هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو واعدي موجب فورم جي اپڊيٽنگ تي لڳاتار محنت جاري آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اچانڪ جڏهن گهڙي تي نظر ڦيرائيندو آهيان ته رات جا 3 وڄندي نظر ايندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وقت گذرڻ جو احساس ان ڪري نه ٿيندو آهي ته فورم کي توهان دوستن لاءِ جازبِ نظر جو بڻائڻو پوندو آهي۔۔۔
    بحرحال آف لائين فورم تي ڪافي تجربن کان پوءِ هاڻي آن لائين ڪم کي اڳتي وڌائڻو آهي۔۔۔ پر ان باوجودوستن جي محبت ۽ لڳاتار فورم تي آمد جي ڪري پوري پوري ڪوشش آهي ته فورم کي مڪمل طور بند نه ڪيو وڃي۔۔۔ پر فورم جي وڌيڪ خوبصورتي ۽ بهتري لاءِ فورم کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ٻن مرحلن ۾ بند ڪيو ويندو۔۔۔۔
    ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي طور اڄ 4 ۽ 5 اپريل جي رات پاڪستاني وقت موجب 12 بجي فورم کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو وڃي...
    دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي لکڻين جو بيڪ اپ پاڻ وٽ محفوظ رکن ته جيڪڏهن اتفاقي غلطي ڪري سندن تحرير ضايع نه ٿي سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستن جي تعاون لاءِ لک احسان ۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا سائين اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جي مهرباني ۔۔۔ مطلب ته رات آرام ڪريون ۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    مهرباني ادا رشيد پر توهان کي خبر هُئڻ کپي ته ساري ڏينهن ۽ رات ۾ اهو ئي ٽائيم آهي جو بجلي جي اچڻ کان پوءِ سنڌ سلامت سان عليڪ سليڪ ڪري سگهجي ٿي، وانڌڪائي ۾ سنڌ سلامت لاءِ ڪي نڪور پروگرام مرتب ڪري سگهجن ٿا۔ ان هوندي به اپ ڊيشن هر پروگرام جي لازمي هوندي آهي، ان ڪري اهي ٻه ٽي ڏينهن رات وارا سنڌ سلامت کان آف لائن ٿي سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه وڌيڪ سوچڻ جو موقعو ملندو اسانکي
     
  4. يونس جسڪاڻي

    يونس جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا رشيد اڳواٽ آگاهي جي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔
    پر ادا ٿورڙو ٽائم ٻيلي ننڊ کي به ڏيندا ڪيو ڇا ڪاڻ ته ادا اسان کي اوهان جي صحت عزيز آهي۔

    سنده سلامت ساته سلامت
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين اميد ته اڳئين اپڊيٽس وانگر توهان جون هن ڀيري سوچيل اپڊيٽس به لاجواب هونديون۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا عبدالرشيد سمون صاحب توهان جا لک ٿورا اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جا۔ الله توهان کي هر ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪري آمين۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اپڊيٽنگ جي پهرين مرحلي ۾ ڪجهه مسئلا سامهون اچي رهيا آهن۔۔۔ ان ڪري هن مرحلي کي روڪيو ويو آهي ۔۔۔ فورم کي کولي ٻيهر فعال بڻايو ويو آهي۔۔۔ انشاء الله ايررز کي جلد ئي فڪس ڪري ٻيهر ڪوشش ڪئي ويندي۔۔۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    الله توهان جو حامي و ناصر اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    جيئين دير تيئين خير۔ دعا آهي ته الله توهان جي هر نيڪ ڪم ۾ مدد ڪري آمين
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادي شاهده جي گذارش تي سنڌ سلامت اپڊيٽنگ 8 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي آهي۔۔۔ جو ان دوران عمر ڪوٽ ۾ ثقافتي ميلي ۾ سنڌ سلامت جو انسٽال لڳايو پيو وڃي ۔۔
    انشاء الله 9 اپريل تي هڪ دفعو وڌيڪ ڪوشش ڪئي ويندي ان ڪري مهرباني فرمائي 9 اپريل بروز جمع پنهنجي تحريرن جو بيڪ اپ پاڻ وٽ محفوظ رکجو۔۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا سائين اسان جو دُعائون توهان سان گڏ آهن، ادا سائين ڪوشش ڪريو ته اپيڊيٽنگ وارو ڪم آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي ڪري ڪيو، ڇو جو انهي وقت هر ڪوئي موڪل جي مزا بستري ۾ وٺي رهيو هوندو آهي، ۽ فورم جي ٽريفڪ به تمام گهٽ هوندي آهي۔
    وڌيڪ جيڪا صلاح سنگت جي۔
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    معاف ڪجو دوستو ۔۔۔ والدِ محترم جي سالانا ٻارهين خاطر 4 ڏينهن بغير اطلاع ڏيندي موڪل تي نڪري ويم۔۔ ان دوران فورم جي اپڊيٽنگ جي دوران ايندڙ ايررز تي ادا عامر ضياء چارڻ سان تفصيلي مباحثو پڻ ٿيو جنهن کان پوءِ اهو طئي ڪيو سين ته فورم کي مرحلي وار اپڊيٽ ڪيو وڃي۔۔۔
    پهرين مرحلي طور ڊيٽابيس کي اپڊيٽ ڪرڻ خاطر جمع جي ڏينهن ڪجهه ڪلاڪ فورم کي بند رکيو ويو ۽ اڄ مورخه 12 اپريل 2010 تي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي ٿئي ته سنڌ سلامت فورم پنهنجي پراڻي ورجن 8۔6۔3 تان 8 ڏهاڪا چڙهندي 4۔7۔3 تي ڪاميابي سان اپڊيٽ ٿي چڪو آهي۔۔۔۔
    اپڊيٽنگ جي دوران ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو ته ڪابه تحرير ضايع نه ٿئي ان ڪري فورم جي ڊيٽابيس هلڪي کان هلڪو ڪرڻ لاءِ فورم تي ڊائريڪٽ موجود فائيلز کي مختلف سائيٽس تي اپلوڊ ڪري ان جا لنڪس فورم تي لڳايا ويا۔۔۔ جن لاءِ مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان محترم ابوزين ۽ محترم وحيد علي ڦلپوٽو جن جو۔۔۔
    مٿين عملن کي يقيني بڻائڻ خاطر فورم کي في الحال www.sindhsalamat.com/sindh تي ريڊائريڪٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي جلد ئي مين روٽ تي آندو ويندو۔۔۔
    فورم جي ڊيٽابيس کي اپڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ هاڻي آهسته آهسته فورم تي نين تبديلين کي ظاهر ڪيو ويندو۔۔۔ ته جيئن دوست فورم جي تبديلين کي آساني سان سمجهي سگهن۔۔۔ انهن عملن دوران ۽ ان کان اڳ فورم تي لڳاتار ڪم هجڻ خاطر جيڪڏهن دوستن کي الجهن يا پريشاني کي ڏسڻو پيو هجي ته سنڌ سلامت تي ايندڙ بهتري خاطر ان کي نظر انداز ڪيو وڃي ۔۔۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين منهنجي يونيورسٽيءَ جي مصروفيت جي ڪري سنڌ سلامت تي چڪر گهٽ پيو لڳي۔۔۔ اميد ته جلد کان جلد اپڊيٽس جو اهو سلسلو بنا ڪنهن تڪليف جي پورو ٿي ويندو۔۔۔
     
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نيـــهــن
    ڳــــنڍن سارو ڏيــــنهن ڇـــنـڻ مور نه سکيا۔
    سائين اوهان جي محنت کي سلام آهي وقت جي تمام تر مصروفيات جي باوجود فورم جي ڪم کي استقامت سان نڀائيندا اچو پيا الله تعالي توهان کي شاد و آباد رکي۔
    استقامت ڪرامت کان بهتر آهي۔
    اسان سڀني جون دعائون اوهان سان گڏ آهن شال سدا سلامت رهو۔
     
  15. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين رشد سمون صاحب فورم کي اپ ڊيٽ ڪري تمام سٺو ڪم ڪيو نواڻ به هئڻ گهرجي مواد به محفوظ رهي سڀن کي سلام
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستو فورم کي مڪمل اپڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ وقت گهٽ هجڻ ڪري ايندڙ ايررز کي هٽائڻ ۾ ڪافي دير لڳي وئي ۔۔۔ پر مهرباني آهي حڪومت جي جنهن ڇنڇر ڏينهن موڪل ڪري اسان جا ڪافي مسئلا حل ڪري ڇڏيا (اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪافي ماڻهون مونجهاري ۾ پڻ آهن)۔۔۔
    گذريل ڪجهه ڏينهن کان لڳاتار محنت ڪري فورم جي موجوده ٽيمپليٽ کي ئي نئين اپڊيٽ جي قابل بڻايو ويو آهي۔۔۔ هاڻي هن نئين اپڊيٽ ٿيل سٽائيل ۽ ورجن ۾ توهان کي ڪيتريون ئي نيون شيون نظر اينديون جن کي سمجهائڻ لاءِ ادا وحيد ڦلپوٽو کي سندرو ٻڌڻ جي گذارش ڪجي ٿي۔۔۔
    اپڊيٽ کان پوءِ جيڪي نوان فيچرس شامل ڪيا ويا آهن ۔۔ انهن مان ڪجهه هي آهين۔۔۔

    1. لاگ ان کان پوءِ اطلاع نامي جي فهرست جو اضافو۔۔
    2. رڪن جي ڪوائف نامي کي نئين سر سان ترتيب۔۔۔
    3. ذاتي پيغام کان سواءِ هاڻي رڪن کي کُليل پيغام پڻ ڏئي سگهبو جيڪو سمورا رڪن پڙهي سگهندا۔۔۔
    4. هاڻي ڪنهن به رڪن سان لفظن ذريعي ٿيندڙ ڪچهري کي محفوظ رکي سگهبو۔۔۔
    5. هاڻي رڪن کي دوستن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهبي۔۔۔
    6. پنهنجي بابت ”مون بابت“ ۾ تفصيل ڏئي سگهبا۔۔۔
    7. رڪن کي اهم ڳالهه ياد ڏيارڻ لاءِ ياداشتنامون موڪلي سگهبو۔۔۔
    8. رڪن پنهنجو سوشل گروپ ٺاهي سگهندو۔۔
    9. رڪن پنهنجو کُليل يا ذاتي تصويري البم ٺاهي سگهندو۔۔۔
    10. اميج شيڪ تي تصوير اپلوڊ ڪرڻ کان سواءِ هاڻي رڪن سنڌ سلامت تي رهي ڪري ريپڊ شيئر تي فائيل پڻ اپلوڊ ڪري لنڪ ڏئي سگهندو۔۔
    11. فيس بوڪ جي مشهوري کي ڏسي ڪري رڪن کي اجازت هوندي ته هو سنڌ سلامت فورم جي ڪنهن به تحرير کي Like ڪري پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل ۾ شامل ڪري سگهي۔۔
    12. هاڻي سنڌ سلامت فورم تان رنگن جي چونڊ وارو ايرر، اکرن جي سائيز وڌائڻ وارو ايرر ۽ فونٽس جي چونڊ وارو ايرر پڻ ختم ڪيو ويو آهي۔۔
    13. سنڌ سلامت جا موضوع گوگل سرچ انجڻ ۾ وڌ کان وڌ شامل ڪرڻ لاءِ ٽيگ جو اضافو ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي اڳتي هلي بهتر بڻايو ويندو۔۔۔
    ان کانسواءِ ڪافي اضافي فيچرس کي وائکو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ ان باوجود جيڪڏهن ڪاٿي ڪو پسند نه ايندڙ يا سمجهه نه ايندڙ فيچر لڳي ته مهرباني ڪري آگاهي ڏيندا۔۔۔
    اميد ته توهان کي سنڌ سلامت جي هي تبديلي به سٺي لڳي هوندي۔۔۔ توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا رشيد اوهان جي ڪيل هن اپڊيٽ جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ منهنجي نظر ۾ اوهان هن ڀيري وڌيڪ ڌيان ميمبرس جي پروفائيل کي بهتر بڻائڻ تي ڏنو آهي۔۔۔ ٻيو ته سڀني کان بهترين اپڊيٽ جيڪو آهي اهو ٽيگس وارو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سنڌ سلامت جون رزلٽس گوگل ۽ ٻين سرچ انجن ويبسائيٽس ۾ پهرين کان به گهڻيون اينديون۔۔۔ \:d/ مطلب ته اسان جي هن ويب پورٽل تائين گهڻن دوستن کي رسائي ملي سگهي ٿي۔۔
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا رِشيد تمام گهڻي محنت ڪئي آهي اوهان مهرباني اوهان جي شال جڙيا هجو
     
  19. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين هيٺان جيڪو ٽيمپليٽ کي مختلف رنگن جو آپشن هو سو اوهان پاڻ ختم ڪيو آهي يا مون وٽ نظر نه ٿو اچي ان جي متعلق ڪجهه ٻڌائيندا ته مهرباني ۽ انگريزي سليڪڻ ڪرڻ سان ٽيمپليٽ صحيح نظر نه ٿو اچي۔ وڌيڪ وري جيئن ڪا نئين ڳالهه ذهن ۾ آئي ته سائين جن تائيڻ پهچائڻ جي ڪوشش ڪبي۔ الله اوهان جو حامي و ناصر۔
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ انتهائي اهم اعلان۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين نئون مضمون موڪلڻ وقت مونکي هڪ اهڙو ايرر بار بار پئي آيو جنهن جي ڪري مواد نه پيو وڃي خلاصو هي اٿس ته توهان 3 ٽيگس ڏئي سگهو ٿا
    محترم ادا رشيد اهو سمجهائيندا ته ڇا هيو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو