ع ۾ جهرڪ ڏٺو ۽ لکي ٿو تہ " هي شهر سنڌو درياهه کان 150 فوٽ اونچو آهي شهر ۾ سامان جي رسد جي ڪثرت آهي ۽ ڪراچي کان گهڻو سٺو آهي بازار ۾ ٻہ سئو دڪان آهن ۽ رستن جي صف بندي ٻنهي پاسن کان ٿيل آهي ـ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جهرڪ جي باري ۾ انگريزن جا

    مٺا سائين عاجز صاحب، مهرباني جو اهڙو معلوماتي ليک ونڊ ڪيو اٿوَ، بيشڪ جهرڪن جو شهر تاريخي حوالي سان انتهائي خوشحال شهر هو ۔۔۔ پر وقت جي عجيب رنگن ۽ رهواسين جي لڏپلاڻ سبب ۽ بقول اوهانجي درياهه شاه بادشاه جي رخ بدلائڻ سبب ختم ٿيو آهي ۔۔۔ ٻيا به سنڌ جا ڪيترا شهر آهن جي وقت گذرڻ سان ختم ٿيا آهن ۔۔۔ پر سڀني جا ڪارڻ ڪجهه الڳ الڳ به آهن ۽ ڪجهه هڪجهڙا به ۔۔۔

    ڪجهه شهرن جي تباهي جو ڪارڻ ته سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ۽ حڪومتون پڻ آهن ۔۔۔ ڀلا خود پاڻ ٺٺو ايتري ترقي ڪري سگهيو آهي ڇا جيتري سندس تاريخي حيثيت آهي ۔۔۔ ؟ درياه جي ڀر ۾ وسيل هي شهر، جنهن ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ، زراعت جي لحاظ کان سبزيون، ڪيلو، ڪمند ۽ ٻين ميون ۽ اناجي جنسن جي پئداوار سان مالا ۔۔۔ طبعي لحاظ کان هر موسم جو مزو ۽ هر علائقو پنهنجي جاءِ تي پاڻ سونهن جا منظر پيش ڪري ٿو ۔۔۔ دنيا جو وڏو، انوکو ۽ شاهي قبرستان ۔۔۔ مطلب ته اهڙي شهر جي به ڪا خاص ترقي يافته شڪل ناهي ۔۔۔ اهو ئي شهر جي ٻي ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ هجي ها ته سندس نقشو ئي الڳ هجي ها ۔۔۔۔

    پر افسوس سنڌ جي سڀني شهرن جي حالت ڪا هڪٻئي کان مختلف ناهي ۔۔۔۔ ڇو؟ ايئن ڇو آهي؟ انجو ڏوهه ڪنهن تي آهي؟ ڪنهنکي انجو ذميوار ڪجي؟ ۔۔۔ آهي ڪو جواب ۔۔۔؟؟؟

    ڪاتيءَ ناهي ڏوهه ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ ۔۔۔۔ پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب ۔۔۔۔

    بس رب العالمين کان دعا آهي ته ڪو ڪرشمو ٿئي ۽ سنڌ سجاڳ ٿئي ۽ اڄ جي اها ڪاٽو حالت بدلجي وڃي ۔۔۔

    رب اوهانکي پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
    shal judy hujeen
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جهرڪ جي باري ۾ انگريزن جا

    سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو۔۔۔ هي ڪو هڪ شهر جي ڳالهه آهي۔۔۔؟ پوري سنڌ جو مثال وٺو۔
    ڀلا انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌين جي حالت ۾ ڪا بهتري آڻڻ ڏني وئي آهي۔۔؟
    سنڌ، سنڌين ۽ سنڌ جي وسندين کي ڀِت سان لڳايو ويو آهي۔۔۔ سنڌ جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ڪنهن به ٻئي موجوده صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشحال هئي، ترقي يافته هئي، تهذيب يافته هئي، ان کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي۔۔ ريلوي جو نظام سنڌ ۾ بهتر ته نه ٿيو پر رهندو ختم ڪيو ويندو رهيو، درياءِ جي پاڻيءَ کي هٿ وٺي قيد ڪيو ويندو رهيو، ته جيئن سنڌوءَ جا مالڪ سنڌي پاڻيءَ لاءِ مستقبل ۾ تڙپن، آباد زمينن کي هٿ وٺي غير آباد ڪيو ويو يا انهن جي مالڪن کي ختم ڪيو ويو۔۔۔ ون يونٽ جو مثال وٺو جنهن دوران سنڌ جي زمينن کي ڀڳڙي مٺ قيمت تي به نه پر اصل مفت ۾ ڪامورن ۾ ورهايو ويو۔۔۔ سنڌ سان ڪيل ڪهڙي ڪهڙي ويڌن بيان ڪجي۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو