شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ اُن جي آفاقي نظريي کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Ghulam Murtaza طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2013۔

  1. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين


    ماڻهو به ڪيترا نه عجيب هوندا آهن،
    ڪِن شين کي ڏِسي وائسي پروڙي اُن جا اِڀياس ڪري به اُن ڳالهه جي مُخالفت ڪندا آهن،

    اسان وارن همراهن جا حال وري عجيب آهن، اسين پاڻ کي ڀِٽ ڌڻي جا پولڳ چوائيندا فَخر محسوس ڪندا آهيون، ۽ اُن ڀٽ ڌڻي جي رسالي کي پنهنجي عقيدن، نظرين جي حوالي سان قيد ڪرڻ جو ڪوشش ڪندا آهيون، ڪيڏي نه ناانصافي آهي، ڀٽ ڌڻي سان.

    شاه سائين جي شاعري آفاقي آهي، جنهن ۾ دُنيا جي ڪيترن ئي پهلوئن، ڪِردارن تي بيت آهن، شاه صاحب جي بيتن ۾ قُرآن پاڪ جو آيتون به شامل ڪيون اٿس.

    مون هِڪ پاڻ کي ”سيڪيولر“ سڏائيندڙ فيس بُڪي دوست کان ٻُڌو هو ته لطيف جي رِسالي ۾ ڪنهن مُلان قادري جا بيت شامل ڪيل آهن، اُن ڪري لطيف جي شاعري ۾ اسلامي بيت آهن.

    ٻئي فيس بُڪي دوست کان ٻُڌم اُن چيو ته سُر ڪيڏارو جنهن ۾ سيدنا امام حسين ۽ ڪربلا جي شهيدن ۽ واقعن جو ذڪر آهي اُهو ڪنهن عبدالطيف نالي مولوي جا چيل آهن، سُر ڪيڏارو شاه سائين جو ناهي.

    ٽئين دوست کان ٻُڌم ته جيڪي اصحابن ڪِرامن جي بيتن جي نالي فرمايائون ته اِن ۾ مُفڪرن کي اختلاف آهي ته اِهي بيت شاه صاحب جا ناهن.

    اِنهن حالتن کي ڏسي سوچان ٿو ته جي ڪو وري ائين ضرور چوندو هوندو ته هِي شاه جو رسالو ئي شاه سائين جو ناهي!

    پنهنجي نظرين ۽ عقيدن جي قيد ۾ اسين شاه سائين جي عظيم شاعري کي ڪهڙي طرح ڪُوزي ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، اُها ڳالهه اِن مان ئي اندازو لڳايو ته اسين هر وقت لطيف سرڪار سان مُحبت جي دعوىٰ ته ڪندا آهيون، پر اُن جي رسالي سان ڪهڙو ڪَلور ڪيو ويٺا آهيون.

    لطيف جي رسالي کي سهڙيندر هندو اديبن کي جَس هُجي جيڪي ڪيتريون ئي قُرآن جون آيتون هوندي به اُنهن کي اُن ئي حالت ۾ رکيائون جيڪي اصلي صورت هُئي. جي هُو هندو اديب چاهن ها ته اُهي به اسان وارن همراهن وانگر اختلاف ڪن ها، پر اُنهن جي مُحبت کي سلام آهي، جيڪي غير مُسلم هوندي به قُرآن پاڪ جو آيتون اُن ئي حالت ۾ لکيون اٿن.

    شاه سائين کي اصحابن ڪِرامن سان به مُحبت هُئي، ۽ اهلِ بيتن سان به اِنتهائي گهڻي مُحبت هُئي.

    اصحابن ڪِراامن ۽ پاڻ ڪريمن جي چار يارن جي لاءِ فرمايائون،

    جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پروار
    حامي حادي هاشمي ،سردارين سردار
    سونهين صحابن سٿ ۾ منجهه مسجد مڻيادار
    چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين
    (سُر دناسري)

    پاڻ ڪريم جي اهل بيت جي مُحبت لاءِ سڄو سارو سُر ڪيڏارو لکيل آهي

    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛
    ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛
    سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِهَ سُپِرِين.
    (سُر ڪيڏارو)

    لطيف جي نظريي سان اختلاف آهي ته ڀلي ڪري سگھو ٿا، پر خُدايا پنهنجا نظريا لطيف تي نه ٿاڦيو!

    الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏُک ڏسن
    مون سين مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه سائين جي شاعري لازوال آهي، جنهن ۾ الله جي رسول جا فرمان ۽ قرآن جي آيتن مان به سٽون شامل آهن۔ لطيف سائين کي ڀلي ڪير ڇا به چوي ۔۔ پر سندس ڪلام اسان سڀني انسانن لاء راهه نجات ۽ سنئين واٽ تي هلڻ جو درس آهي۔

    اوهان سڇ پيا چئو ته ماڻهو پنهنجي مقصدن جي شاعري پيا ڳولهين ۔۔۔ پر لطيف جو هر شعر اسان جي دل سان لڳندو آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [​IMG]

    ادا غلام مرتضي السلام عليڪم۔ بلڪل اوهان جو تجزيو سچي مشاهدي تي مشتمل آهي۔ شاه صاحب جن جي شاعري کي جن سمجهي ورتو ڄڻ ته هن پنهنجي منزل کي ڳولهي لڌو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو