سنڌ جا وڏيرا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2010۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا اڄ ؓگهڻن ڏينهن کان اچي اوطاق ڏٺم ته ٻهارو ڏنو پيو آهي ڪيئي اهم موضوع غائب هئا الائي ڇو؟
    خير ڪا حڪمت هوندي!!! في الحال هي تحفو حاضر آهي۔
    سنڌ جا وڏيرا !!!
    ڪڏهن ايوب جا ايجنٽ ، ڪڏهن پي پي جا پوڄاري .
    ڪڏهن پيا ليگ ۾ لڙهندا، ڪڏهن ڦرندا هو چوڌاري .
    يحيٰ جا بڻيا چيلا ، ضياءُ سان پڻ وفاداري .
    ڪڏهن الطاف آهه آٿت ، ڪڏهن پرويز سان ياري .
    شريفن سان شراڪت آهه ، ڇڏين ٿا ڪونه زرداري .
    ڪڏهن ٿيا قيد ڪوٽن ۾ ، ڪڏهن بوٽن اڳيان زاري .
    ٿين چونڊون وطن ۾ جي، ڪندا وعدا پيا فنڪاري .
    سڃاڻن تن کي سنڌ واسي ، پرآهي مجبور خلق ساري .
    ڪڏهن کوٽا ڪڏهن لوٽا ، ويا گھاري عمر ساري .
    جڏهن ٿيا قوم جا ناکئا ، ويئي ٻيڙي ٻڏي ساري .
    پيءُ ٿيئڙو قبر داخل ، پٽ سندي وري واري .
    ڇڏين ٿا ڪونه سياست کي ، لٽيو آهه ملڪ ڏيئي ٻهاري .
    يتيمن سان ظلم ڪيئڙا ، غريبن سان انڌوڪاري .
    ڪڏهن پنجاب جا پٺو ، ڪڏهن سرحد جا ساٿاري .
    سڻائي هي خبر ڪنهنکي . ڪنڀر جي نا چلي ساري .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جا وڏيرا

    سائين محترم ڪنڀر صاحب، اوهان دير سان آيا پر هڪ سچ پاڻ سان گڏ کڻي آيا، ان لئه مهربانيون، پڙهي ڪجهه ڪاوڙ، ڪجهه حيرت ۽ ڪجهه افسوس ٿيو ته اسانجا پنهنجا جنکي اسين ووٽ ڏيون، جن جا حڪم اسين اکين تي رکون سي اسان سان ڪهڙيون ويساه گهاتيون ڪري رهيا آهن ۔۔۔ بقول اوهانجي ۔۔۔

    مٿين سٽ مطابق ته خبر به سڀ کي آهي پوٌءِ به مجبوري ڪهڙي آهي؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ۔۔۔؟؟؟ چوندا آهن ته مڙس ٿي ڀاڙي ته پٽڪو به بار ۔۔۔ سو ادا سائين، ڪجهه ڪرڻ نه چاهيون ته يا مجبوري تيرا آسرا ۔۔۔۔ باقي جي قوم (اسين سڀ) ٻڌي ۽ ايڪي کان ڪم وٺي، عقل منديءَ جو مظاهرو ڪريون ته ڪافي مسئلا حل ٿي وڃن ۽ جيترو انڌيرو آهي گهٽ گهٽ ۾ ايترو نه رهندو، ڪجهه ڏات ڏيئا ٻرندا ته روشني ضرور ٿيندي ۔۔۔ اوهانجي پيغام جيئان ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جا وڏيرا

    هي موضوع ته تمام وڏو آهي ۽ نه ئي کُٽندڙ، ان ڪري اها وضاحت ته هي بحث نه آهي پر صرف پنهنجي خيالن جو اظهار ٿو ڪريان۔۔ ڇو ته موضوع ئي اهڙو آهي، جنهن کي ڏسي اندر پڄرڻ لڳندو آهي۔۔

    ڳالهه هي آهي ته اسان سنڌي وڏيرن کي آقا مڃون ڇو ٿا؟ انهن جا حڪم اکين تي رکون ڇوٿا؟
    سچ اهو آهي ته هر ڪنهن جا پنهنجا ذاتي مفاد آهن، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح انهن ڀوتارن سان لاڳاپيل آهن۔ مون کي ته شايد ان ڪري ڪاوڙ پئي اچي ته منهنجو نالو ڪنهن وڏيري جي کاتي ۾ ڪونهي نه تن جيڪر مان به ڇو گِلا ڪريان ها۔۔
    منهنجو دوست امجد مون کان گهٽ مارڪون کڻڻ باوجود وڏيري جي مهرباني سان سي ايم ڪوٽا تي ڊاڪٽر بڻجي ويو۔۔ منهنجو ڪلاس ميٽ ان ڪري اسان جي ڪاليج ۾ پوزيشن حاصل ڪئي جو هن جا پيپر ڀوتار جي بنگلي ۾ حل ٿيا۔۔ اسان جا نوجوان پنهنجي عياشي لاء ڪِريل حرڪتون ڪري به ڪنهن ڀوتار جي ٽيڪ تي شريفزاده سڏرائيندا۔۔ ڏوهه ۽ لعنت وڏيري تي ڇو آهي؟

    اسان جو ڪامريڊ دوست سنڌ سنڌ پيو ڪندو آهي پر هر ٿوري ڳالهه تي اسڪول يا ڪاليج پهچي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائيندو آهي ۽ جڏهن پنهنجي ڀاء ۽ سئوٽ جا امتحان هئا ته ان وقت ڪاپي ڪرائڻ لاء سڀ کان اڳتي ۽ چست هوندو۔۔ بي ايماني اسان جي اندر ۾ آهي، دوکو پنهنجو پاڻ سان پيا ڪريون۔ پنهنجي قابليت ۽ اهليت پنهنجي هٿن سان قتل ڪري پنهنجي بيوسي جو ماتم ڪرڻ لڳنداسين، پوء اکيون غلط طريقن سان نوڪري وٺڻ يا ٻي آمدني لاء، وڃي ڪنهن جي سفارش ڳولينداسين۔ ۽ جڏهن نوڪري ملي وئي، ڪمپيوٽر به هٿ لڳو ته سڀ کان پهريان وڏيري جي خلاف لکنداسين۔

    وڏيري کي مضبوط ڪرڻ جا ذژميوار اسان خود ئي ته آهيون، ڪنهن به قوم جي ڪاميابي جو بنياد تعليم آهي، دوستو،پنهنجو پاڻ سان سچا ٿيو ۽ پنهنجي ٻارن جي تعليم تي توجهه ڏيو، اگر ڪو توهان جو دوست معلم آهي ته ان کي به تاڪيد ڪريو ته پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀائي۔۔ ڪاپي کي عام ڪرڻ کان روڪيو۔۔ ڇا اهو ممڪن ناهي ته سنڌي تنظيمن جا جوڌا، امتحاني مرڪزن ٻاهران بيهي هن عمل کي هميشه لاء ختم ڪن۔۔۔ پر ايئن ڇو ته ٿيندو۔۔۔ عام طور تي ڪامريڊ اهو ئي هوندو آهي جنهن کي پاڻ ئي پاس ٿيڻ جو ڊپ لڳو پيو هوندو آهي۔۔
    قابليت سان ئي اعتماد ايندو آهي، جڏهن اعتماد هوندو ته هروڀرو ڪنهن جي پيرين پوڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جا وڏيرا

    زبردست ٻروچ صاحب سائين دل جي ڳاله ڪئي اٿو
     
  5. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جا وڏيرا

    سائين نثار ابڙو صاحب ، سائين ٻروچ صاحب، ۽ سائين طاهر سنڌي صاحب تبصري لاٌ توهان جي مهرباني۔ هي نظم ته حالات ڏسي جوڙيو اٿم سو صرف ذاتي خيالن جو اظهار آهي۔ پنج ئي ا ڱريون برابر ناهن ۔اڪثريت جا اعمال اپٽيا اٿم۔ ٻيو مڙيئي خير!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو