سنڌيڪا جا ڪتاب فري لوڊ ڪري پڙهو...................سنڌيڪا اڪيڊمي سائيٽ.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    هون ته سنڌ ڌرتي جو هر شهر شهر واهڻ واهڻ، چپو چپو، سون برابر آهي، ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جي پنهنجي خوشبوء آهي۔مگر هت اسان جنهن شهر جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون اهو آهي پريا لوء
    ڀريالوءِ / پريالوءِ: اصل ۾ڀريالوء ڀريا= ذات جو نالو + لوءِ =ڳوٺ آهي.ڀريا ذات جي ماڻھن جو ڳوٺ هو، بعد ۾ پير صاحب پاڳاري انکي مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه سببان ”پريان لوءِ“ (محبوبن جو ڳوٺ) سڏيو، جو نالو ھينئر مروج آھي. ھي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس جو اھم ڳوٺ آھي. پريالوءِ ۾ مشهور عوامي راڳي سرمد سنڌيءَ پڻ جنم ورتو. شڪيل پريالوي، سيرت تي سهڻي انداز ۾ ڪم ڪندڙ عالم محقق نثار احمد جوڻيجو پريالوئي ۽ سجاد ميراڻي هن شهر جا ناميارا اديب ۽ شاعر آهن. ان کان علاوه سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو خدمتگار سائين نور احمد ميمڻ صاحب به(سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جو مالڪ) هن شهر جا جنم وٺندڙ خاموش سنڌي ٻولي جا خدمتگار آهن۔ نور احمد ميمڻ صاحب ذاتي ڪردار ۽ اخلاق جا به بهترين مثال آهن، نور احمد صاحب جن سنڌي ٻولي ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي۔ ۽ اهڙا ته انيڪ ڪتاب سنڌي ماڻهون تائين پهچايا آهن جن جي سنڌي ماڻهون کي اشهد ضرورت هئي۔نور محمد صاحب هون ته سنڌيڪا جي هر ڪتاب تي پنهنجا پيش لفظ لکي ڪري سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي فڪر کي ٻين تائين پهچائيندا رهندا آهن۔ مگر سندس هڪ ڪتاب ”اچو ته بشر مان انسان بڻجئون“ پڻ لکيل آهي جيڪو اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪيو آهي۔جنهن ڪتاب ۾ بهترين نصيحتون ڀريل آهن۔۔ جنهن ۾ اسلام جي نظر سان ٻڌايل آهي ته ڪيئن پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن کي بهتر بڻائجي۔
    [​IMG]

    سنڌيڪا اڪيڊميءَ جومختصر تعارف۔

    سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بڻياد ٢٦ سيپٽمبر ١٩٩١ع ۾ پيو جنهن جو مقصد هو ته سنڌيءَ جي مختلف fields ۾ معلومات ۽ تحقيقات جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.
    اڪيڊميءَ جو بنياد جناب نور احمد ميمڻ وڌو، جيڪو سياسي اڳواڻ ۽ مبصر ۽ پبلشر آهي. هن ڄاتو پئي ته هڪ اهڙو ادارو جيڪو سرڪاري ڪامورن جي ڀول ڀلين جي ور چڙهيل هوندو سو سنڌي ٻوليءَ جي جوڳي خدمت ڪو نه ڪري سگهندو جنهن جي هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ ضرورت آهي. تنهنڪري ضروري هو ته هڪ غير منافعه بخش ادارو وجود ۾ آندو وڃي جيڪووالنٽيرلي بنيادن تي ڪم ڪري، تنهنڪري هيءُ ادارو وجود ۾ آيو۔۔۔ هي تمام مناست اگهه تي ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچائي تمام وڏو ڪم ڪري رهيو آهي۔۔۔۔ سندس آفيس آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي تي آهي۔

    نوٽ هن سنڌيڪا اڪيڊمي جي سائيٽ تي ڪجهه ڪتاب اهڙا پڻ موجود آهن جيڪي توهان ڊائون لوڊ ڪري پڙهي سگهو ٿا، ڪتاب ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سنڌيڪا جا تقسيم ڪار
    سنڌيڪا اڪيڊميB-24،نيشنل آٽو پلازهمارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون:32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاب،جتوئي منزلحيدر چوڪ حيدرآباد فون:03003044745
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪسکرفون:071-5628368،03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچيفون:0212214521،0300-343115ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي-
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ،بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهيسکر-
    سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد-
    شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، -
    نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو-
    مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس -
    المهراڻ ڪتاب گهر،زاهد بوڪ ڊپو،سانگهڙ-سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه-ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون.0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،عباس ابڙو شڪارپور فون:03362870897وسيم ڪتاب گهر لکي در .سعيد بوڪ اسٽور،شڪارپور.ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ8948535-0346،مڪتبه امام العصر گهوٽڪي،03033695037
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 جنوري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌيڪا اڪيڊمي جو علمي ۽ ادبي کيتر ۾ پنهنجو الڳ مقام آهي ۽ هننن سدائين معياري ڪتب ڇاپيا آهن۔ سندن مهربانيون آهن جو ڪتاب سنڌ سلامت کي به موڪليندا رهندا آهن۔ مان سائين نور احمد فضل الرحمان صاحب جو ٿورائتو آهيان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا سليمان صاحب اگر سنڌيڪا جا ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري سنڌ سلامت جي زينت بڻايا وڃن ته سٺو ٿيندو۔۽ سنڌ سلامت جي ڪتابن ۾ اضافو ٿئي ويندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌيڪا جا ڪافي ڪتاب اسان وٽ آهن ۔۔۔ هن دفعي نور احمد صاحب سان ملاقات ڪري ڪوشش ڪبي ته وڌيڪ ڪتاب حاصل ڪري سگهجن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌيڪا جو شايد پهريون يا ٻيو پر منهنجو سندن پهرين پبليڪيشن طور پرهيل ڪتاب هو نوان رستا نيون راهون۔ اهو ڏينهن هي ڏينهن آئون هن پبلشر جو ديوانو آهيان۔ دوست علي حسن چانڊيو جي مهربانين سان وڌيڪ ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا، اُميد اٿم ته منهنجو زيرِ طبع ڪتاب ”گرئجوئيٽس جون گهُرجون“ به هن اداري پاران شايع ٿئي جنهن لاءِ ڳالهه ٻولهه تقريبن طئي ٿي وئي آهي۔ بس منهنجي سستي ڪري ڪُجهه مضمون لکڻ کان رهن ٿا۔ نه ته ميمڻ صاحب واعدي جو پڪو ماڻهو آهي۔ هيستائين ڪتان ڇپجي چُڪو هُجي ها۔
    خوشي ٿي ته هاڻي هنن جا ڪتاب آنلائين ملندا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو