1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

شڪر ڍنڍ وارو محلات ء فتع آباد وارو ماڳ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,406
    ورتل پسنديدگيون:
    3,226
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تحقيق: مڻڪ ملاح

    سنڌ جي پوري وچ واري زرعي ۽ پاڻياري علائقي ۾، سڪرنڊ جيترو قديمي ۽ آڳاٽو شهر سڏجي ٿو اوترائي هن علائقي جا، تاريخي ماڳ ڍنڍون، ڍورا ۽ درياهي زندگيءَ، جا رستا مانُ لهڻن ٿا.

    [​IMG]

    شڪر ڍنڍ ڪولاب:



    هن پاڻياري علائقي ۽ ٻيٽارين تي وسندڙ زندگين واري سرزمين ۾ سڪرنڊ هڪ اهڙي آستاني جو نالو هيو ۽ آهي جيڪو سڪرنڊ واري قديمي دڙي واري شهر کان وٺي پنهنجي وسيع ايراضيءَ ۾ سڪرنڊ جي نالي سان پڪاريو ويندو هيو ۽ وڃي ٿو. اهو نالو انهن لوڪن آڏو به گهڻو پراڻو ۽ آڳاٽو هيو جن سڪرنڊ جي وسيع سرزمين جي ارد گرد ۾ ڍنڍون، ڍورا ۽ ٻيٽاريون به ڏٺيون جنهن ڪري ڪلهوڙا دور جي مير علي شير قانع کي پنهنجي ڪتاب “سالڪان طريقت” فارسي قلمي عڪس برتش ميوزيم برطانيه صفحي 218 تي مخدوم ساند جو ذڪر هن طرح ڪرڻو پيو ته “ملان ساند بزرگي معروف وقت، مدفنش، قرب کولاب، سکرند، زميني وسيع بنامش نامي اولادي کثير دارد”.



    هن عبارت ۾ ڪولاب يعني تلاءَ جي ويجهو سڪرنڊ جي نالي سان وستيءَ جو ذڪر ڪري اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان تلاءَ جو ان وقت تائين شڪرگنج ڪولاب نالو ڪو نه پيل هيو پر سڪرنڊ آد جڳادي نالو مشهوري ماڻي چڪو هيو مطلب ته اهو ڪولاب (تلاءُ) جيڪو سڪرنڊ جي ويجهو هوندو هيو ان کي ميرن جي دور ۾ ئي شڪرگنج ڪولاب ۽ ڍنڍ جي نالي سان سڏيو ويو جيڪو نالو سنڌ جي حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر سان گهمندڙ ڦرندڙ شاعر سيد عظيم الدين ٺٽويءَ پنهنجي هڪ شعر ۾ ان ڪولاب (تلاءَ) کي شڪر گنج ڪولاب ڪري سڏيو ۽ لکيو پر سڪرنڊ جيڪو ان کان اڳ نالو هن علائقي تي مشهوري ماڻي چڪو هيو. ان سڪرنڊ بعد ۾ مير حسن علي ٽالپر کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جنهن وري لکيو ته:



    شڪر گنج ڪــــــولاب جو آهي نام



    ٿيو مشهور سڪرنڊ در خاص و عام



    يعني اسان کي هيءُ تلاءُ ته شڪرگنج ڪولاب مٺي پاڻيءَ وارو هنڌ ٿو لڳي پر هنڌين ماڳين ماڻهن وٽ سڪرنڊ مشهور آهي. پيش ڪيل مٿين ٻنهي اقتباسن کان پوءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته جن شخصن پنهنجي شاعراڻي درجي ۾ هتان واري تلاءَ کي شڪر نالو ڏنو. سڪرنڊ انهن جي اڳيان به گهڻو گهڻو پراڻو هيو ان ڪري سڪرنڊ کي شڪرگنج ڪولاب جو بگڙيل نالو يا ان ڍنڍ تان پيل نالو سڏڻ اسان جي ڀل سڏبي. ان ڀل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد مون سڪرنڊ کي پنهنجي اصلي ماهيت ۾ تحقيق ڪري ان تي پنهنجو مقالو تيار ڪيو آهي، جيڪو پڙهندڙن لاءِ جلدي پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سڪرنڊ نالو شڪر ڍنڍ تان نه پر اهو قديمي آڳاٽي ٻولي گرمکيءَ جو لفظ آهي جيڪو ڪلهوڙن جي دور کان وٺي اسان جي اڄ جي دور تائين متروڪ بڻجي چڪو آهي.



    سڪرنڊ وارو هيءُ وسيع ايراضيءَ وارو علائقو تاريخ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته هڪ طرف هيءُ علائقو وڏي وڻڪار سان ڳتيل رهيو آهي. ته ٻئي طرف هن سرزمين جي سيني تي ڍنڍن، ڍورن، واهڙن جي به گهڻائي رهي آهي. سڪرنڊ واري علائقي سان تعلق رکندڙ تاريخي ڍنڍن ۾ ساڀو ڍنڍ، جهالڪي ڍنڍ، سونهري ڍنڍ، ڇڇ ڍنڍ، وينجهرو ڍنڍ، نقر ڍنڍ، گڏهڻ ڍنڍ، مئڪي ڍنڍ، تلي ۽ مياڻ واري ڍنڍ، سدا رنگ يا ستارنگ واهه، ڳوٺ ڀيڏا ۽ بدر لاکو جي وچاڳ مان گذرندڙ مارڳ واهه، ڪچهري واهه، فارم واهه، علي بحر واهه، درياهه خان واهه، ريڻ واهه، ميڪارو واهه،
    گجر واهه ۽ ڪنب ليمان مشهور آهن.



    هنن پيش ڪيل سمورين ڍنڍن ۽ واهن جو تاريخ جي ڪتابن ۾ نه رڳو ذڪر ايندو رهيو آهي پر انهن نالن سان اهي پاڻي وارا ماڳ ۽ هنڌ اڄ به پنهنجي سڃاڻپ نالن سان برقرار رکيو اچن ۽ پڪاريا وڃن ٿا.



    اهڙيءَ طرح سڪرنڊ جي وسيع سرزمين سان اسان کي هڪ اهڙو تلاءُ به ملي ٿو جيڪو تلاءُ اڳتي هلي ميرن جي دور ۾ مشهور ڍنڍ شڪر گنج ڪولاب جي نالي سان سڏجڻ لڳو. انهيءَ ڍنڍ کي شڪر ڪولاب ۽ شڪر گنج ڪولاب وارو ڪوڏاڻو ۽ شاعراڻو نالو ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڏنو ويو. شڪار جي شوقين سنڌ جي پهرئين ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر جڏهن هن علائقي کي ڏٺو ته پاڻيءَ سان ڀرپور نظاري دار وڻڪار سان ڳتيل ۽ ماکيدار علائقي واري ان تلاءَ ٽالپر حڪمران جي من کي موهي وڌو ۽ گڏوگڏ ان دور جي شاعراڻين دلين تي پنهنجي پرفريب رونقن جا وڏا اثر ڇڏيا ۽ سنڌ جي حڪمران ٽالپر مير فتح علي خان ٽالپر سان گڏ سير شغل تي نڪرندڙ سيد عظيم الدين ٺٽوي کي شاعراڻي زبان ۾ شڪر گنج ڪولاب يا شڪر ڍنڍ جهڙن نالن سان نوازڻو ۽ لکڻو پيو.



    مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي فارسي ڪتاب فتح نامه سنڌ بتصحيح شير محمد نظاماڻي، سنڌي ادبي بورد حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1967ع، صفحو 128 تي ان شڪر گنج ڪولاب جو منظر هن طرح چٽيو آهي.



    “الله تعاليٰ جي ثناءَ ۽ ساراهه آهي جنهن پاڻيءَ تي نقش چٽيا ان ڪائنات پيدا ڪندڙ ڌڻي، حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي رکيو آهي. وڏي مرتبي واري مير “فتح علي ٽالپر” جي حڪم سان فتح آباد نالي هڪ نئون شهر اهڙي ماڳ تي ٻڌايو ويو آهي. جنهن سرزمين مان، خوشبو ڀريا، چنبيليءَ جا گل ڦل ڦٽن ۽ ٽڙن ٿا. اتي صاف شفاف مٺي پاڻيءَ هئڻ ڪري انهيءَ کي شڪر ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ قلعي جي ڇانو ۽ پاڇي ۾ آهي ان جون ڇوليون خوشيءَ ۾ ڪڏنديون ٽپنديون نچنديون رهن ٿيون. انهيءَ ڍنڍ جي وچ تي مير جي حڪم سان ٻيٽ تي شاهي محلات اڏيل آهي ان ميراڻي محلات جي پيڙهه پٿر جي ۽ اوساري مضبوط ۽ بلند آهي. قلعي جو ٻيو دروازو ڍنڍ ڏانهن آهي جنهن جي چانئٺ تي پاڻيءَ جو رخ آهي. ڍنڍ جي پاڻيءَ تي چانديءَ ۽ سون جي چوٽين ۽ ڇٽين سان سينگاريل ٻيڙيون آهن. جيڪي محلات جي سير، تفريح لاءِ هميشه هڪيون، تڪيون حاضر رهن ٿيون، جڏهن ته مير فتح علي خان سان گڏ، مير غلام علي خان، انهيءَ دل پسند تفريح گاهه ۾ اچن ٿا ته گويا سج ۽ چنڊ وانگر ٿا لڳن. چوڌاري سهڻيون ويهڻ جون جايون ۽ ٿڌيون هيرون هوائون پيون لڳن. رات جو انهيءَ آرسيءَ جهڙي اڇي اجري پاڻيءَ ۾ چمڪندڙ تارا ٽٻيون هڻندي ڏسجن ٿا. مقصد ته هند، سنڌ ۾ هن جهڙو وڻندڙ ڪو سهڻو تفريحي ماڳ ۽ سيرگاهه ڪونهي”.



    سيد عظيم الدين ٺٽويءَ جي ڪتاب فتح نامه سنڌ جي مٿي ڏنل اقتباس ۽ سڄي ڪتاب جو مطالعو ڪندي ان جي نموني تي مير حسن علي خان ٽالپر سنڌ جو شاهه نامون عرف ڪلهوڙن جي هار جي نالي سان فارسيءَ ۾ منظوم ڪتاب تيار ڪيو جنهن ڪتاب کي غلام نبي محمد وريل ايڊووڪيٽ سنڌي ويس ۾ آڻي سال 1938ع ۾ پهريون ڇاپو سنڌ مسلم ادبي سوسائيٽي حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ترتيب ڏيندڙ صاحب موصوف پاران ظاهر ڪيو ۽ انومان ڏيکاريو ويو ته سڪرنڊ شهر جو نالو “شڪر ڍنڍ” جو بگڙيل نالو آهي. اهڙيءَ طرح عظيم الدين ٺٽويءَ جي لکيل ڪتاب “فتح نامه سنڌ” ۽ مير حسن علي خان ٽالپر جي ڪتاب شاهه نامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار، ڪتابن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندي 1976ع ۾ سڪرنڊ جي ناليواري ڏاهي اديب ۽ محقق سائين عبدالرحمان منگيو صاحب پهريون ماڻهو هيو جنهن روايتن کان هٽي ڪري مٿئين تاريخي حوالي جي آڌار تي سڪرنڊ بابت پنهنجو تحقيقي مقالو تيار ڪندي هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هن علائقي ۾ جيڪا آڳاٽي شڪرگنج ڪولاب واري ڍنڍ هوندي هئي سڪرنڊ شهر جو نالو انهيءَ ڍنڍ جو بگڙيل نالو آهي.



    جيتوڻيڪ ذڪر ٿيل تاريخي حوالي ۾ شڪرگنج ڍنڍ، ان جي ڪناري تي مير فتح علي خان ٽالپر پاران ٺهرايل فتح آباد جو قلعو ۽ ان ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽاريءَ تي ٺهيل ٽالپر حڪمران جو محلات اهي سڀ شيون تحقيق طلب هيون جن جي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهربي هئي ته اهي سڀ تاريخي اهڃاڻ هن علائقي جي ڪهڙي پاسي يا طرف سان واسطو رکن ٿا ۽ هن علائقي ۾ آهن به يا نه؟



    بحرحال سائين عبدالرحمان منگيو صاحب بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ زوردار پٿر اڇلايو هيو جنهن تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪيتريون ئي لهرون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. پر تحقيق سان دلچسپي رکندڙ اسان جي ليکڪ دوستن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بجاءِ سائين عبدالرحمان منگيو جي تحقيق جي نقالي ڪندي بار بار ساڳي ڳالهه کي پئي ورجايو آهي.



    تاريخي ماڳن تي تحقيقي نظر رکندڙ محمد صديق منگيو، سڪرنڊ جو تاريخي قلعو فتح آباد جي نالي سان مقالو تيار ڪندي لکيو آهي ته هن قديم قلعي جا اهڃاڻ اڄ به سڪرنڊ شهر ۾ هڪ مٿانهين دڙي جي صورت ۾ موجود آهن. هن قلعي جو فتح آباد شهر ۽ قديم شڪرگنج ڍنڍ سان گهرو



























    لاڳاپو آهي. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾ صفحو 214)



    هتي هڪ قلعو هوندو هو جنهن جو نالو فتح آباد هو جيڪو ٽالپرن جي پهرئين حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر 1198 هجري 1783 عيسوي کان 1217 هجري 1802 عيسويءَ جو ٺهرايل آهي. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 214)



    هن وقت هن قلعي جا ڪي به آثار ۽ اهڃاڻ ڪو نه ٿا ملن ائين ٿو لڳي ته هن قلعي جي تباهي ميرن جي دور ۾ ٿي هئي ۽ انگريزن جي دور 1843 تائين هي قلعو بلڪل تباهه ٿي ويل ٿو ڏسجي.)



    قلعي جي تباهيءَ جو هڪ ڪارڻ ٻوڏون به ٿي سگهن ٿيون. فتح آباد شهر جا اهڃاڻ اڄ به سڪرنڊ شهر ۾ هڪ مٿانهين دڙي تي اڏيل شهر ۾ موجود آهن. جيڪو اڄ به پراڻو سڪرنڊ جي نالي سان سڏجي ٿو. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 216)



    هڪ اندازي موجب هي قلعو 50 کان 60 ايڪڙن جي پکيڙ ۾ رهيو هوندو. (صفحو 217)



    اڄ به هن مٿانهين شهر ۾ بيهي ڏسبو ته ڏکڻ ۾ شڪر ڍنڍ جا آثار اڀرندي پاسي انگريزن جي دور ۾ اڏيل نئون شهر نظر ايندو (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 217-218)



    سنڌ جي معروف عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالرسول قادري پنهنجي مقالعي شڪر ڍنڍ کان سڪرنڊ تائين ۾ لکي ٿو ته:



    سڪرنڊ شهر جو اصل ماڳ ميرن واري قلعي فتح آباد وارو ڀائنجي ٿو ڇاڪاڻ ته قلعي برباد ٿيڻ کان پوءِ شڪر ڍنڍ لڳ اتر پاسي ڦٽل قلعي جي مٿانهين دڙي تي ماڻهن جي رهائش هئي انهيءَ مٿانهين دڙي کي اڄ به عام ماڻهو پراڻو سڪرنڊ سڏين ٿا (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 106)



    نوجوان ليکڪ خادم حسين چانڊيو پڻ پنهنجي ڪتاب “نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين” ۾ ساڳيون ڳالهيون ورجائيندي لکيو آهي ته موجوده شهر سڪرنڊ جي ڀر ۾ قديم زماني کان هڪ ڍنڍ هوندي هئي. مير فتح خان ٽالپر هن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ قلعو جوڙيو هو ۽ ڍنڍ جي وچ ٻيٽ ۾ هڪ شاندار ماڙي ٺهرائي هئي. (صفحو 377)



    هن شهر تي نالو ان ڍنڍ جي نسبت سان پهريائين شڪر ڍنڍ ۽ پوءِ بگڙجي سڪرنڊ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. (صفحو 378)



    ٽالپرن جي دور ۾ آباد ٿيل شهر ۽ قلعي واري جاءِ کي هاڻي پراڻو سڪرنڊ چون ٿا جيڪو محرابپور روڊ جي نزديڪ هڪ مٿانهين دڙي تي موجود آهي (ڪتاب: نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين، صفحو 379)



    ليکڪ ڊاڪٽر غلام سرور خاصخيلي درياهي وهڪرن تي “ضلع شهيد بينظير آباد جا برباد ٿيل شهر ۽ ڳوٺ” جي عنوان سان مقالو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ پڻ هي صاحب غلط فهميءَ جو شڪار ٿيندي لکي ٿو ته “فتح آبا جو قلعو جيڪو مير فتح علي خان ٽالپر جوڙايو هو درياهي ٻوڏ جي ڪري برباد ٿي ويو. جيڪو هاڻي پراڻي سڪرنڊ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيڪو ٻئي شهر کان 15 فوٽ مٿي آهي”. (ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 221)



    سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو “سڪرنڊ شهر تاريخ جي روشنيءَ ۾” مقالو تيار ڪندي لکي ٿو ته ٽالپرن جي دور ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي طرفان فتح آباد واري قلعي ۽ فتح آباد شهر تعمير ڪرائڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ هن شهر کي فتح آباد سڏيو ويو پر جيئن ته مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي قول مطابق هيءَ ڍنڍ شڪر ڍنڍ يعني مٺي پاڻيءَ واري ڍنڍ سڏجڻ آئي ۽ اڳتي هلي عام ماڻهو ان شهر کي شڪر ڍنڍ وارو شهر يا بستي سڏيو ائين “ش” جي بجاءِ “س” ۽ پهرين “ڍ” کي حذب ڪري آخري “ڍ” جي جاءِ تي “ڊ” کي قائم رکندي شهر کي سڪرنڊ سڏڻ شروع ڪيو. جيڪو اصل ۾ غلط العوام لفظ آهي. اهڙيءَ طرح فتح آباد وارو نالو پڻ آهستي آهستي ٿي هميشه لاءِ مٽجي ويو. ( ڪتاب: شهيد بينظير آباد محققن جي نظر ۾، صفحو 89)



    سنڌ جي ناليواري ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب “سکر سيئي ڏينهن” جي صفحي 333 تي لکيو آهي ته سڪرنڊ جي ڀرسان جا شڪر ڍنڍ آهي جنهن تان غالبن شهر کي سڪرنڊ جو نالو مليو آهي، ان جو بغور مطالعو ڪيم هن ڍنڍ جي ڪناري تي سنڌ جي مير حڪمران جي وقت ۾ هڪ عاليشان بنگلو ٺهيل هوندو هو. جتي سنڌ جا حاڪم تفريح طبع لاءِ هر سال هڪ دفعو ايندا هئا ۽ ڪجهه وقت اچي قيام ڪندا هئا. ڍنڍ جي ارد گرد ميربحرن جا گهر هوندا هئا ۽ اڃا به آهن. هتي تمام گهڻي انداز ۾ پٻڻ، بيهه، لوڙهه ۽ پست جون ڏوڏيون ٿينديون هيون جن تي ميربحرن جو گذران هو. ان کان سواءِ مڇي به تمام اعليٰ قسم جي ٿيندي هئي. مگر بئراج کان پوءِ هن ڍنڍ کي پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويو ۽ هاڻي ڍنڍ جي پيٽ ۾ ۽ ڪنارن سان فقط ربيع جو فصل ٿئي ٿو. (ڪتاب: محمد اسماعيل عرساڻي، سکر سي ئي ڏينهن، صفحو 333، ڇاپو پهريون 1975، ڪتابي دنيا حيدرآباد، سنڌ)



    عرساڻي صاحب به تليءَ واري ڍنڍ جو نظارو بيان ڪندي ان کي “شڪر ڍنڍ” سڏيو آهي. عرساڻي صاحب جي چواڻي ته “بئراج کانپوءِ هن ڍنڍ کي پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويو واري ڳالهه مان واضح آهي ته هن ڍنڍ کي موجوده درياهه مان پاڻي ملندو هيو.”



    ائين ساڳين ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ سواءِ تحقيق ۽ مشاهدي جي اسان ڄڻ ته تحقيق جي دروازي کي ڪُنڍي ڏئي ٿا ڇڏيون. هتي مختلف محققن جا شڪر ڍنڍ ۽ فتح آباد قلعي بابت پيش ڪيل خيالن کي جيئن جو تيئن ڏيڻ جو مقصد آهي ته هنن سڀني قديم شهر سڪرنڊ واري دڙائين يعني مٿانهينءَ واري حصي کي فتح آباد جو قلعو ۽ سڪرنڊ شهر جي بلڪل ڏکڻ اولهه کان لاڳيتو ڍوري ۽ هيٺانهينءَ کي شڪر ڍنڍ ڪري سڏيو ويو آهي. جڏهن ته اها ڍنڍ موجوده وقت ۾ وهندڙ درياهه سان تعلق رکندي هئي. جڏهن ته شڪر ڍنڍ درياهه جي اتر اوڀر واري قديم وهڪري هاڪڙي سان تعلق رکندڙ هئي.



    اهڙيءَ طرح سڪرنڊ جي مقامي اديبن جا مقالا ۽ مضمون پڙهڻ کان پوءِ مون سڪرنڊ جي اولهه پاسي لاڳيتي تلي ڍنڍ واري ڍوري ۾ نه رڳو ميرن جي ٺهرايل محلات جي ڳولا ڪئي پر جن ملاحن هن ڍنڍ جو عروج ۽ زوال اکين سان ڏٺو انهن جهونڙن کان به معلومات ورتي جن جو چوڻ ته سڪرنڊ هڪ قديم نالو آهي ۽ هيءَ ڍنڍ تليءَ ۽ مياڻيءَ واري ڍنڍ سڏبي هئي. هن ڍنڍ ۾ اسان ٻيڙيون هلايون پر هتي اهڙو محل ۽ ڪنهن جاءِ جا ڦٽل نشان ڪو نه ڏٺا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وزير حسين جلباڻي

    وزير حسين جلباڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا مان مٿي ڏنل هڪ ڳاله تي منڌل آهيان مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل جام تماچي جي اها مزار جنهن جي لاء چيو وڃي ٿو ته اهي نوري جام تماچي ڪينجهر تي دفن ٿيل آهن سچ ڇا آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو